رانديون

شاهنواز ڏاهاڻي زخمي، پي ايس ايل 8 مان ٻاهر ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي: ملتان سلطانز جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي جو ايڇ بي ايل پي ايس ايل 8 مان ٻاهر ٿيڻ جو امڪان آهي. ملتان سلطانز جي ترجمان موجب ڏاهاڻي جي ساڄي هٿ جي آڱر فريڪچر ٿي وئي آهي، سندس آڱر لاهور قلندرز جي سڪندر رضا جي شارٽ سبب فريڪچر ٿي. ملتان سلطانز جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته شاهنواز ڏاهاڻي جي متبادل رانديگر لاءِ صلاح مشورا جاري آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته شاهنواز ڏاهاڻي جي جاءِ تي ويسٽ انڊيز جي ڪارلوس بريٿ ويٽ کي شامل ڪري سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button