آڳاٽي زماني جي مڙني مذهبي نظامن ۾ جانورن جي قرباني واريون رسمون مرڪزي نقطو هيون، جن پراڻين شڪاري ريتن رسمن کي محفوظ ٿي ڪيو ۽ انهن جانورن کي مان ٿي ڏنو، جن انسانن جي ڪري جان ڏني ٿي. ان ڪري ڏندڪٿا جو پهريون عروج وارو زمانو تڏهن آيو جڏهن homo sapiens (ارتقائي عمل کانپو) homo necans “قاتل انسان” ٿيا ۽ کين هن وحشي دنيا ۾ پنهنجي وجودي حالتن کي قبولڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿي. اڪثر ڪري ڏندڪٿا جو جنم ڪنهن وڏي بيچيني يا بيقراري (نفسياتي بحران) مان ٿيندو آهي. انسانن پنهنجي جسماني ڪمزورين جو ازالو شڪاري صلاحيتون حاصل ڪري پنهنجي غيرمعمولي ذهني طاقتن سان ڪيو.
هنن هٿيار ٺاهيا ۽ اهو سکيو ته سماج جي جوڙجڪ ڪهڙي نموني ڪجي ۽ هڪ ٽولي جي شڪل ۾ گڏجي ڪيئن ڪم ڪجي. انهي شروعاتي دور ۾ به homo sapiens دنيا ۾ ڪاميابي سان رهڻ لا منطق، سمجهه ۾ ايندڙ ۽ سائنسي انداز جوڙي ورتو، جنهن کي يونانين لوگس (logos) سڏيو. منطق (logos) ڏندڪٿائي سوچ کان بنهه مختلف آهي. ڏندڪٿا جي ابتڙ منطق (logos) کي غيرجاندار حقيقتن سان سهمت ٿي ڪم ڪرڻ گهرجي. جڏهن اسين ٻاهرين دنيا ۾ ڪن شين جي ٿيڻ جي خواهش رکندا آهيون، مثال طور جڏهن پاڻ پنهنجي سماج جي جوڙجڪ ڪندا آهيون يا ڪا ٽيڪنالاجي ايجاد ڪندا آهيون ته اهو ذهني پورهيو هوندو آهي. ڏندڪٿا جي ابتڙ اهو حقيقي هوندو آهي. جتي ڏندڪٿا ڪنهن مقدس ورثي يا وڃائجي ويل جنت جي ڳولا لا پيٺان نهاريندي آهي، اُتي وري منطق (logos) اڳيان نهاريندو آهي، اهو هر وقت ڪنهن نئين شي جي دريافت ۾ لڳل هوندو آهي. پراڻي سوچ جي ڇنڊڇاڻ ڪندو آهي، حيرت انگيز ايجادون ڪندو آهي ۽ وايومنڊل کي قابو ڪرڻ لا وڏي صلاحيت حاصل ڪندو آهي.
ان هوندي به ڏندڪٿا ۽ منطق (logos) ٻنهي جون پنهنجيون پنهنجيون اوڻايون آهن. جديد دنيا کان اڳ جي ماڻهن جو خيال هو ته ڏندڪٿا ۽ دليل لازم ملزوم هئا. ٻنهي جو الڳ دائرو هو، ٻنهي جي الڳ الڳ قابليت هئي ۽ انسان کي سوچڻ جي انهن ٻنهي طريقن جي ضرورت هئي.
هڪ ڏندڪٿا ڪنهن شڪاري کي اهو ته نٿي ٻڌايو ته هو شڪار ڪيئن ڪري يا سفر جي ڪهڙي تياري ڪري. پر ان کيس جانورن جي مارڻ جي حوالي سان پيچيده جذبن کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ٿي ڪئي. منطق (logos) عملي ۽ عقلي حوالي سان برجستو هو، پر اهو انساني زندگي جي قيمت يا انساني ڏک ۽ پيڙها جهڙن سوالن جو جواب نه ٿي ڏئي سگهيو. ان ڪري شروع کان ئي homo sapiens سمجهي ويو ته ڏندڪٿا ۽ منطق (logos) جو الڳ الڳ ڪم آهي. هٿيار ٺاهڻ لا هن منطق جو استعمال ٿي ڪيو ۽ زندگي جي ڏکائيندڙ حقيقتن کي منهن ڏيڻ لا هن ڏندڪٿا جو استعمال ٿي ڪيو.
التميرا ۽ لاسڪاڪس جي غارن ۾ موجود غيرمعمولي تصويرون پٿر واري دور جي انسان جي روحانيت جو حيرت ۾ وجهندڙ ڏيک ڏين ٿيون. هرڻن، ڦاڙهن ۽ گڏهن، جانورن جو ڏيک ڏيندڙ شمن ۽ ڀالا کنيل شڪارين جون تصويرون وڏي خيال ۽ مهارت سان غارن ۾ چٽيون ويون. اهي غارون ئي پهريان مندر ۽ عبادتگاهون هيون. انهن غارن جي سمجهاڻي جي حوالي سان وڏا علمي بحث ٿيا آهن، گهڻو ڪري اهي تصويرون مڪاني ماڻهن جي بهادري جا قصا هوندا، جن جي اسان کي ڪڏهن به خبر نه پئجي سگهندي. پر يقيني طور اهي منظر جيڪي غارن تي خوبصورتي سان چٽيل آهن ماڻهن جي ديوتا سان ۽ مقدس جانورن سان غير معمولي ميل ميلاپ جي عڪاسي ڪن ٿيون. پانڌيئڙن کي زمين ۾ کوٽيل کاهين ۾ ايتري تائين بانبڙا پائي هلڻو پوندو هو جيتري تائين انهن عبادتگاهن تائين نٿي پهتا، اهي ويتر ئي اونداهي گهراين ۾ هليا ويندا هئا جيتري تائين انهن چٽيل جانورن جي روبرو نٿي ٿيا. هتي اسان کي شمن جي پيچيده تصورن ۽ خيالن جي سفر جي ڄاڻ به ملي ٿي. انهن شمن وارين رسمن ۾ غارن اندر ناچ گانو ٿيندو هو، اهو ٻئي دنيا ڏانهن سفر هو جنهن جي شروعات پاتال سان وڃڻ سان ٿيندي هئي ۽ اتي جادوئي ڏسا ۾ جانورن سان رابطو ٿيندو هو، جيڪو هن ظاهري ۽ ڪريل دنيا کان الڳ ٿلڳ هو.
اهو تجربو اڻڄاڻ ماڻهن لا ڏاڍو سگهارو هوندو، جن اڳ ڪڏهن غارن جو سفر نه ڪيو هوندو ۽ اهو به لڳي ٿو ته انهن غارن کي افتتاحي رسمن لا ڪم آندو ويندو هو، جنهن کانپو نوجوان شڪاري ٿيندا هئا. ان آڳاٽي دنيا جي مذهبن ۾ اهي افتتاحي رسمون بنيادي نقطو هيون ۽ اڄ جي روائتي سماجن ۾ به اهميت واريون آهن. مرد ٿيڻ لا اڄ به قبيلائي سماجن ۾ نوجوان ڇوڪرن کي سندن مائرن ۽ برادري کان الڳ ڪيو ويندو آهي ۽ کين ڏکاين مان گذاربو آهي. شمن جي سفر جيان هي به مرڻ ۽ ٻيهر زندهه ٿيڻ وارو عمل هوندو آهي: ڇوڪري کي ٻالڪپڻي کي ماري جواني واري ذميواري واري دنيا ۾ داخل ٿيڻو پوندو آهي. افتتاحي تقريب ۾ حصو وٺندڙ نوجوانن کي زمين ۾ يا قبر ۾ پوريو ويندو آهي ۽ کين ٻڌايو ويندو آهي ته هنن تي راڪشس حملو ڪندا يا ڪنهن بدروح هٿان قتل ٿي ويندا. کين ڏاڍي تڪليف ۽ اونداهي کي منهن ڏيڻو هوندو آهي. اڪثر انهن جي طهر ڪرائي ويندي آهي يا (هنن جي جسمن تي) ڪڏهن نه مٽجندڙ تصويرون (tattoos) ٺاهيون وينديون آهن. اهو تجربو اهڙو ته ڏکائيندڙ ۽ ايذا ڏيندڙ هوندو آهي جو نوجوان سدائين لا مٽجي ويندا آهن. نفسياتي ماهر ٻڌائين ٿا ته ان قسم جي اڪيلائي ۽ محرومي شخصيت ۾ رڳو تباهه ڪندڙ بي ترتيبي نٿي آڻي، پر جيڪڏهن ان کي صحيح نموني قابو ڪيو وڃي ته ماڻهو ۾ لڪل گهرين طاقتن کي تعميري انداز ۾ ترتيب به ڏئي سگهي ٿي. ان ڏکي منزل جي پڄاڻي تي اهو ڇوڪرو ڄاڻي وٺندو آهي ته موت نئين شروعات آهي. هو پنهنجن ماڻهن ڏانهن مرد واري جسم ۽ روح سان ورندو آهي. اڻٽر موت جي روبرو ٿيڻ سان هن کي خبر پوندي آهي ته موت به رڳو هڪ نئين وجود ڏانهن ويندڙ رستو آهي، هاڻي هو پنهنجي جان جوکم ۾ وجهي پنهنجن ماڻهن لا شڪاري يا ويڙهاڪ ٿيڻ لا تيار هوندو آهي.
اڪثر ڪري افتتاح وارين رسمن جي انهي ايذا دوران ئي اهو نوجوان پهريون ڀيرو پنهنجي قبيلي جي سڀ کان مقدس ڏندڪٿائن کي ٻڌندو آهي. اهو هڪ اهم نقطو آهي. ڏندڪٿا اهڙي ڪهاڻي نه آهي جيڪا ڏک يا ايذا واري ماحول ۾ ٻڌائي وڃي. ڇو جو اها مقدس ڄاڻ ڏيندي آهي، ان ڪري اها ناپاڪ دنياوي تجربي کان هٽي ڪري رسمن دوران ٻڌائي ويندي آهي ۽ ان کي رڳو روحاني ۽ نفسياتي حوالي سان ئي سمجهي سگهجي ٿو. ڏندڪٿا اهڙو بحث آهي جنهن جي گهرائي تائين پهچڻ جي ضرورت آهي. اسان کي ان لا تيار ٿيڻو پوندو ته ڏندڪٿا اسان کي هميشه لا مٽائي ڇڏي. ان کي سمجهڻ لا انهن شين جي ضرورت پئي ٿي جيڪي ٻڌندڙ ۽ ڪهاڻي جي وچ واريون رنڊڪون ختم ڪنديون آهن ۽ جيڪي کيس ان (ڪهاڻي) کي پنهنجائڻ ۾ مدد ڏينديون آهن. ذهني تبديلي بنا ڏندڪٿا پڙهڻ بلڪل ايئن آهي جيئن بنا موسيقي جي ڪنهن اوپيرا جا شعر پڙهجن. جيتري تائين ان کي ٻيهر تازو توانو ٿيڻ، مرڻ ۽ وري زندهه ٿيڻ واري پسمنظر ۾ نٿو ڏسجي ايتري تائين ڏندڪٿا ڪا به معنى نه ڏيندي.
(هلندڙ)