20هين صدي ۾ ٻين عالمي جنگ جي پڄاڻي تائين هلندڙ ادبي تحريڪ کي جديديت (modernism) سڏجي ٿو، جنهن جا ڪجهه مک جز ويڳاڻپ، بيزاري، اخلاقيات کان پاسو، فرد جي آزادي، سڃاڻپ جو بحران ۽ خودڪشيءَ جو رومانس مک طور ادب جو حصو بڻيا. انهيءَ ادب کي انسان جي جديد حساسيت پڻ چيو ويو، جنهن گهڻي ڀاڱي ان ڳالهه جا بنياد وڌا ته نئون يا جديد انسان ڪيئن هجڻ گهرجي. اهڙي قسم جي ادب مان احساس ٿيو ته انسان کي پنهنجي مرضي جو مالڪ هجڻ گهرجي ۽ اهو به ته اجايا قانون، نظريا ۽ فڪر انهن سڀني جو مقصد ڪنهن نه ڪنهن نموني انسان کي غلام بڻائڻ آهي. ان قسم جي ادب کي پڙهندي اها ڄاڻ به ملي ته ڪنهن ماڻهوءَ جي الڳ ٿلڳ ورتا کي سمجهڻ بدران اهو اڪثريت لا برداشت کان ٻاهر ٿي ويندو آهي ۽ ويتر پيو ڀوڳيندو آهي ۽ هر وقت پاڻ کي قيد ۾ پيو ڀائيندو آهي، اهڙن ماڻهن لا زندگي پيرن ۾ پيل زنجير يا سيسفس جيان ڪلهن تي رکيل ڪو ڳرو پٿر ٿي پوندي آهي، اهي هر پل ان کان آجهاپي جي جدوجهد ۾ لڳل هوندا آهن.
جديديت وارن ليکڪن حقيقت نگاري وارن ليکڪن کان الڳ سڃاڻپ ٺاهڻ لا ڪيترا ئي نوان تجربا ڪيا. www.scripted.com جي هڪ مضمون “Modernism in literature as a genre” موجب “جديديت ادبي صنف طور لڳ ڀڳ 1914ع کان ٻين عالمي جنگ تائين هلي، اها حقيقت نگار کان بيزاري ڏيکاريندي شروع ڪئي وئي.”
حقيقت نگاريءَ جي حوالي سان منهنجو خيال اهو آهي ته حقيقت نگاري صحافت جو حرامي ٻار آهي، جنهن کي انگريزي ۾ کڻي چئجي: “Realism is the bastard child of journalism.” مٿي ذڪر ڪيل مضمون موجب جديديت وارن ليکڪن جو خيال هو ته حقيقت نگاري آرٽسٽڪ انداز وڃائي ويهي رهي آهي. ان حوالي سان هنن ڪجهه اهم شين تي نت نئين انداز ۾ تجربا ڪيا، جهڙوڪ وقت ۽ نقطه نظر. جديديت واري ادب ۾ گهڻو ڪري وقت غيرمعمولي ۽ وڏي اهميت وارو هوندو آهي، ڪيترن ئي جديديت جي ليکڪن وقت کي علامت طور يا نفسياتي پاسن کان پنهنجي ڪهاڻين ۾ پيش ڪيو. انهن واقعن جي ترتيبي يا سلسلي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. ان جو بهترين مثال ورجينا وولف جي ناول “ٽو دي لائيٽ هائوس” جي هڪ باب جنهن جو عنوان “ٽائيم پاسز” آهي، هن باب ۾ ڏهه سال ڪجهه ئي صفحن ۾ اڏامي وڃن ٿا.
اهڙي ريت جديديت وارن ليکڪن نقطه نظر جي حوالي سان پڻ نواڻ آندي انهي کان اڳ رڳو ضمير غائب جي نقطه نظر کان ڪهاڻي ٻڌائي ويندي هئي، پر جديديت وارا ليکڪ ضمير متڪلم جي نقطه نظر سان ڪهاڻيون بيان ڪرڻ لڳا. ان کانسواءِ stream of consciousness, Dadais ۽ surrealism جهڙا تجربا به ٿيڻ لڳا.
ان حوالي سان شبير نظاماڻيءَ جي ڪهاڻين جي پهرين ڪتاب “آخري ناچ” جيڪو ڪنول پبليڪشن، سن 2023ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي، ۾ ڏنل 15 ڪهاڻين مان پنج ڪهاڻيون “اُٺ جي ڳولا”، “ويڳاڻو روح”، “اڪيلو ماڻهو”، “ڊسٽ بن” ۽ “ڦيري” پڙهي اهو احساس ٿئي ٿو ته انهن ۾ ادب جي جديديت واري ڌارا جا اڪثر جُز موجود آهن.
اُٺ جي ڳولا: ترتيب جي حوالي سان هي چوٿون نمبر ڪهاڻي آهي، جنهن جو مک ڪردار قادر نالي همراهه آهي، جيڪو سڃاڻپ جي بحران جو شڪار آهي، ان جو احساس ڪهاڻيءَ جي شروعاتي سٽ پڙهي ٿئي ٿو: “چوڪيدار جي جملي تي هن پاڻ کي اجنبي محسوس ڪيو ۽ هن کي لڳو ته هو اهو ناهي جنهن کي چوڪيدار سڃاتو آهي، پر هو اهو آهي جنهن کي چوڪيدار سڃاتو ناهي. هو سڃاڻ، اڻ سڃاڻ ۽ اڻ تڻ ۾ وکون وڌائيندو، هٿ مهٽيندو، وات منجهان هوا ڪڍندو، چاڙهيون چڙهڻ لڳو.”
سڃاڻپ جي بحران جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، نفسياتي ماهرن موجب سڃاڻپ جو بحران ڪنهن ماڻهوءَ جي نجي زندگي ۾ اهڙو وقت هوندو آهي جنهن ۾ هو پنهنجي ذات جي حوالي سان ڪيترن ئي مونجهارن ۾ وڪوڙيل هوندو آهي، ان دوران ماڻهو پاڻ کي غيرمحفوظ ڀائيندو آهي ۽ اهو بحران نجي زندگيءَ ۾ ڪنهن اوچتي آيل بدلا جي ڪري پيدا ٿي پوندو آهي. اهو ويساهه جي ٽٽڻ، گناهه جي احساس، ۽ احساس جي ڪمتريءَ جي ڪري پيدا ٿيندو آهي.
ان کانپو قادر جي ڪردار جي وڌيڪ سمجهاڻي ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته هن کي لفٽ ۾ چڙهڻ کان ڀئو ٿيندو هو ۽ هن کي لڳندو هو ته لفٽ ۾ چڙهڻ سان هن جو ساهه ٻوساٽجي ويندو، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته سڃاڻپ جي بحران سان گڏ قادر جو ڪردار فوبيا جو به شڪار آهي. فوبيا ننڍپڻ ۾ ٿيل ڪنهن اڻ وڻندڙ حادثي جي ڪري پيدا ٿي پوندي آهي ۽ پو سڄي ڄمار انسان جي لاشعور جو حصو رهندي آهي. ان جو بهترين مثال اسان کي ڊين برائون جي رابرٽ لينگڊن سيريز ۾ به پڙهڻ لا ملي ٿو جنهن جو مک ڪردار رابرٽ لينگڊن ٻالڪپڻ ۾ هڪ کوهه ۾ ڪري پئي ٿو ۽ پو هو سڄي ڄمار لفٽ ۾ چڙهڻ يا ان قسم جي سوڙهي جاين ۾ وڃڻ کان ڊڄندو رهي ٿو.
ان کانپو قادر کي روز لهندي ۽ چڙهندي ڏاڪا کڻڻ جي به عادت آهي ۽ ڪيترن ئي ڏينهن کان هن جي ذهن ۾ اُٺ ڦري رهيو آهي، هن کي اُٺ نظر نٿو اچي ۽ هو ان کي ڳولڻ لڳي وڃي ٿو ۽ ان لا پريشان به ٿئي ٿو. هن ڪهاڻي ۾ اُٺ علامتي آهي. اصل ۾ سٺ جي ڏهاڪي پهتل قادر پاڻ کي ايترو ته اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳي ٿو جو هو پنهنجي ئي ڳولا ۾ لڳي وڃي ٿو ۽ ظاهر اهو ڪري رهيو آهي ته هو ڪنهن اُٺ کي ڳولي رهيو آهي، پر اها ڳولا ڪندي ڪندي نيٺ هڪ ڏينهن هو مري وڃي ٿو. جنهن مان هن جي سڃاڻپ واري بحران جو اندازو ٿئي ٿو، هر ماڻهو کي پنهنجي اصليت جي ئي ڳولا آهي ۽ ان کي هٿ ڪرڻ لا هو وڃائجي ويل شين کي ڳوليندو رهي ٿو، اهو عمل ايتري هلي ٿو جيئري تائين هو جيئرو آهي.
ويڳاڻو روح: هن مختصر ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪجهه هن نموني ڪيل آهي “خودڪشي ڪرڻ بعد هي پنهنجو لاش ايئن ئي ڇڏي بند ٿيل دروازي مان ٻاهر نڪري آيو. ڪمري مان نڪري هي ورانڊي ۾ پهتو. اتي ڪير به نه هو.” هي ڪهاڻي به ويڳاڻپ جي احساسن سان ڀريل آهي، هڪ ماڻهو جي اڪيلائي جو احوال ٿي ٻڌائي. هن ڪهاڻيءَ جو ٻيو اهم جز خودڪشي آهي، پر اها خودڪشي جي رومانس کي ظاهر نٿي ڪري، جيئن ڪيترن جديديت وارين ڪهاڻين ۾ پڙهڻ لا مليو آهي، ان جو مطلب جڏهن ماڻهو ان حد تائين پهچي وڃي جو چوڻ لڳي ته هي منهنجي زندگي آهي، ان تي پوري جو پورو اختيار منهنجو آهي ۽ جڏهن منهنجي دل ڪندي مان ان جو انت آڻيندس، مرڻ جو طريقو ۽ وقت مان پاڻ ئي طئي ڪندس، اهڙي احساس کي خودڪشيءَ جو رومانس سڏيو ويو آهي، پر ان جي ڀيٽ ۾ هن ڪهاڻيءَ جو ڪردار ايئن نٿو ڪري هو پنهنجي زندگي مان بيزار ٿي خودڪشي ڪري ٿو. زال ۽ پٽ جو گهران نڪري وڃڻ ڪٿي نه ڪٿي هن کي اندران ئي اندران کاٽ هڻندو رهي ٿو ۽ هو پنهنجو انت آڻي ڇڏي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جي شروعات سرريلسٽڪ انداز ۾ ٿيل آهي. ان ۾ هڪ روح جي ويڳاڻپ ڏيکاريل آهي، روح پنهنجي ما جي پيرن کي هٿ هڻڻ گهري ٿو، پنهنجي پٽ کي ڀاڪر ۾ ڀرڻ گهري ٿو، پر جيئن ته هو جسم جي قيد مان آزاد ٿي چڪو آهي، ان ڪري اهو سڀ نٿو ڪري سگهي ۽ پاڻ اهو احساس به کڻي هلي ٿو ته هو ان گهر ۾ ئي ويڳاڻو ٿي ويو آهي جيڪو ڪڏهن هن جو هو.
اڪيلو ماڻهو: هي ڪتاب جي جديديت جي حوالي سان سڀ کان اهم ڪهاڻي آهي، هن ڪهاڻيءَ جو مرڪزي خيال به فرد جي اڪيلائي آهي ۽ ان جي ڪردار ۾ پيدا ٿيل نفيساتي مونجهارا آهن، هن ڪهاڻي جو سڀ کان وڏو ڪمال اهو آهي ته هر جملي ۽ پيراگراف سان ويتر تجسس وڌندو وڃي ٿو، ڪمري ۾ ويٺل اڪيلو ماڻهو، بجلي هلي ٿي وڃي، موبائيل جي بيٽري به لو ٿي وڃينس ٿي، ڇا ڪري، بيزاريءَ جو هڪ عالم، هو ڪيترن ڏينهن رڳو فون تي ڳالهيندو رهيو آهي، من اندر ۾ اٿل ڦٿل ۽ پو سوچون، هو سمهي ٿو ته خواب ڏسي ٿو، خوابن جو سلسلو تڪڙو تڪڙو آهي ۽ جڏهن اٿي منهن ڌوئڻ لڳي ٿو ته هن کي پنهنجو منهن چٻري جهڙو لڳي ٿو. هي ڪهاڻي جديديت ۾ ڪافڪائين اسٽائيل جو بهترين نمونو آهي.
اسان وڏي وقت سنڌي ادب ۾ نئين متن جي ڳالهه ڪندا پيا اچون، ان مان مراد اها آهي ته سنڌي ادب کي ان روايتي ڪهاڻيءَ مان ڪڍي اچجي ۽ نئين انسان جي ڳالهه ڪجي، جيڪو ئي هڪ نئون سماج اڏي سگهي ٿو، جنهن جا بنياد ڪنهن اجائي نظريي بدران سائنسي سوچ، منطق ۽ دليل تي رکيل هجن. جڏهن شبير نظاماڻيءَ جي هنن ڪهاڻين کي پڙهجي ٿو ته احساس ٿئي ٿو ته سندس لکيل هي ڪهاڻيون ان ڏسا ۾ کنيل وک ئي آهن. هنن ڪهاڻين جي جيتري سادي ۽ سهڻي ٻولي آهي، انهي ۾ ايترا ئي وڏا خيال ۽ احساس سمايل آهن، هي ڪهاڻيون ڪٿي ڪٿي اسان کي کلائين به ٿيون ته ڪٿي ڪٿي روئاڙي به وڃن ٿيون ۽ انهي سان گڏ اسان کي ان تي به سوچڻ لا مجبور ٿيون ڪن ته اهي ڪهڙا سبب آهن جو انهن ڪهاڻين جا ڪردار ايئن ويڳاڻپ ۽ ٻين نفسياتي مونجهارن جي ور چڙهي ويا آهن. هي ڪهاڻيون اسان جي دور جون نمائندا ڪهاڻيون آهن ۽ اميد ڪجي ٿي ته شبير نظاماڻي اڳتي به اسان کي اهڙيون شاندار ڪهاڻيون پڙهائيندو رهندو ۽ make-believe جي حيرتن سان ڀريل ان پراسرار دنيا ۾ وٺي ويندو جنهن کي افسانوي دنيا چئجي ٿو.