پاڪستانسنڌ

ڪلاسيڪل شاعر بخشل شاهه لڪياري جي ڪتاب جو مهورت، ڀيٽائون

دادو: سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو پاران سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعر بخشل شاهھ لڪياري جي ڪتاب “عشق عجب اعلان” جي مهورت جي تقريب حسيني پبليڪشن دادو جي سهڪار سان پريس ڪلب ۾ ٿي. صدارتي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻ معشوق ڌاريجو چيو ته سيد بخشل شاھه لڪياري سنڌ جو بهترين ڪلاسيڪل شاعر هو، سندس شاعري ۾ تصوف سان گڏ مذهبي رنگ، روايت ۽ جماليات جو سنگم موجود آهي، سوشل ويلفيئر کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر هدايت حسين شاهھ لڪياري چيو ته بخشل شاھه لڪياري ڪافي جو نهايت ئي پختو شاعر هو، سندس شاعري کي پڙهي ۽ ٻڌي هڪ پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ عجب قسم جو سڪون ۽ قرار محسوس ڪري ٿو. صحافي گلڻ ڀنڊ چيو ته شاعري اظهار جو بهترين ذريعو آهي، جيڪو کيس صدين تائين زندهه رکي ٿو. بهزاد سنڌي چيو ته سنڌ جو هي خطو جنهن کي ساهتي پرڳڻو سڏجي ٿو، اهو ٻولي ادب توڙي سياست يا جنگ جدل ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. ممتاز مصطفيٰ دوست چيو ته بخشل شاھه جي شاعري ۾ حسن، عشق ۽ تصوف تي گهڻو لکيو آهي. غلام حيدر گهايل چيو ته سندس شاعري پڙهڻ سان سڌ پوي ٿي ته صرف هن جي ٻولي مليل لفظن جو جڙا ۽ روانگي تمسيلات جو بهترين استعمال آهي. مھمانن ڊي ايس پي عبدالخالق وڳڻ، لطيف ردائي، گھايل لغاري، گلڻ ڀنڊ، غلام مصطفيٰ ۽ ھدايت حسين شاهھ ڪتاب جو مھورت ڪيو. مقالن جي نشست ۾ گھايل لغاري، زين کوسو، ممتاز مصطفيٰ دوست، صوفي خادم فقير مڱڻيجو، جاويد پنھور ڀيٽا پيش ڪئي. شاعرن عاشق دادوي، صدف حسيني، قاسم پنھور، ممتاز پاٽائي، ھمدرد اوڏ، امين پھوڙ، البر سولنگي، اميد سنڌي، صوفي حضور بخش، روح رڪڻائي، اسد ڪورائي، ارباب ملاح، راھب جمالي، امجد سولنگي، حضور بخش گوپانگ ۽ ٻين شعر پڙهي ڀيٽا ڏني.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button