رانديون

انگلينڊ پهرين ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ کي 267 رنسن تان هارائي ڇڏيو

انگلينڊ پهرين ٽيسٽ ۾ نيوزيلينڊ کي 267 رنسن تان شڪست ڏئي ٻن ٽيسٽ ميچن واري سيريز ۾ برتري ماڻي ورتي آهي. ميڊيا مطابق اوول اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن تي آسٽريليا جي 394 رنسن جي ڀيٽ ۾ نيوزيلينڊ جي سڄي ٽيم 126 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ رڳو مچل ڊيرل اڪيلي سر 57 رنسن سان مزاحمت ڪري سگهيو، باقي بيٽر مائيڪل براسويل 25، اسڪاٽ ڪگلائين 2، ٽم سائودي ٻڙي، نيل واگنر 9 ۽ بليئر ٽڪنر 8 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا.  انگلش بالرن جيمز اينڊريسن ۽ اسٽيورٽ براڊ 4، 4 وڪيٽون وٺي ڪيويز جي بيٽنگ کي محدود ڪري شڪست کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. آسٽريليا جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 325 ۽ ٻي اننگز ۾ 374 رنسون ڪيون، نيوزيلينڊ پهرين اننگز ۾ 306 ۽ ٻي اننگز ۾ 126 رنسون ٺاهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button