ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

جھڙي ڪمي ڪنوار ۾ تھڙي گھوٽيتن ۾

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان طرفان ھڪ ڊگھي عرصي کان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ اعليٰ عدالتن جي فيصلن ۽ حڪمن جي جنهن نموني ڀڃڪڙي ڪئي پيئي وڃي ان سان نه رڳو سندس پنهنجي ساک خراب ٿي رهي آهي پر ھن جماعت جا سينئر اڳواڻ، عدالت ۾ پيش ٿيندڙ وڪيل ۽ ڊاڪٽر پڻ عمران خان جي ڦڙتين گھڙتين جي ڪري ججن جي سوالن جا جواب ڏيڻ جي لائق نه ٿا رھن.
ھونئن ته حقيقت ۾ ملڪ جي 13 سياسي جماعتن جي حڪمران اتحاد پي ڊي ايم جا سمورا ليڊر ٻن صوبائي اسيمبلين يعني پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ رٿيل ننڍين چونڊن توڙي ملڪ جي عام چونڊن کان ظاھر ظھور لنوائين پيا، تنهن ڪري به پارليامينٽ اندر ويھي ڪري جيڪي سياسي تڪرار نبيري سگهجن ٿا، انهن کي اعليٰ عدالتن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏيڻ ھڪڙو عام رواجي فيشن بڻجي ويو آهي جنهن لاءِ سڀ ڌريون ذميوار آهن. وقت ثابت ڪيو آهي ته عمران خان سميت پاڪستان جا سڀ سياسي اڳواڻ پاڻ به ملڪ جي آئين جي ڪابه ڪاڻ ڪڍڻ لاءِ تيار نه آهن. ھنن سڀني جو اصول اھو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن مان جيڪو فيصلو ھنن جي حق ۾ اچي ان کي مڃين پر جڏهن به ڪو فيصلو يا حڪم سندن خلاف ٿئي ته ان کي پنهنجن بوٽن جي چھنب تي رکيو ٿا ڇڏين. عمران خان جي ڦرڻي گھرڻي عادت کي برداشت ڪري ڪري جج به ٿڪجي پيا آهن. شايد اھو ئي ڪارڻ آهي جو خميس ڏينهن لاهور ھائي ڪورٽ ۾ عمران خان جي وڪيل تي جسٽس طارق سليم شيخ ڏمرجي پيو ۽ کيس چئي ڏنائين ته عدالتن سان مذاق بند ڪيو ۽ اسان جو وقت نه وڃايو. جسٽس طارق سليم اھو به پڇيو ته،”عمران خان جي ٻن مختلف درخواستن تي سندس ھڪ جھڙي صحيح ھجڻ بدران ٻه ھڪ ٻئي کان مختلف صحيحون ڇو آهن؟ انھن ٻنھي مان ڪھڙي درخواست سچي آھي سو ھو پاڻ عدالت ۾ حاضر ٿي وضاحت ڪري.”
ان لاءِ ڊبل بئنچ جي ٻنهي ججن شام تائين ٽي دفعا ڪيس ھلائڻ بند ڪري مدعي جو بار بار انتظار ڪيو پر عمران خان پنهنجي عادت مطابق عدالت آڏو پيش نه ٿيو.
خميس تي لاھور ھاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي مھل جڏهن عمران خان جو علاج ڪندڙ ڊاڪٽر ۽ سندس وڪيل پنهنجي اصيل جي ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيڻ تي دليل ڏيندي، ابتا سبتا بھانا گھڙيا ته جسٽس طارق سليم کين چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن عمران پاڻ اچي وضاحت نه ڪندو ته سندس حلف نامي تي ڪيل صحيح اصلي آھي يا وڪالت نامي تي، ته پوءِ اسان سندس حفاظتي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏينداسين. ان کان پوءِ وڪيل ٽيون ڀيرو ٻن ڪلاڪن جي مھلت ورتي. شام جا ڇهه ٿي ويا ته جج صاحب پنهنجي قول مطابق عمران خان جي درخواست کي رجيڪٽ ڪري ڇڏيو. عدالت مان بڇڙا ٿي ٻاھر نڪرڻ مھل جڏهن ميڊيا جي نمائندن اظھر صديق نالي انھيءَ وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ھن اھو چئي جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊاڪٽرن عمران خان کي ھلڻ چلڻ جي اجازت اڃا نه ڏني آهي ۽ وڏي ڳالهه ته ھن کي موت جون ڌمڪيون مليل آهن تنهن ڪري سندس حياتي خطري ۾ آهي. اظھر صديق ججن کي ميار ڏيندي اھو به چئي ڇڏيو ته مسلم ليگ نواز اڳواڻن کي ڪورٽ ۾ گھرائڻ بنا ضمانتون ڏيئي ڇڏيائون پر عمران خان خطرو ھوندي به گھرائي رهيا آهن.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اسان جي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ سياسي پارٽين جي اڳواڻن سان دائمي وير وجھندي آهي يا ڪجھه وقت گذارڻ کان پوءِ انھن ساڳين ئي سياسي جماعتن جي اڳواڻن جي وطن دشمنيءَ ۽ ڪرپشن جا ڪيس ختم ڪرائي حڪومت جي واڳ ٻيهر سندن حوالي ڪري ڇڏيندي آهي؟ انھيءَ طريقي جو فائدو وٺي گھڻا سياسي ليڊر حڪومت سنڀالڻ شرط احتساب جي قانونن ۾ پنهنجي مرضيءَ سان ڦيرڦار ڪري پاڻ کي اڇو اجرو ڪري ڇڏيندا آهن بلڪه ٻه ٻه يا ٽي ٽي ڀيرا اقتدار جا مزا ماڻيندا رهندا آهن.
ميان نواز شريف تي نه رڳو قومي خزاني کي لٽڻ جا الزام ھنيا ويا بلڪ کيس دشمن ملڪ ھندستان جو ساٿاري به ٺھرائيندا هئا. کيس ۽ سندس خاندان کي ٽي ڀيرا حڪومت مان ڪڍرائي جيلن ۾ وجهي، بعد ۾ جلاوطن ڪيو ويو. ھو ٽي دفعا وزير اعظم ٿيو پر ٽيئي دفعا نواز شريف جي حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيائون. ھن ڀيري ٽن سالن کان پوءِ سندس ڀاءُ شھباز شريف، نياڻي مريم نواز ۽ ٻين سمورن مکيه مسلم ليگي ليڊرن کي بخش ڪري اقتدار پليٽ ۾ رکي ڏيئي ڇڏيائون.
جيتوڻيڪ جنرل ضياءَ الحق پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي سرڪار کي ڊاهي کيس ڦاسيءَ تي چاڙهي شهيد ڪيو ھو، پر جنرل ضياءُ جي موت کان پوءِ جيڪا نئين اسٽيبلشمينٽ ٺھي تنھن سندس نياڻي بينظير ڀٽو کي ٻه دفعا اقتدار ۾ آندو ۽ کيس ٻيئي ڀيرا ڪڍي خوار ڪيو. جنرل پرويز مشرف پڻ بينظير ڀٽو کي جلاوطن ڪرڻ کانپوءِ تڏھوڪي آمريڪي پرڏيهي وزير ڪونڊا ليزا رائيس جي رٿيل اسڪيم ھيٺ عرب رياستن جي حاڪمن سان گڏ ويهاري، ٻنهي جو ٺاھه ڪرايو جنهن جي نتيجي ۾ محترمه بينظير ڀٽو 18 آڪٽوبر 2007 ڌاري جلاوطنيءَ مان جند ڇڏائي واپس وطن موٽي آئي ھئي. پر هيءَ ڪا وڏي اونھي سامراجي چالبازي ھئي جنھن کيس جيئڻ نه ڏنو ۽ سندس شھادت ڪارڻ چؤڏس ۽ چوڌار پکڙجي ويل انساني ھمدردي جو فائدو سندس ور آصف علي زرداريءَ کي مليو ۽ ھو پنجن سالن تائين ملڪ جو صدر بڻجي رهيو.
سنڌ ۾ به اسٽيبلشمينٽ جي پٺڀرائيءَ سان گذريل پندرهن سالن کان ڀٽو خاندان جي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي سرواڻ آصف زرداريءَ جو راڄ آهي جنهن تي طرح طرح جا الزام مڙهي کيس سالن تائين جيلن ۾ واڙيو ويو هو. اڄ ھو اسٽيبلشمينٽ وارن جي اکين جو ٺار آهي.
عمران خان جي وڪيل اظھر صديق اسحاق ڊار جو حوالو ڏيندي وڌيڪ چيو ته جنھن شخص سالن تائين عدالت جي سڏ کي نه ورنايو، ان کي ته ڪورٽ آڏو پيش ٿيڻ ڪوبه زور نه ڀريائون. باقي عمران خان کي ته روز روز ڪنھن نه ڪنھن ڪورٽ يا چيف اليڪشن ڪمشنر جو چتاءُ (نوٽيس) اماڻيو ڇڏين. منهنجي راءِ ۾ اها حقيقت نه آهي. ڇا 1970 ڌاري ذوالفقارعلي ڀٽو صاحب تي سانگهڙ ۾ موتمار قاتلاڻو حملو نه ڪيو ويو ھو؟ پر هو ھڪ بي ڊپو سياسي اڳواڻ ھو جنھن ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي پارٽي جا جلسا ۽ جلوس منظم ڪري اليڪشن مهم جاري رکي ۽ بنگال کان سواءِ باقي وڏن صوبن ۾ وڌ کان وڌ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جون سيٽون کٽي ورتائين. جيتوڻيڪ اها اليڪشن به ھڪڙي فوجي ڊڪٽيٽر جنرل يحيٰ خان جي حڪومت ڪرائي پر تڏهن به پاڪستان جي تاريخ ۾ 1970 ۾ ٿيل عام چونڊون ئي اڄ ڏينهن تائين عالمي ليول تي شفاف چونڊون تسليم ڪيون ويون آهن.
عمران خان کي عوامي ليڊر ٿيڻو آهي ته ھو به RISK کڻي اڳتي وڌي ۽ گھٽ ۾ گھٽ عدالتن جو احترام ڪرڻ سکي وٺي. ھن کي به رڳو اھي فيصلا وڻندا آهن جيڪي سندس حق ۾ ٿين.
باقي جنهن به ڪورٽ تي کيس شڪ پوي ٿو ته نا اهل قرار ڏيئي گرفتار ڪري وٺندا، ان کان لنوائي ٿو بلڪ خوفزده ٿئي ٿو. ليڊر ٿيڻ لاءِ دلير ۽ مڙس ماڻهو ٿي ھرھڪ چئلينج سان مھاڏو اٽڪائڻو پوندو آهي.
منهنجي خيال ۾ عمران خان کي ھاڻي احساس ٿي ويو آهي ته ھن ٻن صوبن ۾ پنهنجي پارٽي تحريڪ انصاف جون حڪومتون ڊاھي سياسي جنگ ۾ ھڪ وڏو شاندار محاذ وڃائي ڇڏيو آھي. پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ کيس گهڻو ئي سمجهايو ته تڪڙ نه ڪيو ۽ سياسي ھٿيارن کي پنهنجن ئي ھٿن سان جڏو ۽ مڏو ڪرڻ کان پاسو ڪيو. پر اصل ۾ عمران خان کي چوڌري جي نيت تي شڪ ھو تنھن ڪري ھن شاھي غلطي ڪري ڇڏي. سندس ٻي وڏي غلطي يا بلنڊر اھو ته ھُو جيل ڀريو تحريڪ جو اعلان ڪري ھاڻي ڦاسجي ويو آهي. چوٽيءَ جي پارٽي اڳواڻن کيس ٻڌايو ته جيڪڏهن ھڪ ھزار غريب مسڪين ماڻھو جيلن ۾ موچڙا کائيندا ته پوءِ سندن ضمانتون ڪير ڪرائيندو؟ ھنن عمران خان کي اھا به صلاح ڏني ته جيڪڏهن ھلڻ چلڻ جي سگھه ناهي ته ويل چيئر تي ويهي عدالت ۾ حاضري ڀريندو ته سندس مان ۽ شان ۾ واڌارو ٿيندو ۽ جيڪي مخالف کيس بزدل ھجڻ جا مھڻا ڏين ٿا تن جو وات بند ٿي ويندو. جيڪڏهن توهان کي گرفتار ڪندا ته ڪارڪنن ۾ وڌيڪ جوش ۽ حوصلو پيدا ٿيندو پر عمران خان ھڪڙي ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندو آهي. ھو ڪنھن جي به صلاح نٿو مڃي.
حقيقت ھي آهي ته رڳو عمران خان جو ڏوھه ناهي. جھڙي ڪمي ڪنوار ۾ تھڙي گھوٽيتن ۾ به آهي. ڇا اسان جي ملڪ جون عدالتون آزاد آهن؟ تازو مثال ھي آهي ته عمران خان تي حملي جي سندس لکيل ايف آئي آر داخل نه ٿي سگهي آهي. جيتوڻيڪ اعليٰ عدالت حڪم ڏنو آهي پر پي ڊي ايم سرڪار غيبي طاقتن جي دٻاءُ ۾ ھجڻ ڪري اھو ڪم ممڪن ڪونهي. سرڪار اھڙي ته بيڪار ايف آئي آر داخل ڪرائي آهي جنهن جو منھن نه مٿو!
لاھور ھاءِ ڪورٽ پاران آئين ۾ ڄاڻايل وقت يعني نوي ڏينهن اندر ضمني اليڪشن ڪرائڻ لازمي قرار ڏيڻ واري حڪم جي پي ڊي ايم سرڪار اجاين بھانن سان سڌي سنئين ڀڃڪڙي ڪري پيئي. جڏهن پي ڊي ايم وارن کي ھنن ضمني چونڊن ۾ حصو وٺڻو ئي ناهي ته پوءِ ٻين سياسي جماعتن جي راھه ۾ ڇو پيا رنڊڪون وجهن. ڇو ٿا ڪيٻائين اليڪشن کان؟ انھن سوالن جو جواب ڏيڻ لاءِ 13 پارٽين مان ھڪ به تيار نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button