پاڪستانسنڌ

دادو ضلعي ۾ 8 مهينن کان ٽرينون بند، سماجي تنظيم جو مارچ، ڌرڻو

دادو: پنجاب ۽ وفاقي حڪومتن جو سنڌ جي ماڻهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ برقرار آهي. 8 مهينن کان روهڙي، لاڙڪاڻو کان دادو ڪوٽڙي تائين ٽرينون بند آهن، پنجاب جي عوام کي سيوهڻ جي ميلي تي آڻڻ لاءِ ساڳئي ٽريڪ تان 3 اسپيشل ٽرينون ۽ مال گاڏي گذاري وئي. سماجي تنظيم جي سڏ تي مارچ ڪري ريلوي اسٽيشن آڏو ڌرڻو هنيو ويو. دادو ۾ سماجي تنظيم سيتا سرجڻهار فورم جي سڏ تي مشهور ميمڻ، علي حسن لنڊ ۽ گيانچند ٺاڪر جي اڳواڻي ۾ شهرين ۽ ٻين موندر ناڪو کان مارچ ڪري ريلوي اسٽيشن دادو اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ ريلوي اختيارين خلاف نعريبازي ڪئي. اڳواڻن چيو ته 8 مهينن کان روهڙي ۽ لاڙڪاڻي کان ڪوٽڙي تائين ٽرينون بند هجڻ سبب لکين ماڻهو ڳرا ڪرايا ڀرڻ تي مجبور آهن، پنجاب ۽ وفاق سنڌ جي ماڻهن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري رهيا آهن، ريلوي انتظاميا سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ريلوي ٽريڪ خراب هجڻ جو سبب ڄاڻائي 8 مهينن کان ٽرينون بند ڪيون، پر ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب جي ماڻهن کي سيوهڻ جي ميلي تائين پهچائڻ لاءِ 3 اسپيشل ٽرينون ساڳئي ٽريڪ تان گذر ڪري پهتيون، پنجاب مان ڪراچي تائين مال گاڏي به پهتي، پنجاب جي ماڻهن لاءِ ساڳئي ٽريڪ تي ٽرينون هلي سگهن ٿيون ته پر سنڌ جي ماڻهن لاءِ ٽرينون ڇو نه ٿيون هلايون وڃن. هنن چيو ته ٽرين جو سفر غريب ماڻهن لاءِ آسان ۽ سستو آهي، ٽرينون بند ٿيڻ سان لاڙڪاڻي کان ڪوٽڙي تائين 50 کان وڌيڪ ريلوي اسٽيشنن تي کاڌي پيتي سميت ٻين شين جا اسٽال لڳائيندڙ هزارين پورهيت بيروزگار بڻجي ويا آهن، سنڌ جي ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ شاگرد سنڌ يونيورسٽي سميت ٻين يونيورسٽين ڏانهن آساني سان سفر ڪندا هئا، سنڌ جي ٻهراڙي جا ماڻهو ڄامشورو، ڪوٽڙي ۽ ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ پورهيو ڪرڻ يا بيمار کي اسپتالن تائين پهچڻ لاءِ ٽرين جو استعمال ڪندا هئا، ٽرينون نه هلڻ سبب ٽرانسپورٽ مافيا اگهه ٻيڻا ٽيڻا ڪري ماڻهن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهي آهي. سنڌ سرڪار توڙي دادو ضلعي جي چونڊيل نمائندن کي ٽرينون بند هجڻ جو ڪوبه الڪو ناهي. هنن چيف جسٽس سنڌ کان معاملي جو نوٽيس وٺي ريلوي انتظاميا کان پڇاڻو ڪري سنڌ جي ماڻهن سان انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button