رانديون

انگلينڊ جي اننگز 435 تي ڊڪليئر، نيوزيلينڊ جا 138 رنسن تي 7 آئوٽ

انگلينڊ ويلنگٽن ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن تي 8 وڪيٽن تي 435 رنسون ٺاهي پنهنجي اننگز ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي، نيوزيلينڊ بھ 138 رنسن تي 7 وڪيٽون وڃائي ڇڏيون آهن. ميڊيا مطابق نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۾ جاري ٻي ۽ آخري ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن تي انگلينڊ جا هيري برڪ 184 رنسن ۾ رڳو 2 رنسن جو اضافو ڪري آئوٽ ٿي ويو. جڏهن تھ بين اسٽوڪس 27، اولي رابنسن 18، اسٽيورٽ براڊ 14 رنسون ٺاهي سگهيا. بين فوڪس ٻڙي تي واپس ويو، جو روٽ 153 رنسن تي ناٽ آئوٽ جي اننگز کيڏي آهي. نيوزيلينڊ جي بالر ميٽ هينري 4 وڪيٽون ورتيون. مايڪل براسويل 2، نيل واگنر ۽ ٽم سائودي هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي آهي. نيوزيلينڊ جا بيٽر پهرين اننگز ۾ انگلش بالرن جا وار سهي نھ سگهيا ۽ 7 آئوٽ ٿيويا، جن ۾ رڳو ٽام ليٿم 35 ۽ هينري نڪولس 30 رنسون ٺاهيون، ٽام بلينڊل 25 ۽ ٽم سائودي 23 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن. انگلش بالرن جيمس اينڊريسن ۽ جيڪ ليچ جارحاڻي بالنگ ڪرائي 3،3 شڪار ڪري ورتا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button