رانديون

نيپال ون ڊي ۾ يو اي اي کي شڪست ڏئي ڇڏي، آصف خان جي سينچري ضايع

نيپال جي ڪرڪيٽ ميچ ڊي ايل ايس ميٿڊ تحت ون ڊي ۾ 9 وڪيٽن تي يو اي اي جي ٽيم کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ٽھ ملڪي ون ڊي سيريز جي آخري ميچ ۾ يو اي اي 6 وڪيٽن تي 310 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ آصف خان 11 ڇڪن سان 101 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ ورتيا ارونڊ بھ 94 رنسون ڪيون، ڪپتان محمد وسيم 63 رنسن سان نمايان رهيو. جڏهن تھ برسات سبب راند 44 اوورن تائين محدود بڻائي 261 رنسن جو هدف رکيو ويو، جنهن بعد نيپال جي ٽيم 6 وڪيٽن تي 269 رنسون ٺاهي ڪاميابي ماڻي ورتي، جنهن ۾ ڀيم شرڪي 67، عارف شيخ 52، ڪوشل ڀرٽيل ۽ گلسن جها 50، 50 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. يو اي اي جي بالر جنيد صديقي 3 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button