ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ مان اسمگل ٿيندڙ ڪڻڪ

Editorial

سنڌ حڪومت جڏهن سستي اٽي جا اسٽال لڳايا ته ماڻهن کي شروعاتي ڏينهن ۾ 10 ڪلو اٽو 65 رپيا في ڪلو جي حساب سان ملي رهيو هو پر سرڪاري اٽي جا اسٽال بنهه ٿورا هئا. ان کان پوءِ اهو اٽو به مهانگو ٿي ويو ۽ نيٺ اهي اسٽال به ختم ٿي ويا. نتيجي ۾ اڄ عوام مهانگو اٽو وٺڻ تي مجبور ٿي ويو آهي پر حڪومت کي ان ڳالهه جي پرواهه ناهي ته ڪڻڪ اپائيندڙ ۽ زرعي حوالي سان سڃاڻپ رکندڙ ملڪ مان اٽو غائب ٿي رهيو آهي ۽ مٿان وري ڪڻڪ اسمگل پڻ ٿي رهي آهي. جنهن ڪري سنڌ جي ماڻهن لاءِ پريشاني وڌي وئي آهي، سنڌ ۾ جتي اڳ ئي اٽي جو بحران لڳو پيو آهي يا ڪڻڪ جو اگهه ايترو ته وڌايو ويو آهي جو ماڻهو اٽو وٺڻ کان به محروم لڳا پيا آهن. جنهن ڪڻڪ سان سنڌ جي ماڻهن جون ضرورتون پوريون ڪونه پيون ٿين، اها جڏهن اسمگل ڪئي وڃي ٿي ته ان سان سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ واسين جو ئي ٿي رهيو آهي. تنهنڪري وقفي وقفي سان ڪڻڪ جون ٽرڪون بلوچستان ۽ ٻين علائقن ۾ اسمگل ٿي رهيون آهن. حڪومت جو ارادو ڪڻڪ ۽ اٽو سستو ڪرڻ جو ته ڪونه لڳي رهيو آهي پر گهٽ ۾ گهٽ اها سنڌ مان اسمگل ٿيندڙ ڪڻڪ کي روڪي سگهي ٿي. ان ۾ اهي ئي ماڻهو ملوث آهن، جيڪي ڪڻڪ ذخيرو ڪندا رهيا آهن يا جن جي ڪري اٽو مهانگو ٿي ويو آهي. ڪالهه به هڪ اهڙي ئي خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن موجب جيڪب آباد مان ڪڻڪ بلوچستان اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي آهي.

جيڪب آباد مان بلوچستان ڪڻڪ اسمگلنگ ڪرڻ جي ڪوشش کي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن ناڪام بڻائي ڇڏي آهي. ڪڻڪ جي 600 ٻورين سان ڀريل 2 ٽرڪون پڪڙي ورتيون. خبر موجب جيڪب آباد مان خوراڪ کاتي جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان بلوچستان ڪڻڪ اسمگلنگ ٿيڻ جو عمل روڪجي نه سگهيو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ڪڻڪ جي 600 ٻورين سان ڀريل 2 ٽرڪون پڪڙي اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ته صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي والد بابل جکراڻي جي فلور مل مان ڪڻڪ سان ڀريل 2 ٽرڪون بلوچستان جي علائقي ڊيرا مراد جمالي وڃي رهيون هيون ته ڳوٺ احمد ميان سومرو ڀرسان اهلڪارن ڪارروائي ڪري پڪڙي ورتيون. جيڪب آباد رستي ڪڻڪ اسمگلنگ ٿيڻ جو 15 ڏينهن اڳ سيڪريٽري خوراڪ نوٽيس وٺي ڊي ايف سي قاضي رفيق ۽ فوڊ سپروائيزر غلام مصطفيٰ انڙ کي معطل ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته فوڊ سپروائيزر غلام مصطفيٰ انڙ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري ٻيهر پاڻ کي بحال ڪرائي مقرري ڪرايو آهي، جنهن کانپوءِ ٻيهر ڪڻڪ جي بلوچستان رستي افغانستان اسمگلنگ ٿيڻ جو عمل شروع ٿي ويو آھي. ان سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر ڀيشم داس رابطو ڪرڻ تي پهرين اهو ٻڌايو ته مون کي اها خبر ناهي ته 2 ٽرڪون پڪڙيون ويون آهن، ان معاملي جو جاچ ڪرايان ٿو پر ٿوري دير کان پوءِ ڊي ايف سي ڪال ڪري ٻڌايو ته خوراڪ کاتي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل ڪارروائي دوران ڪڻڪ بلوچستان اسمگلنگ ٿيڻ کي ناڪام بڻايو ويو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هن وقت سڄي سنڌ ۾ ماڻهو هڪ پاسي مهانگائي سبب پريشان لڳا پيا آهن ۽ ٻئي پاسي اهي مهانگي اٽي جي ڪري لوڙي رهيا آهن. تنهنڪري سنڌ جي جن شهرن مان ڪڻڪ ٻين صوبن ڏانهن اسمگل ٿي رهي آهي، ان کي روڪڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ ان کان سواءِ جيڪي ماڻهو ان اسمگلنگ ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي. فلور ملن کي جيڪا ڪڻڪ فراهم ڪئي وئي آهي، ان ۾ وڏيون گهوٻيون سامهون اچي رهيون آهن، پر هيستائين ڪوبه کڙتيل نه نڪري سگهيو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي فلور ملن ۾ ڪڻڪ جي ڪوٽا وڌائي وڃي ۽ ٻين صوبن ڏانهن اسمگل ٿيندڙ ڪڻڪ وارو عمل روڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button