رانديون

جديجا آسٽريليا جي بيٽنگ تباهه ڪري ڇڏي، ڀارت ٻي ٽيسٽ بھ کٽي ورتي

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا کي ٻي ٽيسٽ ۾ بھ 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ واضع برتري ماڻي ورتي آهي، جنهن ۾ بالر رويندر جديجا جارحاڻي بالنگ ڪرائي 7 شڪار ڪيا آهن. ميڊيا مطابق ارن جيٽلي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ رڳو 3 ڏينهن هلي سگهي آهي ۽ فيصلو ڀارت جي حق ۾ اچي ويو. آسٽريليا جا بيٽر ٻي اننگز ۾ رڳو 113 رنسن تي ڍير ٿي ويا، جنهن ۾ اسٽيو سمٿ، ميٽ رينشا، ايلڪس ڪيري سميت 6 ڄڻا سنگل ڊجيٽ ۾ رهيا، ڪپتان پيٽ ڪمنز سميت 3 بيٽر ٻڙي تي آئوٽ، رڳو ٽريوس هيڊ 43 ۽ ليبوشين 35 رنسون ٺاهي سگهيا ۽ رڳو ٽريوس هيڊ 43 ۽ ليبوشين 35 رنسون ٺاهي مزاحمت ڪري سگهيا آهن. ڀارتي بالر رويندر جديجا 7 وڪيٽون وٺي ڪينگرو کي ڊريسنگ روم جو رستو وٺرايو، روي چندرن ايشون بھ 3 شڪار ڪري ورتا. آسٽريليا جي 115 رنسن جو هدف ڀارت 4 وڪيٽن تي پورو ڪري ورتو، روهت شرما ۽ ڇتيش پجارا 31، 31 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ويرات ڪوهلي 20، سرڪار ڀارت 23 رنسون ڪيون. ٻي ٽيسٽ ۾ آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 263 ۽ ٻي ۾ 113، ڀارت پهرين اننگز ۾ 262 ۽ ٻِي ۾ 118 رنسون ڪيون. بالرن ۾ رويندر جديجا 10، روي چندرن ايشون 6 وڪيٽون ورتيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button