تعليم جي نجڪاريءَ جو معاملو ڪُميءَ پير ئي سهي پر لڳاتار هلي رهيو آهي. تازو ئي ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جا امتحان تعليمي بورڊن بدران ٽِين ڌُر هٿان ڪرائڻ جو فيصلو به ان سلسلي جي ئي ڪَڙي آهي. حڪومت جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو ان ڪري ڪيو ويو آهي جو امتحانن ۽ رزلٽ جي معاملي ۾ بورڊن اندر تمام گھڻا گهپلا ٿيا آهن. امتحانن دوران ڪاپي ڪلچر جي ڌُم ۽ بعد ۾ نتيجا ٺاهڻ وقت پيسن عوض مارڪون ۽ گريڊ ڏيڻ جون شڪايتون تمام گھڻيون وڌي ويون هيون ان ڪري اهڙو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سمورن بورڊن جي اختيارين ڏانهن اهڙي قسم جو خط به لکيو ويو آهي.
عوام کي ڪفايت شعاري اختيار ڪرڻ ۽ گاهه کائي گذارو ڪرڻ جي تلقين ڪندڙ سنڌ حڪومت تعليم کاتو هوندي به يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن جي لاءِ الڳ کاتو کوليو آهي. هن وقت ان کاتي جو وزير نالي واري هاري اڳواڻ شهيد فاضل راهوءَ جو پٽ اسماعيل راهو ۽ سيڪريٽري محمد مراد راهمون آهي.
سنڌ ۾ ڪل 8 تعليمي بورڊ آهن. رپورٽ موجب گذريل ڇهن سالن کان انهن منجهان اڪثر ۾ سيڪريٽري، ڪنٽرولر ۽ آڊٽ آفيسر جي جاين تي جونيئر آفيسر مقرر ٿيل آهن يا وري اهي ڪنهن ٻئي اداري يا کاتي منجهان عارضي طور تي اتي مقرر ڪيا ويا آهن. جڏهن ته گذريل ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي کان پنجن بورڊن ۾ چيئرمين جو عهدو خالي پيو آهي. تعليمي بورڊن ۾ ملازمن، خاص ڪري اهم عهدن تي ويٺل آفيسرن جون نوڪريون عارضي هونديون آهن. ان ڪري ئي اهي ڪرپشن ڏانهن وڌيڪ جهڪيل رهن ٿا. جڏهن توهان جي نوڪري پڪي نه هجي، جڏهن توهان جو مستقبل غير يقينيءَ جو شڪار هجي ته پوءِ ڪرپشن ذريعي ٿوري وقت ۾ گھڻا پيسا ڪمائڻ جو خيال ته ضرور اچي ٿو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته تعليمي بورڊن ۾ ڪرپشن آهي. پر سوال اهو آهي ته ڪرپشن جي ضرورت ڇو ٿي پوي؟ هن ملڪ ۾ جڏهن سڀ ڪجهه پيسو بڻجي ويو آهي ته پوءِ ماڻهو هر ممڪن ڪوشش ڪري وڌ کان وڌ پيسو ئي ڪمائڻ جي ڪوشش ڪندو نه. عام ماڻهو بورڊ ۾ پيسا ڏئي پنهنجي اولاد کي اي ون گريڊ ڇو ٿو وٺي ڏيڻ چاهي؟ ان ڪري جو يونيورسٽين ۾ داخلا جي لاءِ پري انٽري ٽيسٽ دوران ٻار جو ميٽرڪ ۽ انٽر وارو گريڊ به ڳڻپ ۾ ايندو آهي. اوهان جي ٻار جي داخلا جو گھڻو دارومدار ان رزلٽ تي هوندو آهي. ان ڪري ماڻهو پنهنجو الهه تلهه کپائي به پنهنجي ٻارَ کي اي ون گريڊ وٺي ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن يونيورسٽيون اهو شرط ختم ڪن يعني داخلا جو معيار پري انٽري ٽيسٽ جي رزلٽ ئي هجي ته بورڊن اندر مارڪون ۽ گريڊ وڪڻڻ ۽ خريدڻ وارو ڌنڌو ئي بند ٿي ويندو.
پڙهندڙن کي ٻڌائيندا هلون ته لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄام شورو ۾ ايم بي بي ايس جي لاءِ 17 اميدوارن جون داخلائون رد ڪيون ويون آهن. اهڙي طرح ضيا الدين يونيورسٽيءَ 12 سو مارڪ شيٽون رد ڪيون آهن. ائين ئي دائود يونيورسٽيءَ جي داخلائن واري شعبي پڻ تمام گھڻيون مارڪ شيٽون رد ڪيون آهن يعني سنڌ جي مختلف تعليمي بورڊن خاص ڪري ڪراچيءَ کان ٻاهر وارين سمورين جاين تان ايندڙ مارڪ شيٽون مشڪوڪ آهن. يونيورسٽي اختياريون اهڙين مارڪ شيٽن جي جانچ ڪرائينديون آهن.
لياقت ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر اڪرام الدين اڄڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته مارڪ شيٽون لاڳاپيل بورڊن کان ويريفائي ڪرايوسين ته انهن منجهان 17 ڪوڙيون نڪتيون. هن چيو: مذاق اها آهي ته ساڳين ئي بورڊن بعد ۾ شاگردن کي سندن مارڪ شيٽون درست هجڻ جو ليٽر به جاري ڪيو. پر خير، اسان ته انهن ٻارن جي داخلا رد ڪري چڪا هئاسين. يونيورسٽي پنهنجي ان فيصلي تي قائم رهي.
دائود انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي وائيس چانسلر فيض عباسيءَ به ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته يونيورسٽيءَ ۾ داخلا جي خواهشمند شاگردن ۽ شاگردياڻين منجهان درجنين اهڙا اميدوار آهن جيڪي رهائشي به ڪراچيءَ جا، ميٽرڪ به ڪراچيءَ منجهان ڪئي اٿن پر انٽرميڊيٽ جو امتحان سنڌ جي ڪنهن ٻئي بورڊ منجهان پاس ڪري آيا آهن. ان منجهان به ظاهر آهي ته انهن ٻارن لاءِ ڪراچي بورڊ منجهان انٽر پاس ڪرڻ يا سٺين مارڪن سان پاس ڪرڻ ممڪن نه هو ان ڪري انهن انٽرميڊيٽ جو امتحان ڪراچيءَ بدران ڪنهن ٻئي هنڌان پاس ڪرڻ ۾ عافيت سمجهي.
تعليمي بورڊن اندر ڪرپشن جا قصا هونءَ ته لڪل ڪونه هئا پر لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ ان سلسلي ۾ تمام گھڻيون ڳالهيون ۽ حقيقتون ميڊيا اڳيان آنديون. گذريل سال کان وٺي سندس ذيلي عملي سان لاڳاپا ٺيڪ نه هجڻ ۽ هڪ ٻئي خلاف ڳالهائڻ، احتجاج ڪرڻ ۽ وٺ وٺان ڪرڻ جون خبرون عام هيون. هُن سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل کاتي کي خط لکي امتحانن واري ڪم کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي گذارش پڻ ڪئي هئي. چيئرمين صاحب ان خط ۾ لکيو هو ته مختلف ڪاليجن ۽ يونيورسٽين پاران ورتي ويندڙ پري انٽري ٽيسٽ جا نتيجا اها کول ڪن ٿا ته اسان جو امتحاني سرشتو ڪيتري قدر ڪمزور آهي. ان ۾ ڪرپشن ۽ پنهنجا نوازي ايتري حد تائين گھڙي آئي آهي جو جيڪو ٻار اسان جي بورڊ منجهان ميٽرڪ ۽ انٽر اي ون گريڊ ۾ پاس ڪري رهيو آهي اهو يونيورسٽين جي پري انٽري ٽيسٽ ۾ معمولي اسڪور به نه ٿو ڪري سگهي. ميمڻ صاحب جو خيال هو ته امتحاني عمل جي نجڪاريءَ وارو تجربو عارضي هوندو. يعني ٿوري وقت لاءِ ڪنهن ساک واري اداري کان اهو ڪم ورتو وڃي ۽ جڏهن بورڊ جو پنهنجو عملو اهو ڪم سکي وٺي ته اهو ڪم واپس بورڊ جي حوالي ڪيو وڃي. ويچاري کي اها خبر ڪانه هئي ته ريڊ مارڪر نالي نجي ڪمپني ان عمل کي مڪمل طرح پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ چاهي ٿي. جنهن جي لاءِ باخبر ۽ سگهارين ڌرين جو چوڻ آهي ته حڪومت امتحانن جي نجڪاريءَ جو ٺيڪو ان ڪمپنيءَ کي ڏيڻ جو پسِ پرده ٺيڪو ڏئي به ڇڏيو آهي. حڪومت ان سلسلي ۾ سپرا ايڪٽ ۾ ترميم جو فيصلو به ڪري ڇڏيو آهي جنهن منجهان ائين پيو لڳي ته اها امتحاني عمل جي نجڪاريءَ واري معاملي تي پختي ارادي سان بيٺي آهي. حڪومت ان کي ائين پيش ڪري رهي آهي ڄڻ اهو فيصلو ڪاپي ڪلچر جو خاتمو ڪرڻ، امتحاني سرشتي کي ٺيڪ ڪرڻ ۽ سنڌ جي شاگردن جو مستقبل روشن ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. ڇا واقعي؟ ڇا حڪومت سڌري وئي آهي؟ ڇا اها واقعي به ادارن کي سڌارڻ چاهي ٿي؟
تعليمي، تدريسي سرشتي کي ٺيڪ ڪرڻ کان سواءِ امتحاني سرشتي کي ٺيڪ ڪرڻ سان ڪا چڱائي ٿيندي ڇا؟ اهو ته ائين آهي جيئن رونبي واري عمل کي ٺيڪ ڪرڻ بنا لاباري واري عمل کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. سموري سماج ۾ ڪرپشن کي موجود رهڻ ڏيندي رڳو تعليمي بورڊن منجهان ڪرپشن ختم ڪرڻ واري ڳالهه ائين ئي آهي جيئن تبليغي جماعت وارا چوندا آهن ٻين کي ڇڏيو، توهان رڳو پنهنجو پاڻ کي ٺيڪ ڪريو. ۽ سندن نظر ۾ پنهنجو پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻ جو مطلب هوندو آهي نماز پڙهڻ ۽ تبليغي جماعت ۾ شامل ٿي وڃڻ. هاڻي ڪير کانئن پڇي ته بابا جيڪڏهن سڀ جا سڀ تبليغي جماعت ۾ شامل ٿي وياسين ته گڏهه ڪير هڪليندو؟
جيتري قدر پيسا ڏئي گريڊ يا مارڪون وٺڻ جو سوال آهي ته اهو اڳتي به هلندو رهندو. جيڪڏهن نجي ڪمپني نتيجا بورڊ جي حوالي ڪندي ته بورڊ پيسا وٺي اهي نتيجا تبديل ڪندو. جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته ماڻهو ان نجي ڪمپنيءَ تائين به اثر رسوخ استعمال ڪندا. جيئن انهن اين ٽي ايس ۽ آئي بي اي پاران مختلف نوڪرين لاءِ ورتل انٽرويو دوران ڪيو. انهن امتحانن دوران مختلف سينٽرن تي تمام گھڻيون بيقاعدگيون نوٽ ڪيون ويون. انهن امتحانن جي نتيجي ۾ اهڙا ماڻهو به ماستر ٿي ويا آهن جيڪي ڪلارڪ بڻجڻ جهڙا به نه هئا. ان ڪري اهو سمجهڻ ته حڪومت جو ارادو بورڊن منجهان ڪرپشن ختم ڪرڻ جو آهي يا امتحانن جي نجڪاريءَ جي فيصلي کان پوءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. بورڊ سڌري ويندا. تعليم جو ستارو چمڪندو ۽ اسان جي ٻارن جو مستقبل روشن ٿي ويندو محض سادن ماڻهن جو ڪم ٿي سگهي ٿو. هيءُ ملڪ جيڪو ننهن کان چوٽيءَ تائين ڪرپشن ۾ ٻڏل آهي. جتي پنهنجا نوازيءَ جي بيماري گهر ڪري وئي هجي اتي اها توقع رکڻ ته بورڊ ڪرپشن کان پاڪ ٿي ويندا يا امتحانن دوران سختي ڪري تعليم کي سڌاريو ويندو بلڪل ٻاراڻو خيال آهي ان سان بس اهو ٿيندو ته غريبن جا ٻار اڳتي ميٽرڪ به پاس نه ڪري سگهندا. اميرن جي ٻارن کي وري به رعايت ملندي يا اهي پيسن عوض گريڊ خريد ڪندا. بس اهو فرق ٿيندو ته هاڻي مُلهه مهانگو ٿي ويندو. هڪڙن ماڻهن جو اهو خيال آهي ته هن سال سختي ٿيندي ته ٻارَ ايندڙ سال محنت ڪندا. سوال اهو آهي ته ٻارَ هاڻي محنت نه ٿا ڪن ڇا؟ ٻارن جي محنت جو مسئلو آهي ئي ڪونه. پڙهندڙ ٻارَ هاڻي به پڙهن پيا. کين پڙهايو نه پيو وڃي. کين نتيجا ڏيندڙ طريقي سان نه پيو پڙهايو وڃي. ان ڪري ئي اها حالت ٿي آهي. جيسيتائين پڙهائڻ واري عمل کي ٺيڪ نه ڪيو ويندو، امتحاني عمل کي ٺيڪ ڪرڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ئي رهنديون.