ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

وڌندڙ مهانگائي

Editorial

مهانگائي مسلسل وڌي پئي ۽ ان کي ڪو به لغام نه پيو ڏئي. هفتيوار مهانگائي جي شرح ٻه ڏهائي اڻاسي سيڪڙو اضافي کانپوءِ 38 ڏهائي 42 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي. شماريات کاتي مُلڪ ۾ مهانگائي جا هفتيوار انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن موجب عام واهپي وارين شين جي اگهن ۾ واڌ سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ هفتي دوران 34 عام واهپي واريون شين جي اگهن ۾واڌ ۽ پنجن جي قيمتن ۾ لاٿ جڏهن ته 12 جا اگهه برقرار رهيا. شماريات کاتي موجب هڪ هفتي دوران گيهه جي قيمتن ۾ 44 رُپيا ۽ جيئري ڪڪڙ جي اگهن ۾ 31 رُپيا 11 پئسا في ڪلو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ڪيلا في ڊزن ٻارنهن رُپيا مهانگا ٿيا. شماريات کاتي موجب چانور چار رُپيا پنجاهه پئسا، ماش جي دال اٺ رُپيا ڇويهه پئسا في ڪلو مهانگي ٿي. 390 گرام خشڪ کير جي قيمت ۾ يارنهن رُپيا چالهه پئسا اضافو ٿيو، ڏهي ٻه رُپيا پنجاسي پئسا في ڪلو، کير 95 پئسا في ليٽر مهانگو ٿيو، جڏهن ته ايل پي جي جو گهريلو سلينڊر 46 رُپيا 98 پئسا مهانگو ٿيو. شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته ٻاڪرو گوشت 12 رُپيا 14 پئسا، وڏو گوشت 5 رُپيا 13 پئسا مهانگو ٿيو، ان کان سواءِ مڱن جي دال، کنڊ، ڳڙ ۽ پٽاٽن جا اگهه وڌيا آهن.
ٻئي پاسي پاڪستان وزيراعظم جي سطح تي سڌارن تي عملدرآمد لاءِ آءِ ايم ايف کي گارنٽي ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب پاڪستان کي دوست ملڪن، عالمي ادارن ۽ تجارتي قرضن ذريعي 10 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو انتظام ڪرڻو پوندو. اختيارين جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال معاشي ترقي جي شرح 2 سيڪڙو ۽ مهانگائي 29 سيڪڙو کان وڌيڪ رهڻ جو اندازو آهي. ذريعن موجب پاڪستان، وزيراعظم جي سطح تي سڌارن تي عملدرآمد جي لاءِ آءِ ايم ايف کي گارنٽي ڏئي ڇڏي آهي، دوست ملڪ ۽ عالمي مالياتي ادارا به موجوده قرض جي پروگرام جي نگراني ڪندا. جون 2023 تائين اڍائي ارب ڊالر ملڻ کانپو آ ايم ايف جو قرض پروگرام ختم ٿي ويندو، جيڪڏهن ضرورت پئي ته پاڪستان ايندڙ مالي سال ۾ قرض جي نئين پروگرام لاءِ درخواست ڏيندو. اختيارين موجب آءِ ايم ايف جو ايگزيڪٽو بورڊ معاهدي جي ٽن کان چئن هفتن بعد هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالر قسط جي منظوري ڏيندو جڏهن ته پاڪستان جو مفاد آهي ته آءِ ايم ايف جي پروگرام ۾ موجود رهجي.
هوڏانهن پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌڻ بعد سنڌ، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن ۾ ٽرانسپورٽرن مسافر گاڏين جا ڀاڙا وڌائي ڇڏيا آهن. ڪراچي کان حيدرآباد ايندڙ ويگن جو ڀاڙو 200 رپيا واڌ بعد هاڻي 500 رپيا في سواري ٿي ويو آهي، ڪراچي کان سکر ويندڙ وين جو ڀاڙو 1200 مان وڌائي 1600 رپيا ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڪراچي کان پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ڏانهن ويندڙ مسافر ڪوچن جي ڀاڙن ۾ به 20 کان 25 سيڪڙو واڌ تي عمل شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ ڪوچون هاڻي في مسافر کان هڪ هزار رپيا اضافو ڀاڙو وصول ڪرڻ لڳيون آهن. ڪراچي کان پشاور ويندڙ مسافر گاڏين جو ڀاڙو 1500 اضافي بعد 6 هزار رپين تائين پهچي ويو آهي. غريب ٻن ويلن جي ماني کان به محروم آهن. هنن سرڪار کان گهر ڪندي چيو ته مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري عام واهپي جو شيون سستيون ڪيون وڃن.
جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وڌندڙ مهانگائي خلاف احتجاج به هلندڙ آهي. عادلپور ۾ مهانگائي خلاف ريلي ڪڍي وئي شهر جو گشت ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته مهانگائي سبب غريب ۽ عام ماڻهو جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي. تيل اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ نااهل حڪمران هٿرادو مهانگائي ڪري غريب ماڻهن کي خودڪشين تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.
اسان سمجهون ٿا ته حڪمرانن عوام جو ست ڪڍڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. حڪمرانن جي معاشي قدمن جي ڪري هاڻي عوام لا جسم ۽ روح جو رشتو برقرار رکڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button