رانديون

پي ايس ايل 8 ۾ ملتان 52 رنسن تان اسلام آباد کي شڪست ڏئي ڇڏي

پي ايس ايل سيزن 8 جي مقابلن ۾ ملتان سلطانز 52 رنسن تان اسلام کي شڪست ڏئي ڪاميابي جي هيٽرڪ پوري ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق ڪراچي ۾ کيڏيل اهم ميچ ۾ ملتان سلطانز 190 رنسون ٺاهيون، اسلام آباد يونائيٽڊ 138 تي ڍير ٿي وئي. ملتان سلطانز جي محمد رضوان ۽ ڊيوڊ ملر ففٽيون هنيون، ريلي روسو 36 ۽ ڪيرون پولارڊ 32 رنسن سان ٽيم جي اسڪور کي اڳتي وڌايو. اسلام آباد يونائيٽڊ جا بيٽر ريسي وان ڊر ڊوسين 49، ڪولن منرو 31، حسن نواز 21، عظمت خان 16 رنسون ڪري سگهيا، ڪپتان شاداب خان هڪ رنس ٺاهي ناڪام رهيو. ملتان سلطانز جي بالرن عباس آفريدي 4 وڪيٽون وٺي ٽيم جي ڪاميابي کي يقيني بڻايو، اساما مير، احسان الله ۽ محمد الياس 2،2 بيٽر آئوٽ ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button