رانديون

سعودي ۾ اٺن جي ڊوڙ، 5 ارب 95 ڪروڙ جا انعام رکيا ويا

سعودي عرب ۾ اٺن جي ڊوڙ جا مقابلا شروع ڪيا ويا آهن، جن ۾ 5 ارب 95 ڪروڙ رپين جا انعام رکيا ويا آهن، جيڪا رقم اٺن جي ڊوڙ جي حوالي سان تمام وڏي آهي. ميڊيا مطابق اٺن جي روايتي ڊوڙ ۾ دنيا جي سمورن ملڪن مان شوقين شريڪ ٿي رهيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ ڊوڙ جي انعام رقم 10 ڪروڙ 2 لک ڊالر آهي، جيڪا پاڪستاني رپين ۾ 5 ارب 95 ڪروڙ ٿئي ٿي. جڏهن تھ اٺن جي ڊوڙ دوران ئي خطي جي تاريخي ۽ ثقافتي شين جي نمائش بھ منعقد ڪئي ويندي، جنهن جي تياري مڪمل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button