پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ لڳ روڊ پار ڪندڙ ڇوڪرو ڪار جي ٽڪر ۾ فوت

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ويجهو ڪار جي ٽڪر سبب ڇوڪرو فوت ٿي ويو. اسلام ڪوٽ-ننگرپارڪر روڊ تي ڳوٺ آڏي جو تڙ وٽ نامعلوم ڪار روڊ ڪراس ڪندڙ ڳوٺ ولي تڙ واسي 16 سالن جي ڇوڪري تماچي ولد خان محمد هنگورو کي زوردار ٽڪر هنيو، جنهن سبب ڇوڪرو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسلام ڪوٽ اسپتال نيو ويو، پر هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، ڊاڪٽرن ڇوڪري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. پوليس موجب ڪار ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو آهي، ڳولا ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button