رانديون

پي سي بي ۽ نگران سرڪار ۾ معاملا طئي، پي ايس ايل مقابلا پنجاب ۾ ٿيندا

پي سي بي ۽ پنجاب جي نگران سرڪار وچ ۾ مالي معاملا طئي ٿي ويا آهن، جنهن بعد پنجاب ۾ رٿيل پي ايس ايل جا ميچ شيڊول تحت ئي ڪرائڻ جو حتمي فيصلو ٿي ويو آهي. ذريعن موجب پنجاب جي صحت واري نگران وزير ميچون شيڊول تحت لاهور ۽ پنڊي ۾ ئي ٿيڻ جي تصديق ڪري ورتي آهي. نگران وزير جاويد اڪرم چيو آهي تھ پي ايس ايل 8 جا ميچ شيڊول موجب لاهور ۽ پنڊي ۾ ٿيندا، اهي ڪراچي يا ٻئي هنڌ منتقل نھ ٿي رهيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي تھ پي سي بي ۽ نگران حڪومت سيڪيورٽي توڙي لايٽنگ جي 45 ڪروڙ رپين تي فارمولو تيار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب نجم سيٺي ۽ نگران سرڪار جي نمائندن ۾ ڳالهين دوران خرچن جو 60 سيڪڙو نگران سرڪار ڏيڻ تي راضي ٿي وئي، اهڙي ريت پي سي بي باقي 40 سيڪڙو رقم ادا ڪندي. هوڏانهن پي سي بي سربراهه نجم سيٺي قذافي اسٽيڊيم ۾ نئين ڊريسنگ روم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي پچ ۾ پڻ تيار ڪيون ويون آهن. ٻئي پاسي اسلام آباد يونائيٽڊ سميت لاهور ۽ پنڊي ۾ کيڏندڙ ٽيمون پڻ پهچي ويون آهن. جڏهن تھ اڄ لاهور ۾ پهرين ميچ پشاور زلمي ۽ لاهور قلندر جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button