ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي خط پنڊورا باڪس کولي ڇڏيو

مديني جي رياست بنائيندڙ ۽ عوام کي نئين پاڪستان جا خواب ڏيکاريندڙ اڳوڻا حڪمران به ڪيترا ٻه چاپڙا آهن، سموري حياتي ادارن کي مداخلت لاءِ چوندا رهيا ۽ انهن جا بنا فيس جي وڪيل رهيا، پر هاڻ صدر عارف علويءَ کي خط لکي اڳوڻي گهوڙيسوار جي خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪن ٿا، هاڻ سوال هي آهي ته جيڪڏهن ڪارروائي ڪرڻي آهي ۽ اها هر صورت ۾ ٿيڻ به گهرجي ته ان جي شروعات “گهر جي ڀيدي، لنڪا ڍائي” کان ڇو نه ڪجي؟ جتان سياسي معاملن ۾ مداخلت شروع ٿي، پوءِ سموري تاريخ جا ورق اٿلائڻا پوندا، ڇاڪاڻ ته اها ڪهڙي ۽ ڪنهن جي حڪومت هئي، جنهن ۾ اندران يا ٻاهران مداخلت نه ٿي هجي ۽ اهي سمورا ڪردار جن کي پڪڙڻ لازمي آهي، اهي ڪردار کلي عام گهمي رهيا آهن،اهي جن ايئر مارشل اصغر خان ڪيس ۾، اعليٰ عدالت ۾ اچي اعتراف ڪيو ته انهن محترما بينظير ڀٽو کي هارائڻ لاءِ اسٽيبلشمنٽ جي حامي سياستدانن کي ڪروڙين رپيا ڏنا هئا. عدالت ۾ همٿ آهي ته انهن ڪردارن کي هٿ لائي ڏيکاري.
يقين سان هي پهريون واقعو نه آهي، ان نوعيت جا سوين، هزارين نوعيت جا واقعا ۽ مداخلتون ٿي چڪيون آهن، اهي سمورا کليل راز آهن، جنهن ۾ ڪير حصيدار ناهي؟ جيڪڏهن وقت جي چيف جسٽس تي الزام لڳن ته اهي به انهن سازشن جو حصو هئا ته پوءِ آئين جو ڪهڙو آرٽيڪل لاڳو ٿيڻ گهرجي. صدر عارف علوي، عمران خان جي چوڻ تي ڪارروائي لاءِ چئي يا نه، پر آئين جي آرٽيڪل ڇهه تحت غداريءَ جي ڪارروائيءَ جي شروعات ته حڪومت کي ئي ڪرڻي آهي. ڇا موجوده اتحادي حڪومت مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته اها اڳتي ايندي ۽ نه فقط هڪڙي عظيم گهوڙيسوار، پر ان جي شروعات اسلم بيگ کان ڪندي؟ جنهن جو اعترافي بيان اعليٰ عدالت ۾ پيو آهي. ان سان گڏ رڳو ماضي قريب جي ٽن سپريم ڪورٽس جي چيف جسٽسز کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ته تڏهن به ڪو کڙتيل نه نڪرندو، پر تاريخ جو ريڪارڊ درست ضرور ٿيندو.
هي خبرون جيڪڏهن درست آهن ته پوءِ صورتحال الارمنگ ٿي سگهي ٿي. سوشل ميڊيا تي هڪٻئي پٺيان هي خبرون لِيڪ ٿي رهيون آهن ته جيڪو جهيڙو رٽائرڊ فوجي قيادت ۾ جاري هو، هاڻ ان ۾ وڌيڪ تيزي اچي وئي آهي. هڪ اهم شخصيت ته رٽائرڊ ٿي وئي، ٻي، وقت کان اڳ رٽائرمنٽ ورتي. هاڻ انهن جو اهل عيال جيڪو پڻ اهم پوزيشنز تي هو، انهن خلاف ڪارروايون شروع ٿي ويون آهن. جنهن چيف جاسوس کي استعيفا ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو يا ان ڏٺو ته هاڻ بچڻ مشڪل آهي ۽ ممڪن آهي ته سندس ڪورٽ مارشل ٿي وڃي ته ان اڳ ئي رٽائر ٿيڻ کي اوليت ڏني، هن کي يقينن عمران خان گهڻا لارا لپا ڏنا ته توکي چيف بڻايان ٿو. جڏهن هو پاڻ ئي اقتدار جي ميوزيڪل چيئر تي رهي نه سگهيو ته پوءِ باقي ڪهاڻيءَ جو ته ڪلائيمڪس ٿي ويو. عمران خان جون اکيون ۽ ڪن اهي اهم شخصيتون هيون، انهن مان سڀني کان اڳ هاءِ ڪمانڊ تي فائز عمران خان کي عاق ڪيو، ان کان پوءِ پارليامينٽ ذريعي وقت جي وزير اعظم کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو. هينئر جنهن ڪارروائي جون خبرون اچن پيون، ان مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته جيڪي رٽائر ٿي ويا، انهن جي legacy موجود آهي، پر جن پاڻ استعيفا ڏني، ان جي ڀاءُ سميت ڪيترن ئي اهم ڪردارن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. شيخ رشيد لاءِ ته اڳ ئي گيٽ نمبر چار بند ٿي چڪو هو، پر جنهن ڏينهن هو ضمانت تي آزاد ٿيو، ان ڏينهن کيس صدمو ڏيندڙ خبر ٻڌائي وئي. توڙي جو هي خبرون جيئن ئي ڪمانڊ جي تبديلي ٿي، تڏهن کان آيون پئي، پر هاڻ سڀ ڪجهه On Ground ٿي رهيو آهي. ان خبر تي به يقين ڪري سگهجي ٿو ته جيڪڏهن واقعي ڪا انڪوائري يا جاچ پڙتال هلي رهي آهي يا مڪمل ٿي وئي ته صفائيءَ جو عمل ته وڏي پيماني تي شروع ٿي ويندو. عمران خان، جنهن ويل ڏٺو ته اهي، جيڪي هن جي اڳيان پٺيان گهمندا هئا يا جن جي ڪلهي تي چڙهي اقتدار جي ايوانن يا وزير اعظم هائوس تائين پهتو، انهن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي ته هن به صدر عارف علويءَ کي خط لکي ورتو ته هو اڳوڻي عظيم گهوڙيسوار جي خلاف جاچ ڪرائي.
صدر عارف علوي، جيڪو انتهائي ڪمزور پوزيشن ۾ آهي، هن وٽ آئين جي آرٽيڪل 58 ٽو بي تحت اختيار به ناهن، اهو ڪنهن جي خلاف ڪيئن ڪارروائي ڪري سگهي ٿو؟ ها جيڪڏهن صدر ڪارروائي لاءِ معاملو اعليٰ عدالت کي ريفر ڪري ته ڪنهن نه ڪنهن سطح تي جاچ ته شروع ٿيڻ جا امڪان آهن، پر پوءِ انهن سمورن ڪردارن جو ڇا ٿيندو؟ جيڪي گذريل ڪجهه سالن کان سازشن جو حصو رهيا آهن؟ اهي ڪردار ڪي لڪل ته ناهن. ملڪ جي اعليٰ عدالت کي پنهنجن ئي ساٿين کي، جيڪي پاڻ انصاف جا مهندار هئا، انهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريندا، انهن کان آڏي پڇا دوران عوام جي چونڊيل حڪومتن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ بابت پڇندا، جنهن ويل هي پڇيو ويندو ته نيٺ ملڪ ۾ غير يقيني واري صورتحال جو ٻج ڪنهه ڇٽيو؟ انهن سويلين حڪمرانيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ انهن قوتن کي ميدان ۾ ڇو لاٿو؟ جن ملڪ جي سياسي ۽ معاشي حالت انتهائي ڳنڀير ڪري ڇڏي. هڪڙي پاسي اعليٰ عدالت ۾ هاءِ پروفائل شخصيتن جي خلاف ڪيس هلندا ته ٻئي طرف وري انتهائي طاقتور ايوان جي اندر به ساڳي نوعيت جي ڪارروائي شروع ٿيندي. اقتدار جي ايوانن ۾ ايندڙ زلزلي جي جهٽڪن کي ڪير برداشت ڪندو؟ ڇا مستقبل ۾ اهڙي ڪابه ڪارروائي نه ڪئي ويندي، جنهن جي بنياد تي ملڪ جا بنياد لوڏيا ويا؟ يقين سان چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن جاچ پڙتال مڪمل ٿي به وڃي ۽ مک جوابدارن کي سزائون به ملي وڃن، ان جي باوجود اقتدار جي سرڪس ۾ خاموشي نه ٿيندي. هي پاور گيم آهي، جنهن کي ڪوبه حڪمران ختم نه ڪري سگهيو آهي.
عمران خان، جنهن جا بيان ۽ عمل اڳ ئي تضادن ۽ يوٽرنز سان ڀريل رهيا آهن، اهو هينئر به يوٽرن وٺي رهيو آهي. هو پنهنجي خط ۾ لکي ٿو ته جنرل رٽائرڊ باجوا هن جا فون ريڪارڊ ڪرايا ۽ کيس اقتدار کان الڳ ڪرايو. ان ڪري هن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. ان کان اڳ ۾ هن چيو پئي ته مون کي خبر هئي ته ادارن هن جا فون ريڪارڊ ڪيا پئي، پر کيس ڪوبه اعتراض ناهي، ڇاڪاڻ ته چور ۽ ڪرپٽ حڪمران ڊڄندا آهن، سندس فون ٽيپ ڪرڻ سان هن جي سيڪيورٽيءَ کي يقيني بڻايو ويو. ڳالهه اتي ئي ڇيهه نه ڪيو، هن روس ۽ يوڪرين جي جنگ ۾ پاڪستان جي موقف کان وٺي، هر بجيٽ يا اهم موقعي تي ووٽ مڪمل ڪرڻ لاءِ اهم ادارن کي مدد لاءِ پڪاريو. هن جيڪي اعتراف ڪيا، اهي ريڪارڊ تي موجود آهن، هن کي 2018ع جي چونڊن جا نتيجا تبديل ڪري ڏنا ويا، چونڊيل حڪومت کي گهر روانو ڪرڻ لاءِ ڪيئن ان وقت جي چيف جسٽس کي چيو ويو ته اهو نواز شريف خلاف اقاما ڪيس هلائي ۽ پوءِ کيس سزا ڏئي ڪري اڊيالا جيل جي هوا کارائي وئي. پوءِ هي ساڳيو شخص هو، جنهن ميان نواز شريف کي پرڏيهه موڪلڻ لاءِ ٽياڪڙي ڪئي.
هينئر هڪ طرف واڳ ڌڻين جي رڌڻي ۾ رولو پئجي ويو آهي ته ٻئي پاسي وري ملڪ ۾ مني بجيٽ اچڻ کانپوءِ عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي وڌيڪ مشڪل ڪيو ويو آهي. حڪمران، جيئن ته ففٿ جنريشن وار جو ڊپ ڏيکاري، ڊيڄاري رهيا آهن ته جيڪڏهن عالمي مالياتي فنڊ اڳيان گوڏا نه کوڙيا ويا ته ملڪ جي ڏيوالي نڪرڻ کان ڪوبه بچائي نه سگهندو. هينئر يقين سان معاشي بحران عروج تي آهي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا گهٽجي رهيا آهن ۽ انتهائي درجي تائين گهٽ نظر اچن پيا، ان باوجود حڪمرانن جون عياشيون جاري آهن. هينئر به ايف بي آر لگزري گاڏيون خريد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ جن ڪارپويشنز کي رعايتن جي مد ۾ هزارين ارب رپيا رشوت طور ملندا هئا، اهي هينئر به ملي رهيا آهن. جيڪڏهن جنرل سيلز ٽيڪس جي شرح کي ڏٺو وڃي ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ هي ٽيڪس ايتري شرح سان نه ورتو ويندو آهي. مٿان وري سپر ٽيڪس به لاڳو ڪيو ويو آهي.
ملڪ اندر سياسي بحران ۽ معاشي حالتون هڪٻئي سان جڙيل آهن، انهن پٺيان يقينن اڳوڻا حڪمران آهن، پر موجوده اتحادي حڪومت کي به آجو ڪري نٿو سگهجي. جيڪڏهن ائين چئجي ته ملڪ جو مراعت يافتا طبقو، گڏيل طور موجوده بحران کي جنم ڏنو آهي ۽ اهو ئي عوام کي ڊپ واري ڪيفيت ۾ رکڻ چاهي ٿو ته غلط نه ٿيندو. عمران خان هينئر تائين جيڪي بيانيا سامهون آندا آهن، اهي ان تي ئي بيڪ فائر ٿيا آهن. هينئر به هن جيڪو خط، صدر عارف علوي لکيو آهي، ان جو سندس مخالفن آڌرڀاءَ ڪيو آهي، اهي سمجهن ٿا ته عمران خان واڳ ڌڻين سان گڏجي جيڪي خطرناڪ ڪم ڪيا، انهن جي جاچ ڪئي وئي ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا. عمران خان جي احتساب جي سموري ڪهاڻي پٺيان ڪير هو؟ اهو سڀ ڪجهه هو پاڻ ٻڌائي رهيو آهي. چئي ٿو ته اختيار هڪ اهم شخص وٽ هئا، حڪومت جون واڳون هن جي حوالي ڪيون ويون. هن ملڪ جو وڏو الميو اهو آهي ته اصل حڪمرانن ڪڏهن به سويلين کي اختيار منتقل نه ڪيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button