دنيا جي نمبر ون ٽينس اسٽار نواڪ جوڪووچ ڪورونا کان بچاءُ جي ويڪسين نھ ڪرائڻ سبب آمريڪا م رٿيل انڊين ويلز ٽينس ٽورنامينٽ مان نڪري ويو آهي. ميڊيا مطابق آمريڪا ۾ شيڊول عالمي ٽينس مقابلي ۾ شرڪت خاطر نواڪ جوڪووچ اختيارين کي ويڪسينيشن کان ڇوٽ جي درخواست ڏني هئي، جيڪا رد ٿيڻ بعد نواڪ جوڪووچ ايونٽ ۾ شرڪت کان ئي هٿ کڻي ويو آهي. ياد رهي تھ ويڪسين نھ ڪرائڻ سبب نواڪ آسٽريليا ۾ پڻ پابندين جو شڪار رهيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close