
پي ايس ايل سيزن 8 جي ڪواليفائر ميچ ۾ ملتان سلطانز جي ڪپتان محمد رضوان پاران اشتهاري ڪمپني جو لوگو لڪائي کيڏڻ جي فرنچائيز حمايت ڪري ڇڏي آهي. فرنچائيز جي بيان ۾ چيو ويو آهي تھ ڪمپني سان ڪانٽريڪٽ پي سي بي ضابطن تحت آهي، ڪو رانديگر لوگو لڪائڻ چاهي ٿو تھ اهو سندس حق آهي.