اھا ھڪ شرمناڪ شام ھئي. ھڪ اھڙي شام جنھن ۾ صرف شرمساري نھ ھئي پر ھڪ خوف بھ ھو. ھڪ دھشت بھ ھئي ۽ ھڪ درد بھ ھو!
ڪوئي ڇا محسوس ڪندو تھ اھا واٽ جنھن تان ھر ڏينھن گذرو ٿا. ھڪ رات اوھان لاءِ روڪي وڃي. اوھان کي پڇا ڪرڻ جي بھ ضرورت نھ پوي پر اوھان کي معلوم ھجي تھ شھر جي تمام اھم ماڳ تي قانون نافذ ڪندڙ فورس ۽ دھشتگردن جي وچ ۾ دوبدو جنگ ٿي رھي آھي. شايد اھڙي جنگ کي دوبدو جنگ بھ نھ چوڻ گھرجي. ڇو تھ دوبدو جنگ ان مھل ھوندي آھي، جڏھن قانون شڪن قوتن کي قانون روڪي ۽ جنھن جاءِ تي روڪي ان ھنڌ تي مقابلو ٿي پوي. پر اھو ڪجھھ ائين نھ ھو. ان واقعي ۾ تھ قانون شڪن قوتن شھر جي پوليس جي مرڪزي آفيس ۾ بم ھڻي داخل ٿيڻ جو رستو ٺاھيو ھو ۽ ان تي قبضو ڪري ورتو ھو. ان وقت قانون جا رکوالا ۽ اسان جي محافظ پاڻ غيرمحفوظ ھئا. ان وقت نھ صرف اسان جي پر مجموعي طور تي پوري شھر جي ڪھڙي ڪيفيت ھوندي؟ اوھان ڇڏي ڏيو تھ ڪھڙي ٻوليءَ واري ڇا سوچيو؟ ڇو تھ ان مھل جيڪو بھ شخص پنھنجي خاندان سان رھي ٿو، اھو خير ۽ امن چاھي ٿو. جنگ جي ميدان ۾ ڪير رھڻ چاھيندو؟
جنگ جي ميدان ۾ ڪير بھ رھڻ نھ ٿو چاھي سگھي پر رھڻو پوي ٿو. ڇو تھ اسان جو ملڪ ھاڻي امن امان جي حوالي سان قانون نافذ ڪرڻ وارن جي ڪنٽرول ۾ ناھي پر اھو قانون شڪن قوتن جي رحم ڪرم تي آھي. اسان جيڪڏھن ڪجھھ ڏينھن امن ۾ گذاريا تھ اھا انھن جي مرضي ھئي. جڏھن انھن انڪار ڪيو تھ ھاڻي اسان کي امن ۾ رھڻ جو حق حاصل ناھي تھ ڇا ٿيو؟ اوھان پاڻ ڏٺو تھ ڇا ٿيو! پشاور ۾ پوليس لائن ۾ داخل ٿي مسجد ۾ بم ڌماڪو ڪيو ويو ۽ اھو بھ ايترو تھ شديد ڪيو ويو جو ھڪ سئو کان وڌيڪ انسان اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ انھن جو حال اھڙو ھو جو ڌماڪي کان پوءِ پشاور جي سڙڪن تي اسان کي باقي بچيل پوليس اھلڪار احتجاج ڪندا نظر آيا. ھو حڪومت ۽ رياست کان پنھنجي تحفظ جو حق گھري رھيا ھئا. اھو ھڪ تمام وڏو الميو آھي تھ جڏھن محافظ غير محفوظ ٿي وڃن ۽ جڏھن انھن کي چيو وڃي تھ اسان کي بچايو تھ ھو موٽ ۾ اھو جملو چون، جيڪو سوشل ميڊيا تي ھڪ فارمي ليڊر چيو ھو تھ ”اسان پاڻ کي بچايون يا اوھان کي بچايون؟“
ھن وقت اسان جي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جو حال اھو ئي آھي. واقعي بھ تھ اھو ھڪ برو حشر ٿي ويو آھي اسان جي سھڻي سيبتي سماج جو! اسان جي معاشري ۾ محافظ سڀ کان اڳ ۾ خوف جو شڪار آھن. ڇو تھ ھن وقت دھشتگردن جي نشاني تي ھو آھن. جڏھن بھ ڪا دھشتگرد قوت پنھنجي پلاننگ ڪندي آھي، تڏھن ھن جي ڪوشش اھا ھوندي آھي تھ ھوءَ مخالف جا مورچا تباھه ۽ برباد ڪري. ھي اسان جا ادار آهن جن جا اھلڪار ورديون پائي ۽ بندقون لھرائي ھلندا آھن، اھي اسان جا مورچا ئي تھ آھن ۽ انھن اسان جي مورچن تي ان ڪري حملا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي جو ھو اسان کي محسوس ڪرائڻ ٿا چاھين تھ اسان انھن جي رحم ڪرم تي آھيون. ھو اسان جي معاشري جي قانوني محافظن کي نشانو بڻائي پوري ملڪ جي عوام کي اھو پيغام ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن تھ اسان جي باري ۾ آخري فيصلو ھو ڪندا. انھن جي مرضي ھوندي تھ اسان کي امن ملندو ۽ انھن جي مرضي نھ ھوندي تھ اسان کي ڪنھن بھ صورت ۾ امن ملي نھ ٿو سگھي. معاشري جو امن ۽ چين انھن جي مرضيءَ جو محتاج آھي. ان حوالي سان اسان جو پورو معاشرو اڄ انھن يرغمال ڪري ورتو آھي. اسان جي حڪومت ڪجھھ بھ چوي. ڪجھھ بھ چوي وفاقي حڪومت ۽ ڪجھھ بھ چوي سنڌ سرڪار پر اھا سچائي پنھنجي جاءِ تي موجود رھندي تھ انھن جنھن طرح سان پھرين پشاور ۽ پوءِ ڪراچيءَ جھڙي اھم ۽ تمام وڏي شھر جي پوليس آفيس جي مٿان حملو ڪيو آھي تھ ان سان جيڪو پيغام بھ پيدا ٿيو آھي، اھو پيغام ھڪ حڪومت ۽ ھڪ رياست جي حوالي سان ڪنھن بھ طور تي مثبت چئي نھ ٿو سگھجي.
سنڌ حڪومت جي سرواڻ مراد شاھه چيو آھي تھ ھڪ وڏي واردات کي ناڪام ڪيو ويو آھي. ھو چوڻ جي لاءِ ڪجھھ بھ چئي سگھجي ٿو. اسان پنھنجن حڪمرانن جا وات بند ڪري نھ ٿا سگھون پر اھا حقيقت تھ اھا ناڪامي دھشتگردن جي ناھي پر اسان جي حڪومتن ۽ اسان جي ادارن جي آھي تھ دھشتگرد سموريون رڪاوٽون ٽوڙي پنھنجي مرضيءَ جي ٽارگيٽ تي پھچي ويا ۽ انھن ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ڪراچي پوليس جي مرڪزي دفتر تي پنھنجو قبضو قائم رکيو. اھو قبضو چئن بي گناھن ۽ ٽن دھشتگردن جي موت تي ختم ٿيو پر ان ڪارروائيءَ جو مقصد ڇا ھو؟ ان جو مقصد اھو ھو تھ ھو ڪجھھ بھ ڪري سگھن ٿا. دھشتگرد پنھنجي ان ڪارروائيءَ سان ڪراچيءَ جي شھرين کي اھو پيغام ڏئي چڪا آھن تھ جيڪڏھن ھو ڪراچيءَ جي پوليس جي مرڪزي آفيس ۾ داخل ٿي سگھن ٿا تھ پوءِ انھن جي لاءِ ڪنھن بھ شھريءَ جي گھر ۾ گھڙن ڪھڙو مسئلو آھي؟ جيڪڏھن ان سوال تي سوچيو وڃي تھ اسان شرمساريءَ ۽ ناڪاميءَ جي ڪھڙي حد تي بيٺل نظر اچون ٿا؟ جڏھن اسان کي امن فراھم ڪرڻ واري قوت پاڻ خوف ۾ مبتلا ھجي تھ اسان کي حوصلو ڪير ڏيندو؟
دنيا جو ڪو بھ شھر ان وقت ترقي يافتا محسوس ڪيو ويندو آھي، جڏھن ان ۾ قانون جي حڪمراني ھجي ۽ جڏھن ان جو ڪنٽرول قانون وٽ ھجي. پر ڪراچيءَ جي اھا بدقسمتي آھي تھ اھو شھر بظاھر تھ ملڪ جو سڀ کان گھڻو ترقي يافتا شھر قرار ڏنو وڃي ٿو پر حقيقت اھا آھي تھ ان شھر جي مٿان سدائين دھشت جي حڪمراني رھي آھي. ڪڏھن اھا دھشت لساني سياست کي چوٽ چاڙھي معصوم ماڻھن جو لھو وھائڻ وارن دھشتگردن پئي ڦھلائي ۽ اڄ اھي دھشتگرد پھاڙن تان آيل اھي ماڻھو آھن، جن ماڻھن شھر ۾ پنھنجي وجود جي گواھي بم ۽ بارود سان ڏسڻ چاھي آھي ۽ ان سلسلي ۾ ھن مھل تائين اسان جي حڪومت ۽ ھن جا ادارا اھو ڪجھھ نھ ڪري سگھيا آھن، جنھن کي ڏسي اھو چئي سگھجي تھ اسان انھن دھشتگردن جو مقابلو ڪرڻ جي قوت رکون ٿا. اھا دعويٰ تھ ان وقت ڪري سگھجي ٿي، جڏھن قانون نافذ ڪرڻ وارا انھن جي مورچن جي مٿان حملا ڪري انھن کي شھر مان لوڌي ڪڍن پر جڏھن ھو بم بارود کڻي پھچن ٿا ۽ ھو قانون نافذ ڪرڻ وارن جي آفيسن ۾ داخل ٿي دھشت ڦھلائن ٿا تھ ان وقت ڪيئن چئجي تھ ڪير ڪمزور آھي ۽ ڪير سگھارو آھي؟ ھن صورتحال ۾ تھ اسان کي پنھنجو قانون ڪمزور نظر اچي ٿو ۽ اسان خوف جھڙي احساس سان سوچڻ لڳون ٿا تھ ڇا اسان بھ ان طرف ڌڪجي رھيا آھيون، جنھن طرف دنيا جا خطرناڪ شھر ڌڪجي ويا؟ اھو تھ ھڪ وڏو صدمو ھوندو. اسان تصور بھ نھ ٿا ڪري سگھون تھ اسان ھڪ اھڙي شھر ۾ رھندا ھجون، جنھن شھر جا لکين ماڻھو گھرن کان ٻاھر ھجن ۽ انھن جا گھر ڀاتي بار بار انھن کي فونون ڪري ٻڌائيندا ھجن تھ شھر ۾ دھشتگرد ڪراچي پوليس جي ھيڊ آفيس تي حملو ڪري قابض ٿي ويٺا آھن ۽ مسلسل گولين جا آواز ۽ بمن جا ڌماڪا اسان پاڻ ميڊيا تي ٻڌي رھيا آھيون. جڏھن ڪنھن شھر ۾ اھڙي صورتحال پيدا ٿي پوي تھ اھو شھر ھر حوالي سان غيرمحفوظ تصور ڪيو ويندو آھي.
ھڪ وقت اھڙو بھ ھو، جڏھن افغانستان جي گاديءَ واري شھر ڪابل کي دنيا جو حسين، پرڪشش ۽ پرامن شھر سمجھيو ويندو ھو. پر ڏھاڪن کان وٺي ھاڻي اھو شھر دھشت جي علامت بڻيل آھي. اسان اھو ڪنھن بھ صورت ۾ برداشت نھ ڪري سگھنداسين تھ ڪراچيءَ جي مٿان اھڙيون آفتون ڪڙڪن جو ڪراچيءَ جو ذڪر بھ اھڙي انداز سان ڪيو وڃي، جنھن انداز سان ڪابل جو تذڪرو ڪيو ويندو آھي. اسان کي امن گھرجي!!