رانديون

شاداب شادي کانپو مون کي زن مريد سڏيندو هو: حسن علي

ڪراچي: اسلام آباد يونائيٽڊ جي رانديگر حسن علي جو چوڻ آهي ته شاداب خان شادي کانپوءِ کيس تنگ ڪندو هو ۽ زن مريد سڏيندو هو. نجي ٽي وي سان ڳالهه ٻولهه دوران حسن علي چيو ته شاداب شادي کانپوءِ مون کي گهڻو تنگ ڪندو هو ۽ هاڻي مان شاداب کي تنگ ڪندو آهيان، هن چيو ته منهنجي شادي کانپو شاداب مون کي زن مريد سڏيندو هو ۽ هاڻي مان به کيس زن مريد ئي سڏيندس. پي ايس ايل 8 بابت ڳالهائيندي حسن علي چيو ته پي ايس ايل اسان جو برانڊ آهي جنهن لاءِ سمورا رانديگر ڏاڍا پرجوش آهن. انفرادي طور تي گذريل ڪجهه مهينن ۾ منهنجي پرفارمنس سٺي ناهي رهي، ان ڪري هاڻي پي ايس ايل منهنجي لاءِ بهترين موقعو آهي ته مان پرفارم ڪريان ۽ ماڻهن کي ٻڌايان ته ٽائيگر اڃا زنده آهي، منهنجو مقصد آهي ته وائيٽ بال جي پرفارمنس ڏيان ۽ ڪرڪيٽ ۾ واپس اچان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button