رانديون

ويمن نمائشي ميچن لاءِ تياري مڪمل، ڪمنتري پينل جو اعلان

پي ايس ايل سيزن 8 دوران ئي ويمن ليگ جون نمائشي ميچون ڪرائڻ جي تياري مڪمل ٿي وئي آهي، جنهن تحت سڀاڻي 8 مارچ تي پهرين کيڏي ويندي. ميڊيا مطابق پي سي بي اختيارين ويمن نمائشي ميچن جي حوالي سان ڪمنٽري پينل ۽ پريزنٽيٽرس جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت اسپورٽس صحافي زينب عباس ۽ ايرن هالينڊ پريزنٽيٽرز هونديون. ڪمنٽري پينل ۾ ثنا مير، عروج ممتاز، مرينا اقبال، ڊيني موريسن، وقار يونس، سائمن ڊول، ايلن وڪنس، سڪندر بخت ۽ ٻيا پينل ۾ شامل آهن. هوڏانهن سڀاڻي پنڊي جي ميدان تي پهرين ميچ ايمازون ۽ سپر ويمن ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي. ٻئي پاسي بسما معروف چيو آهي تھ ويمن ليگ جو ٿيڻ تاريخي موقعو آهي، جنهن سبب خوشي ٿي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button