رانديون

پيٽ ڪمنز ڀارت خلاف چوٿين ٽيسٽ مان بھ نڪري ويو

ڀارت جي دوري دوران ٽيسٽ سيريز ۾ ڏکيائين جو شڪار آسٽريلوي ٽيم جو ڪپتان پيٽ ڪمنز چوٿين ٽيسٽ مان بھ نڪري ويو آهي، جنهن جي جڳهه تي قيادت اسٽيو سمٿ ڪندو. ميڊيا مطابق پيٽ ڪمنز جي والدا جي طبيعت خراب هجڻ ڪري هو ٽين ٽيسٽ کان اڳ ئي واپس آسٽريليا ويو هو، جنهن وڌيڪ وقت بھ ماءُ سان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هوڏانهن ڀارتي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سنيل گواسڪر چيو آهي تھ آسٽريلوي ٽيم کي ڀارت ۾ ڏکيائي آهي، تنهنڪري ٽيم جا سليڪٽر ذميواري محسوس ڪندي استعيفا ڏين. هن چيو تھ دستيابي نھ ڏيکاريندڙ رانديگرن کي بھ دوري ۾ شامل ڪيو ويو، جيڪا لاپرواهي آهي، تنهنڪري سليڪٽرز جي سيليڪشن تي سوال آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button