رانديون

مچل اسٽارڪ جا 5 شڪار، آسٽريليا ڀارت کان ٻيون ون ڊي کٽي بدلو وٺي ڇڏيو

آسٽريليا ٻئي ون ڊي ۾ ڀارت کي 10 رنسن تان شڪست ڏئي بدلو وٺي حساب برابر ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڀارتي ٽيم ڪيگروز بالرن جا وار برداشت نھ ڪري سگهي ۽ 117 رنسن تي سڄي ٽيم ڍير ٿي وئي، جنهن ۾ 4 ڄڻا ٻڙي تي آئوٽ ٿيا، ويرات ڪوهلي 31 رنسن سان اڪيلي سر مزاحمت ڪئي، اڪشر پٽيل 29 ۽ وريندڙ جديجا 16 رنسن ٺاهي واپس هليا ويا. آسٽريليا جي بالر مچل اسٽارڪ 5 آئوٽ ڪري ڪاميابي جو بنياد رکيو، سين ايبٽ 3، ناٿن ايليس 2 وڪيٽون وٺي بيٽر قابو ڪري ورتا، جنهن سبب ڀارت وڏو اسڪور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو. 118 رنسن جي هدف پويان کيڏندي آسٽريلوي اوپنرن 121 رنسون ٺاهي ورتيون، جنهن سان ڀارت کي 10 وڪيٽن تان شڪست اچي وئي آهي، جنهن ۾ مچل مارش 66 ۽ ٽريوس هيڊ 51 رنسون ٺاهي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري آهي. جڏهن تھ مچل اسٽارڪ کي 5 وڪيٽون وٺڻ تي پليئر آف جو ايوارڊ ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button