ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

منهنجو مطالعو-III

Editorial -Article- Rauf Nizamani

ادب ۽ سماجي ماحول سياسي ۽ معاِشي موضوعن تي پڙهڻ لا وڌيڪ اتساها ڏئي ٿو. عوامي تحريڪ جي دوستن سان واسطي ۾ هئڻ ڪري پارٽي جو ترجمان تحريڪ رسالو ۽ صبح ٿيندو، ڌراڙن جا ڌڪ جهڙا ڪتاب ۽ ٻيو پارٽي ليٽريچر مطالعي ۾ رهندو هو. ان دوران ئي مون جي ايم سيد جو ڪتاب جيئن ڏٺو آ مون به پڙهيو جنهن مذهب متعلق هڪ سيڪيولر نڪته نظر اختيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. عوامي تحريڪ سان واسطي جي ڪري منهنجو ڊاڪٽر فيروز احمد سان واسطو ٿيو. ان منهنجي سياسي ۽ نظرياتي تربيت ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو ڪراچي مان اردو ۾ پاڪستان فورم جي نالي سان رسالو ڪڍندو هو. اردو، انگريزي ۽ سنڌي ۾ گھڻن مضمونن کانسوا سندس اردو ۾ ٻه ڪتاب انگولا ڪي آزادي ۽ پاڪستان اور سامراج لکيل آهن. هو پنهنجن دوستن کي مختلف ڪتاب ان تاڪيد سان پڙهڻ لا ڏيندو هو ته انهن کي پڙهو پر انهن جي شڪل صورت خراب نه ڪيو. برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ليکڪ طارق علي منهنجي پسند جو ليکڪ رهيو آهي. سندس فڪشن ۽ نان فڪشن جا گھڻا ڪتاب منهنجي مطالعي ۾ رهيا آهن. مون سندس ڪتاب Can Pakistan Survive? جو سنڌي ۾ ترجمو به ڪيو جيڪو سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو هو.
پرڏيهي ليکڪن ۾ منهنجو گھڻو لاڙو سوويت ليٽريچر ڏانهن هو. ان ۾ فڪشن ۽ نان فڪشن ٻيئي شامل هوندا هئا. گنڪووسڪي جو ڪتاب پاڪستان جا ماڻهو، گورڪي جو ما، شولوخوف جو ۽ ڊان وهندو رهيو منهنجي مطالعي ۾ رهيا. ان ئي دور ۾ ٽالسٽائي جو امن ۽ جنگ، دوستووسڪي جا ڪتاب ڏوهه ۽ سزا، ڪرامازوف ڀا، ايڊيٽ ۽ نوٽس فرام انڊر گرائونڊ مطالعي ۾ آيا. ان وقت اهو ضروري نه هو ته مون انهن ڪتابن کي پوري ريت سمجھيو هجي پر انهن جو هڪ تاثر منهنجي ذهن تي ضرور رهجي ويو. آسڪر وائلڊ جون ڪجھه ڪهاڻيون مون پڙهيون. سندس ڪهاڻي پورٽريٽ آف ڊوريئن گري ڄڻ منهجي ذهن تي نقش ٿي ويئي. ساڳي ريت ايڇ جي ويلس جو ناول وار آف ورلڊز ۽ جارج آرويل جو ناول 84، ائنيمل فارم ۽ سندس اسپين جي گھرو ويڙهه جي حوالي سان لکيل ڪتاب Homage to Catalonia ڄڻ منهنجي يادگيري جو مستقل حصو بڻجي ويا.
پڙهڻ جو دائرو جيئن وسيع ٿيندو ويو تيئن دنيا جي مختلف ملڪن جي ليکڪن ۽ سندن ڪتابن جي ڄاڻ ملي. فرانز فينن جو افتادگان خاڪ ۽ ايرڪ فرام جا مختلف ڪتاب هٿ ڪيا. ان وقت بس جنهن ليکڪ ۽ ڪتاب جي ٿوري تعريف ۽ نالو ٻڌبو هو ته ان جي ڪتابن جي ڳولها ۽ انهن کي پڙهڻ شروع ٿي ويندو هوس. البرٽ ڪاميو ۽ سارتر کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. انهن مان ڪاميو مون کي وڌيڪ سولو لڳو. سندس ناول پليگ ۽ ٻيا ڪجھه فڪشن ۽ نان فڪشن جا ڪتاب مطالعي ۾ رهيا.
پنهنجي انقلابي سياست ۽ فيڊل ڪاسترو ۽ چي گويرا جهڙن اڳواڻن جي ڪري لاطيني آمريڪا منهنجي لا ڄڻ ته خوابن جي سرزمين رهي آهي. هتان جي ادب سان منهنجي باقاعدي واقفيت جي شروعات ان وقت ٿي جڏهين گبريئل گارشيا مارڪيز کي 1980 جي ڏهاڪي ۾ نوبل انعام مليو ۽ سندس ناول اڪيلائي جا سو سال منهنجي مطالعي ۾ آيو. ان کانپو گارشيا منهنجي پسند جو ليکڪ بڻجي ويو ۽ مختلف ذريعن سان سندس ناول، ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ آتم ڪٿا مطالعي ۾ آيا. ان کانپو لاطيني آمريڪا جي ڪجھه ٻين ليکڪن ماريو ورگاس لوئس، جنهن کي پڻ نوبل انعام مليو هو، جو مشهور ناول Feast of Goat، سندس آتم ڪٿا ۽ ٻيا ڪجھه ڪتاب مطالعي ۾ رهيا. ساڳي ريت آئزبيل آلندي جا ڪتاب House of Spirits, City of Beasts ،Maya’s Note Book مطالعي ۾ رهيا. چلي جي نوبل انعام يافتا انقلابي شاعر پابلو نرودا جون يادگيريون Memoirs پڻ منهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪيو.
تازو مونِ فلسطيني شاعر محمود درويش جون يادگيريون Memory for Forgetfulness پڙهيو جنهن ۾ بيروت جي صورتحال ۽ فلسطينين جي جدوجهد کي احساساتي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ترڪي جي نوبل انعام يافتا ليکڪ اورهان پامڪ جا ناول Red, Snow ۽ سندس استنبول جون يادگيريون اهم ڪتاب آهن. ترڪي جي هڪ ٻي ليکڪ ايلف شفق جا Forty Rules of Love ۽ ڪجھه ٻيا فڪشن ۽ نان فڪشن جا ڪتاب مطالعي ۾ رهيا. قادر عبدالله، جيڪو هڪ قلمي نالو آهي، جو لکيل ناول هائوس آف ماسڪ ايران جي انقلاب کان اڳ ۽ ٿورو پو واري صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو.
ارون ڌتي رائي پنهنجين لکڻين سان گڏ پنهنجي سماجي ۽ سياسي ڪم جي ڪري به ڄاتي وڃي ٿي. سندس نڪسل باغين تي لکيل ڪتاب Walking with the Comrades, ۽ ٻه ناول The Ministry of Utmost Happiness ۽ God of Small things منهنجي مطالعي ۾ رهيا. ساڳي ريت جميلا هاشمي جو منصور حلاج جي زندگي جي حوالي سان لکيل ناول دشت سوس پڻ مون کي گھڻو متاثر ڪيو.
ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي موضوع تي ڪجھه ڪتاب منهنجي دلچسپي جو باعث رهيا آهن. سازاگر وال جا ڪتاب سنڌ جا عامل ۽Sindhi Tapestry سلمان رشيد جو Time of Madness، ريٽا نندا جو From Quetta to Delhi- A Partition Story ننديتا ڀاوناني جوMaking of Exile- Sindhi Hindus and Partition of India ريٽا ڪوٺاري جو ڪتاب The Burden of Refuge- Experiences Sindhis of Gujrat ۽ سندس مضمون RSS in Sindh منهنجي مطالعي ۾ رهيا. ان سان ننڍي کنڊ جي ورهاڱي ۽ لڏپلاڻ جي ڪارڻن ۽ ان کانپو جي صورتحال جي ڄاڻ ملي ٿي.
2019 ۾ ڪورونا ۽ ان کانپو عائد ڪيل پابندين جي ڪري منهنجي بينڪ ۾ اچ وڃ گھٽجي بلڪ ذري گھٽ ختم ٿي ويئي آهي. ان جو وڏو نقصان مون کي اهو ٿيو آهي ته هاڻي آئون لائبريري جي سهولت ان ريت استعمال نه پيو ڪري سگھان جيئن اڳ ڪندو هوس. ان جي پورائي ڪنهن حد تائين مختلف دوستن ۽ ويب سائيٽس جي مدد سان اي بڪس وسيلي ٿي وڃي ٿي. اها ڪوشش منهنجي اڳ به هوندي هئي ته مختلف ويب سائيٽ جي وسيلي گھربل ڪتابن جي ڳولها ڪئي وڃي. ان سلسلي ۾ ان ڳالهه جي باوجود ته ڪجھه گھربل مواد ملندو آهي ۽ ڪجھه نه ملندو آهي ۽ ڪجھه اڌورو ملندو آهي پر گوگل سرچ گھڻي فائديمند آهي. رٽائرمنٽ کانپو موبائل منهنجي لا گھڻو فائديمند ثابت ٿيو آهي. آئون ليپ ٽاپ ۽ ڊيسڪ ٽاپ وغيره تي هڪ محدود وقت لا ڪم ڪري سگھندو آهيان جڏهين ته موبائل جي حوالي سان اهڙي ڪا پابندي ناهي هوندي ۽ ان کي پنهنجي فارغ وقت ۽ سهولت مطابق استعمال ڪري سگھبو آهي. ان سلسلي ۾ مون سان گھڻن دوستن جي مدد پڻ شامل رهي آهي. هڪ دوست جي صلاح سان مون Any Books جي ويب سائيٽ استعمال ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پو ان کي سبسڪرائب به ڪيو. اها هڪ شاهوڪار سائيٽ هئي ۽ ان تي اٽڪل هر موضوع تي گھڻن ليکڪن جا هزارين ڪتاب موجود هئا. ان سائيٽ تي مون فڪشن ۽ نان فڪشن جا گھڻا ڪتاب پڙهيا پر اوچتو اها سائيٽ ڪجھه سببن ڪري بند ٿي ويئي ۽ مون کان هڪ بهترين ذريعو کسجي ويو. ساڳي ريت اردو ڪتابن لا ريکتا اردو رسالن ۽ ڪتابن لا هڪ ڪارائتي سائيٽ آهي جڏهين ته مبشر علي زيدي کا ڪتب خانه تي اڙدو ۽ انگريزي جا گھڻا ڪارائتا ڪتاب ملي وڃن ٿا. سنڌي ڪتابن جي حوالي سان سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ آهي جنهن تي مختلف موضوعن تي سوين ڪتاب موجود آهن ۽ انهن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي.
منهنجو دنيا سان لاڳاپي ۽ رابطي جو اهم وسيلو منهنجا ڪتاب ۽ منهنجو مطالعو آهي. ان سان پنهنجي شهر ۽ ملڪ جي ماڻهن سان گڏوگڏ دنيا جي مختلف علائقن ۽ ملڪن جي ماڻهن جي ڪلچر، انهن جي زندگي گذارڻ جي طور طريقن، انهن جي جدوجهد، رسمن، عقيدن ۽ عادتن وغيره جي ڄاڻ ملي ٿي ۽ ماڻهو اهو محسوس ڪري ٿو ته هو اڪيلو ۽ محدود نه پر ان سڄي دنيا ۽ وشال ڪائنات جو هڪ حصو آهي. منهنجو مطالعو مون کي اهو احساس ڏياريندو آهي ته اڃا گھڻو ڪجهه آهي جنهن جي مون کي ڄاڻ ناهي. ساڳي وقت نوان جذبا ۽ نوان احساس ماڻهن ۽ پنهنجي سماج سان هڪ مثبت ناتو قائم ڪرڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندا آهن.
انساني سماج کي انفرادي ۽ اجتماعي طور اڳتي وڌائڻ لا مطالعي جي گھڻي اهميت آهي ۽ ڪوشش ڪري ان جي همت افزائي ڪجي.
پورو ٿيو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button