ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئين سر آبادڪاري، بحالي پاليسي ۽ لينڊ ايڪوئيزيشن ايڪٽ 1894

Editorial-Article- Ishaq Mangrio

حصو ٻيو

سنڌ جي ٻين منصوبن جي متاثرين جي صورتحال

سنڌ ۾ ان کان اڳ ۾ جيڪي به منصوبا شروع ڪيا ويا اهي سمورا لينڊ ايڪوئيزيشن ايڪٽ 1894 واري ضالماڻي قانون تحت زمين حاصل ڪري منصوبا جوڙيا ويا. جڏهن چوٽياريون ڊيم، گوڙاڻو ڊيم ۽ ٿر ڪول رٿا، ايل بي او ڊي ۽ آر بي اوڊي رٿا ۾ ايندڙن ڳوٺن جي بحالي لاءِ ريسيٽلمينٽ پاليسي جوڙڻ جو زوردار مطالبو سامهون آيو هو. پر سرڪار ان تي توجهه نه ڏنو هو. ان کان اڳ ۾ چوٽياريون ڊيم جيڪو عالمي بينڪ ۽ ٻين مالياتي ادارن جي مالي سهڪار سان ٺهي رهيو هو. ان ڪري عالمي ادارن جي لڏپلاڻ واري پروٽوڪول موجب، ڊيم جي حدن ۾ ايندڙ ڳوٺاڻن جي ٻيهر بحالي لاءِ ابتدائي طور تي ريسيٽلمينٽ پاليسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. جنهن تحت چوٽياريون ڊيم جي رهواسين کي ٻيهر آباد ڪرائڻ لاءِ خيرپور ضلعي جي نارا تعلقي جي ديهه پتي پوٽا ۾ آباد ڪرڻ جي رٿا جوڙي ويئي هئي. جنهن تي ابتدائي سطح وارو ڪم به ٿيو. پر ڊيم جي حدن ۾ رهندڙن جي لڏ پلاڻ کان پوءِ سرڪار پنهنجي اعلانيل رٿا کان پوئتي هٽي وئي. چوٽياري ڊيم لاءِ هڪ سئو اسڪوائر ڪلوميٽرز جي ايراضي حاصل ڪئي وئي. جن مان 500 خاندان في فيملي 10 هزار ماڻهن جي لڏ پلاڻ ڪئي وئي. انهن جي ريسيٽلينمٽ لاءِ خيرپور ضلعي جي نارا تعلقي جي ديهه پتي پوٽا ۾ ريسيٽلمينٽ تحت پڪا ڳوٺ، اسڪول ۽ گهر ڏيڻا ڪيا ويا هئا. پر متاثرين جي لڏي وڃڻ کان پوءِ حڪومت ٻيهر بحالي جي بدران جنهن متاثر جي زمين جن جا پڪا کاتا هئا ۽ 30 فوٽن جي ڪچي گهر جا معاوضي طور 12 هزار يا 15 هزار ڏنا ويا. هوڏانهن اڏاوت لاءِ انگريز دور واري لينڊ ايڪوئيزيشن ايڪٽ 1894 تحت زمين حاصل ڪري ڊيم جوڙيو ويو.

ٿر ڪول رٿا
ٿرپار ڪر مان ڪوئلي واري معاملي تي ريسيٽلمينٽ پاليسي ۽ ري هيبليٽيشن پاليسي جو ڊرافٽ ڪيترن ئي سالن کان ايجنڊا هيٺ رهيو. پر ان بابت اسيمبلي ۾ ڪنهن به قسم جي پاليسي طعه نه ڪئي وئي. ٻئي طرف بنان ڪنهن پاليسي جوڙڻ کان سوا لم سم جي بنياد تي اينگرو ڪمپني بلاڪ ٽو ۽ بلاڪ ون جي ايراضي جي رهواسين کان گهر ۽ زمينون خريد ڪري ورتيون ويون.
ٿر ڪول منصوبي تحت ٿرپارڪر ضلعي جي 20 هزار چورس ڪلو ميٽرز مان اٽڪل 9 هزار چورس ڪلو ميٽرز ۾ 175 ارب ڪيوبڪ ٽن ڪوئلو موجود آهي. ڪوئلي جي مجموعي ايراضي مان ڪوئلو ڪڍڻ ۽ ان تي بجلي گهر جوڙڻ لاءِ انهيءَ ايراضي کي 12 بلاڪن ۾ ورهايو ويو آهي. ڪوئلي جي کوٽائي اوپن پٽ مائننگ ذريعي ٿيندي. رٿا موجب جن تي 9 بجلي گهر تعمير ڪيا ويندا. هن وقت تائين بلاڪ ٽو ۽ بلاڪ ون جي مائننگ مان ڪوئلو ڪڍي ان تي ٻه بجلي گهر هلايا ويا آهن.
ڪوئلي جي کاڻين ۾ موجود کارو ۽ ڪڙو پاڻي نيڪال ڪرڻ واري هنڌن تان اٽڪل 15 هزار ماڻهن جي لڏ پلاڻ ٿيڻي آهي. ابتدائي طور تي گوڙاڻو ڊيم لاءِ 1500 ايڪڙ زمين لينڊ ائڪوزيشن ايڪٽ موجب حاصل ڪئي وئي آهي.
هڪ تخميني موجب ٿر ۾ ڪول رٿا جي سڀني منصوبن تحت سوا چار لک ماڻهن جي لڏ پلاڻ ٿيڻي آهي. ٿر ۾ سنڌ جي ٻئي حصي کان مختلف لينڊ پاليسي لاڳو ڪيل آهي. جنهن کي 1930 ڊزرٽ لينڊ گرانٽ پاليسي ۽ 1986 ڊزرٽ لينڊ گرانٽ پاليسي چيو وڃي ٿو. هتي يڪ سالا ۽ هميشگي تحت زمين آبادگارن کي الاٽ ٿئي ٿي. هميشگي واري زمين قبولي ٿيندي ۽ مالڪاڻي جي ادائگي سان آبادگار ان جو مالڪ قرار ڏنو ويندو آهي. هميشگي لاءِ پنج سال لاڳيتو پوکي ڪندڙ کي الاٽ ٿيڻي آهي. هوڏانهن جڏهن پنج سال لاڳيتو برسات وسندي ته پوکي به ٿيندي. جيتوڻيڪ هزارين ۽ سوين سالن کان ٿر واسي انهيءَ زمين تي پوکي ڪندا آيا آهن. پر ٿر جي روينيو رڪارڊ ۾ هميشگي تحت چند ماڻهو درج ٿي سگهيا آهن. رٿا موجب يڪ سالا جي مالڪ آبادگار کي ڪو به معاوضو نه ڏنو ويو آهي ۽ جڏهن ته ٽي سالا وارو اصطلاح مروج ڪيو ويو آهي. ان ڪري ڪوئلي جي منصوبي ۾ فقط ٽي سالا ۽ هميشگي وارن آبادگارن کي معاوضو ڏنو ويو. يڪ سالا ۽ گئوچر جو به معاوضو طعه نه ٿيو. سرڪاري طور هر ڳوٺ جي چوڌاري ويهن سينڪلين اندر يعني ٻن چونڪڙين جي منڍي تائين زمين مال جي آسائش لاءِ ڇٽل هوندي. اهي هنڌ مال جا چراگاهه هوندا آهن. جنهن کي ٿر ۾ گئوچر چئبو آهي. ڍورن جو حق ۽ مال جي گس جو به روينيو رڪارڊ ۾ حق ڏنل آهي. پاڻي جمع ٿيڻ واريون تليون، ترايون، ٽوڀا ۽ گئوچرن کي روينيو رڪارڊ ۾ درج ڪيا ويندا آهن. پر انهن جو به ڪو معاوضو نه ڏنو ويو.
ان کان سواءِ ٿر ۾ هميشگي جي آبادگار لاءِ ته زمين جو معاوضو طعه ڪيو ويو آهي. پر هارپو ڪندڙ لاءِ ڪجهه به معاوضو طعه نه ٿيو.
آبپاشي جي ڪئنالن ۽ واهن جي ڪنارن تان ڪرايل لڏ پلاڻ سکر، لاڙڪاڻو، حيدرآباد ۽ سنڌ جي ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾ واهن جو وڏو نيٽ ورڪ وڇايل آهي. ٽنڊو محمد خان، ماتلي، بدين، ٽنڊو باگو، نواب شاهه، دادو، خيرپور ۽ ٻين شهرن مان ڪئنالن ۽ واهن جي ڪنارن تي ويٺل ماڻهن کي اٽڪل هڪ لک ماڻهن کان وڌيڪ کي جبري طور تي لڏايو ويو. جڏهن ته حڪومت آگاهه آهي ته هن ملڪ ۾ غريب ماڻهن لاءِ رهائش وڏو مسئلو رهي آهي.
حيدرآباد پڪو قلعو
حيدرآباد پڪي قلعي جي بحالي جي حوالي سان قلعي جي ديوار سان لڳ رهندڙن کي لڏائڻ واري رٿا تحت گهرن جو لم سم ۾ ڪاٿو لڳائي معاوضو ڏنو ويو ۽ ڪوهسار واري علائقي ۾ انهن رهواسين جي ٻيهر بحالي لاءِ رٿا جوڙي وئي. پر اهي رهواسي ٻيهر پڪي قلعي ۾ رهندا آيا آهن.
ايل بي اوڊي ۽ آر بي او ڊي رٿا
سنڌو درياءَ جي کاٻي طرف نواب شاهه، سانگهڙ ۽ ميرپور خاص، بدين ضلعن مان سم جو پاڻي سمنڊ ۾ خارج ڪرڻ لاءِ 1987 کان 1997 ۾ عالمي بينڪ جي مالي سهڪار سان رٿا جوڙي وئي. جنهن جي بنياد تي 20 لک ايڪڙ نهري زمين مان سم جو کارو پاڻي نيڪال ٿيڻو آهي. انهيءَ منصوبي جي حوالي سان ايل بي او ڊي (ليفٽ بينڪ آئوٽ فال ڊرين) جو منصوبو جوڙيو ويو. جنهن کي اسپائنل ڊرين، ڪي پي اوڊي (ڪڍڻ پٽيجي آئوٽ فال ڊرين) ڊي پي اوڊي (ڍورو پراڻ آئوٽ فال ڊرين) چولري ويئر، ٽائڊل لنڪ، سب ڊرين ۽ مين ڊرين وارن سم نالن جي چئنلز ۾ ڳنڍيو ويو آهي. ساڳي ريت آر بي اوڊي (رائيٽ بينڪ آئوٽ فال) واري رٿا تحت قمبر شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، دادو، ڄام شورو ۽ ٺٽو ضلعن ۾ هن رٿا تحت لينڊ ايڪوئيزيشن تحت زمين حاصل ڪئي وئي آهي. هنن رٿائن جي ذريعي سوين ايڪڙ زمين لينڊ اڪوئيزيشن ايڪٽ 1894 تحت حاصل ڪئي وئي. هن ايڪٽ جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ سرڪار ڪابه زمين، ڳوٺ يا شهري علائقو سرڪاري رٿا تحت ضبط ڪري وٺي ٿي. انگريز دور جي ان ايڪٽ تحت هن وقت تائين هر وقت جي حڪومت انهيءَ ايڪٽ جي زور تي سرڪار جي منصوبن لاءِ زمين حاصل ڪندي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button