سنڌ

ايس يو پي جو مارچ روان دوان،پ پ حڪومت سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي:زين شاهه

سنڌ يونائٽيڊ پارٽي پاران ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي, بيروزگاري, ڪرپشن ۽ بدامني خلاف سکر کان نڪتل پيادل “سنڌ مارچ” جاڳرتا مهم قافلو لکي غلام شاهه پهتو. پيادل قافلي جي ڀرپور آجيان ڪري مٿن گلن جي ورکا ڪئي وئي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي، بيروزگاري، ڪرپشن ۽ بدامني خلاف سکر کان نڪتل پيادل “سنڌ مارچ“جهان خان کان ٿيندو قافلو لکي غلام شاهه پهتو. جتي قافلي جي شاندار آجيان ڪئي وئي. ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه، روشن ٻرڙو، امير علي ٿيٻو، امير حسين پنهور، جڳديش آهوجا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پهتل پيادل جاڳرتا مهم قافلي جي جي ڊي اي ايم پي اي محمد شهريار خان مهر ۽ ٻين گلن سان ورکا ڪئي. ان موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي حڪومت سنڌ کي سياسي، سماجي، معاشي توڙي آقتصادي طور تباهه ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ جو عوام گذريل 45 سالن کان موجوده حڪمرانن ۽ پارٽي کي ووٽ ڏيندو پيو اچي پر حڪمران سنڌ واسين کي اجھو، اٽو ۽ لٽو ماني ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ويا آهن، جنھن لا ھاڻي عوام کي سجاڳ ٿيڻو پوندو. ھوڏانھن جي ڊي اي ايم پي اي محمد شھريار خان مھر چيو ته ھاڻي عوام جي تقدير کي بدلائڻ لا عوام ۾ سجاڳي آڻبي ۽ موجود حڪمرانن کي سنڌ مان ووٽ ذريعي شڪست ڏياربي ۽ عوام کي هاڻي سٺن حڪمرانن جي چونڊ ڪرڻ گھرجي. جڏھن ته پيپلز پارٽي کان اڳ سنڌ اندر خوشحالي ھئي ۽ سنڌ سرسبز ھئي پر اڄ سنڌ جو سنڌ جي حڪمرانن حشر خراب ڪري ڇڏيو آھي ۽ سنڌ جو عوام مفلسي ۽ غربت واري زندگي گذاري رھيو آھي. ريلي لکي غلام شاهه کان ٿيندي دڙو ۾ رات ترسندي جتان کانپو ريلي دڙو کان ٻئي ڏينهن تي نئون ديرو کان ٿيندي مدئجي شهر ۾ ترسندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button