ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آمريڪا ڊائري: آمريڪا ۾ صحافت ۽ صحافتي ادارا

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

دنيا ۾ جتي به صحافت ٿئي ٿي، اتي پهريون سوال اهو ٿو پڇيو وڃي ته اها ڪيتري آزاد آهي ۽ ٻيو اهو ته اها پنهنجي رپورٽنگ ۾ ڪيتري شفاف آهي؟ آمريڪا ۾ جن به صحافتي ادارن ڏانهن وڃڻ ٿيو ۽ ڳالهه ٻولهه ٿي، اتي اها ڳالهه پڻ محسوس ٿي ته اُتان جا ادارا ڪنهن به ريت حڪومت يا ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي اشتهارن جا محتاج ڪونه آهن. جڏهن اهي سرڪاري اشتهارن جي محتاجي کان آجا آهن ته پوءِ اهي آزاديءَ سان صحافت ڪري سگهن ٿا. پنهنجي ڳالهه وڌيڪ اثرائتي انداز سان رکي سگهن ٿا. اهي اظهار جي آزاديءَ جو ڀرپور فائدو وٺي سگهن ٿا.
آمريڪا ۾ ريڊيو هجي، ٽي وي چينل يا اخبار يا وري ڪا ويب سائيٽ هجي. سڀئي ادارا صحافتي ذميواريون نڀائڻ ۾ وڏي جرئت جو مظاهرو ڪن ٿا. هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اها آزادي اسان کي پنهنجي ملڪ ۾ ڇو ناهي مليل آهي ۽ اسان جي ملڪ ۾ ٿيندڙ صحافت ايتري دٻاءُ ۾ ڇو آهي؟ اها ننڍن ننڍن دٻائن ۾ اچي صحافتي ذميواريون نڀائڻ بدران هٿيار ڦٽا ڇو ڪري ڇڏيندي آهي؟ ان جو هڪ جواب ته آمريڪي صحافت ۾ اها فائر وال آهي، جيڪا اتان جي صحافين جو ڀرپور دفاع ڪري ٿي. جيڪا ايڊيٽرن، رپورٽرن ۽ ٻين صحافين کي ڪهڙيون اسٽوريون رپورٽ ڪرڻيون ۽ ڪيئن ڪرڻيون آهن، ان جو تحفظ فراهم ڪري ٿي. اهي ڪيل فيصلا قانون موجب نيٺ پيشيور صحافي سرانجام ڏين ٿا. اسان وٽ ته نالي ماتر اظهار جي آزادي آهي. ان کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ آئين ۾ ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون شقون موجود آهن، جيڪي اصل ۾ ڪوڙڪيون آهن. انهن ۾ ڦاسڻ کان پوءِ ڪنهن به صحافي لاءِ آزاديءَ سان رپورٽنگ ڪرڻ يا لکڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.
آمريڪا ۾ پرنٽ ميڊيا جو مستقبل بهتر نظر نٿو اچي. گذريل ڪجهه سالن کان ڪيتريون ئي اخبارون بند ٿي ويون آهن ۽ ڪيتريون ئي اخبارون سُسي ويون آهن. تنهنڪري امڪان اهي آهن ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پرنٽ ميڊيا جلدي ڊجيٽل ميڊيا ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ اخباري صورت گم ٿي ويندي. اتان جو اڄوڪو نسل پرنٽ ٿيل اخبار کان نه ته واقف آهي ۽ نه ئي واقف ٿيڻ چاهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هو سوشل ميڊيا کي گهڻو استعمال ڪري ٿو ۽ ان کان سواءِ هو ان سڄي عمل کان بي خبر آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ وڌيڪ اهم سمجهيو ويندو هو. نيرن ڪرڻ وقت اخبار پڙهڻ ۽ ان مان مزو ماڻڻ هڪ عجيب معاملو هو. جيڪو هاڻي نه رهيو آهي. تنهنڪري پرنٽ ميڊيا سان واڳيل جيڪو اخباري ڪلچر آهي، اهو پنهنجا پساهه پورا ڪري رهيو آهي. سوشل ميڊيا ماڻهن کي وڌيڪ آزاديءَ جو احساس ڏياري رهي آهي ۽ آمريڪا ۾ فيس بوڪ بدران ٽوئيٽر تي هل هنگامو وڌيڪ متل هوندو آهي. جتي اهڙا اهڙا ٽوئيٽ به نظر ايندا آهن، جن جو حقيقت سان ڪو واسطو نه هوندو آهي. اهو سڀ آرٽيفيشل انٽيليجنس (هٿرادو ذهانت) وسيلي ڪيو ويندو آهي.
پر ٻئي پاسي سٺي ڳالهه اها آهي ته صحافت ۾ جديد طور طريقا رائج ٿي رهيا آهن. آمريڪا ۾ موجود صحافي يا صحافتي شعبي سان لاڳاپيل پروفيسر ڊجيٽل صحافت ۾ به نواڻ آڻي رهيا آهن. تنهنڪري ان سان ماڻهن لاءِ وڌيڪ آسانيون پڻ پيدا ٿي رهيون آهن ۽ ان کان سواءِ روزگار جا نوان موقعا به پيدا ٿي رهيا آهن.
آمريڪا ۾ ريڊيو کي اڄ به گهڻي اهميت آهي. ريڊيو جو مطلب رڳو اسان وانگر ايف ايم نه پر باقاعدي ريڊيو آهي. جتي اهڙا اهڙا شو ڪيا ويندا آهن، جن ۾ عوام جي مسئلن کي اجاگر ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ سياسي بحث مباحثا پڻ شامل آهن. ان ڪري ننڍن ننڍن اسٽوڊيوز ۾ قائم ڪيل ريڊيو ماڻهن لاءِ هڪ پاسي وندر جو ذريعو آهي ته ٻئي پاسي اهي ماڻهن جي مسئلن کي چونڊيل نمائندن تائين به پهچائي رهيو آهي.
ٿلهي ليکي پرنٽ ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي ڀيٽ ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو صحافي سٺا پئسا ڪمائي ٿو. ان جو پگهار سٺو هوندو آهي، ان کي مراعتون پڻ مليل هونديون آهن ۽ جڏهن به آمريڪا ۾ چونڊن جو وقت ايندو آهي، ان دوران جيڪا چونڊ مهم هلندي آهي، ان ۾ نه رڳو نيوز چينل سٺي ريٽنگ ماڻيندا آهن پر پئسو پڻ گهڻو ڪمائيندا آهن. آمريڪا جي سياست ۾ پئسو لڳائي سياست ڪري سگهجي ٿي پر سياست وسيلي پئسو نٿو ڪمائي سگهجي، ڇاڪاڻ ته اتي چونڊ مهم تمام گهڻي مهانگي آهي ۽ ان ۾ پئسو لڳائڻ کان سواءِ ڪاميابي ممڪن ڪونهي. اهو سڄو پئسو پهرين چونڊ مهم تي خرچ ڪيو ويندو آهي ته جيئن اميدوار وڌ کان وڌ ووٽ کڻي سگهي ۽ ماڻهن سان ڪيل وعدا پاڙي سگهي. تنهنڪري اتي سياست ڪو ڌنڌو نه پر هڪ ذميواري آهي. اتان جا چونڊيل نمائندا پنهنجا ٻيا ڌنڌا پڻ ڪندا آهن. اسيمبليءَ ۾ اهي مسئلا بيان ڪندا آهن ۽ انهن جو حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
آمريڪا ۾ ٿيندڙ صحافت ۾ اهڙي صحافت به ٿئي ٿي، جيڪي مثال اسان وٽ گهڻا آهن. جيئن اسان وٽ اينڪرپرسن ڀرتي ڪيا ويندا آهن ۽ اهي خاص ايجنڊا تي ڪم ڪندا آهن، ان ايجنڊا تي هلندي اهي پروپيگنڊا ڪندا آهن. اهو لاڙو آمريڪي صحافت ۾ به آهي پر اهو ايتري حد تائين ناهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۾ ڪم ڪندڙ صحافتي ادارا ساکائتا آهن. پر جڏهن ان قسم جا صحافي ميدان ۾ اچن ٿا ته انهن جي ڳالهه تي ڪن ڪونه ڌريا ويندا آهن ۽ سچ کي سمجهڻ وارا ماڻهو، سچ کي ڳولي به لهن ٿا.
پلٽزر سينٽر، پي بي ايس ۽ پوائنٽر جهڙا ادارا پنهنجي پر ۾ صحافت جي شعبي ۾ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن. اهي ادارا جتي جديد صحافت کي هٿي ڏئي رهيا آهن، اتي اهي خبر جي اهميت کي سمجهندي اها خبر نشر ڪن ٿا، جيڪا تصديق ٿيل هوندي آهي يا هڪ ذميوار رپورٽر ان کي رپورٽ ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته خبر يا ڪابه اسٽوري رڳو هڪ پاسي تي آڌاريل ڪونه هوندي آهي، ان جا ڪئين پهلو هوندا آهن، جيستائين ان کي ڇنڊي ڇاڻي پيش نه ڪيو ويندو تيستائين اها اڻ پوري سمجهي ويندي آهي.
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ صحافي ڪيترين ئي ڏکين حالتن ۾ رهي ڪم ڪن ٿا، انهن حالتن جي ڪري انهن کي پنهنجا ملڪ به ڇڏڻا پيا آهن ۽ انهن کي پناهه آمريڪا ڏيندو آهي. جتي آمريڪي آئين جي پهرين ترميم انهن کي ايتري آزادي ڏيندي آهي جو اهي جيڪي ڪجهه چوڻ ۽ لکڻ چاهين ته ڪوبه انهن کي روڪي نٿو سگهي.
ان سڄي صورتحال ۾ سوال اهو آهي ته ايندڙ وقت ۾ جيڪا صحافت اسان کي نظر ايندي، ان لاءِ اسان ڪيتري تياري ڪئي آهي؟ جديد صحافت جي گهرجن تي اسان جا ادارا ڪيترو پورو لهن ٿا. جن ادارن ۾ ڪنهن صحافي کي سب ايڊيٽر به رکيو ويندو آهي ته ان وٽ اپائنمنٽ ليٽر به ڪونه هوندو آهي. ان ڪري سنڌي صحافت کي به جديد کان جديد تر ٿيڻ جي تياري ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button