رانديون

بابر اعظم ۽ ٽيل اينڊر کي بالنگ ڪرڻ هڪجهڙي آهي: محمد عامر

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر ۽ ڪراچي ڪنگز جي نمائندگي ڪندڙ محمد عامر جو چوڻ آهي ته بابر اعظم ۽ ٽيل اينڊر کي بالنگ ڪرڻ سندس لاءِ هڪ جهڙي آهي. نجي ٽي وي کي انٽرويو دوران محمد عامر کان سوال ڪيو ويو ته سوشل ميڊيا تي چيو پيو وڃي ته پشاور ۽ ڪراچي وچ ۾ ميچ بابر بمقابلا عامر هوندو، ڇا اهو سچ آهي؟ جواب ۾ محمد عامر چيو ته منهنجو ڪنهن سان ڪو مقابلو ناهي، منهنجي لاءِ بابر به ائين آهي جيئن ٽيل اينڊر کيڏي رهيو آهي، منهنجو ڪم ٽيم لاءِ وڪيٽون وٺڻ آهي. عامر وڌيڪ چيو ته پوءِ بابر وڪيٽ تي بيٺو هجي يا 10 نمبر تي بيٽنگ ڪري، مون کي ٽيم لاءِ وڪيٽون وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي، مان ويلنٽائن جا گل نه ڏيندس، ان ڪري ڪوشش ڪندس ته ميچ کٽان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button