ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مظلوم انسانن کي جيئڻ سيکاريندڙ ميڪسم گورڪي

Editorial-Article- Nisar Leghari

اسين هن وقت جن حالتن مان گذرون پيا يورپ توڙي ٻي دنيا لا اهي نيون ناهن جنگ بک بدحالي افلاس سماجي قدرن جو وکرجڻ وغيره پر اتي ميڪسم گورڪي جهڙا اديب پيدا ٿيا جن ادب وسيلي پنهنجي تحريرن وسيلي جيئڻ جا نوان گس سيکاريا. هن سيکاريو ته زندگي ڪيتري خوبصورت آھي مشڪل کان مشڪل ترين حالتن ۾ زندا ڪيئن رهجي
سندس لکڻين ادب جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. هن وقت جيتوڻيڪ هو جسماني طرح اسان کان ڪافي سال اڳ وڇڙي ويو آھي پر سندس تحريرون سندس انداز بيان ايترو قهر جو آھي جو جيڪو کيس هڪ ڀيرو پڙھي ٿو هو ان کي بيچين ڪري ڇڏيندو آھي هن وقت تمام گهڻو پڙھيو ويندڙ اديب گورڪي آھي. روس جي آڪٽوبر انقلاب ۾ به سندس تمام وڏو ڪردار هو سندس تحريرن خاص طرح ما ناول سموري بالشويڪ پورهيت انقلاب کي ناول جي صورت ۾ سڀ ڪجهه سمجهائي ڇڏيو هو.
ميڪسم گورڪي هڪ يتيم لاوارث ٻار مان هڪ عظيم ليکڪ بڻجي ٿو اهو سندس ذاتي زندگي تي لکيل ڪتاب پڙھڻ کان پو معلوم ٿئي ٿو هو ڪيئن محنت مزدوري ڪندي ڪتاب پڙھندو رهي ٿو سخت مشقت کان پو وري جيڪو ڪتاب مليس ٿو اهو پڙھي ٿو.
هو ڪڏھن به اسڪول نٿو وڃي پر سندس فڪري سطح جي بلندي ڪردار سازي سماج توڙي ان ۾ موجود ڪردار کيس سيکارين ٿا هو پنهنجي زندگي ۾ آيل هڪ هڪ ڪردار کي امر ڪري ٿو ڇڏي سندس لکڻين ۾ اهو سبق ملي ٿو ته زندگي ۾ ڀلي ڪيتريون به تڪليفون اچن پر توهان کي انهن مان پار پوڻو آھي شڪست نالي ڪو لفظ سندس زندگي ۾ ناهي
گورڪي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ جنهن عظيم هستي جو بار بار ذڪر ڪري ٿو اها سندس ناني آھي هن کي جيڪي به ياد آھي ان موجب هو ناني کان زندگي جا ڪجهه سبق سکي ٿو خاص طرح مظلوم مجبور انسانن سان پيار ماڻھن جو احساس کيس ناني سيکاري ٿي جيڪڏھن هن جي ناني نه هجي ها ته شايد گورڪي زندا به نه رهي سگهي ها ڇو ته هن بي رحم دنيا ۾ کيس اهائي عظيم هستي کيس سنڀالي ٿي.

ميڪسم گورڪي پنهنجي پي جي لاڏاڻي کان پو پنهنجي ما کي مسلسل ڏکن ۾ ڏسي ٿو ان وقت به روس ۾ ماڻھو معمولي بيمارين ۾ مري ويندا هئا يا هميشا لا بيمار ٿي ويندا هئا جيئن هن وقت اسان جي سماج ۾ ٿئي ٿو. هزارين انسان مليريا بک ٽي بي ڪاري سائي ۾ مري ٿا وڃن پر حڪمران طبقن کي ڪو احساس نٿو ٿئي.
گورڪي جي ڪهاڻين مضمونن روس ۾ انقلاب لا زبردست حالتون پيدا ڪيون خود ميڪسم گورڪي بالشويڪ پارٽي جو ميمبر ٿي ڪم ڪري ٿو. هن انقلاب جي اهم خاصيت اها هئي جو هن جي اڳواڻي اديبن پئي ڪئي.

دنيیا جي مشهور ليکڪ، ناول نگار، خاص ڪري ناول “ماءُ” جي حوالي سان شھرت رکندڙ ميڪسم گورڪي 28 مارچ 1868 تي جنم ورتو. جڏهن ته 28 جون 1936 تي وفات ڪئي، ميڪسم گورڪي جو اصل نالو اليڪسي ميڪسيمووچ پیشڪوف ھو، ھي اڃان ننڍڙو ئي هو ته سندس والد وفات ڪري ويو، سندس ماءُ ٻي شادي ڪري ڇڏي ۽ جلد ئي بيمار ٿي وفات ڪري وئي، سندس نانا گورڪي کي گھران ڪڍي ڇڏيو، ھن پھرين جوتن جي ھڪ دڪان تي ڪم ڪيو، ان کان پوءِ ھڪ جھاز جي باورچي خاني ۾ ٿانو ڌوئي پيٽ گذر ڪيائين، ان باورچي ئي کيس ڪجهه تعليم ڏياري، ان کان پوءِ ھي ھڪ عورت وٽ نوڪري ڪرڻ لڳو، جيڪا موسيقي ۽ شعر و شاعريءَ جو شوق رکندڙ ھئي، گورڪي کي به ان وٽ ادب سان لڳاءُ پيدا ٿيو، ڪجهه عرصي ۾ هن جي دوستي ڪجهه اھڙن نوجوانن سان ٿي جن ھن کي انقلاب پسند بڻائي ڇڏيو، ان کان پوءِ ھي ڪجهه وقت ماسڪو ۾ رھيو، اتي ھي ھڪ وڪيل وٽ رھيو ۽ ان جي صحبت ۾ رھي ھي ڪھاڻيون لکڻ لڳو، سندس پھرين ڪھاڻي 1892 ۾ ڇپي 1898 ۾ سندس ڪھاڻين جا ٻه مجموعا شايع ٿيا، ان کان پوءِ ھي پيٽرزبرگ ۾ رھڻ لڳو، جتي ھن ڪارل مارڪس کي پڙهيو ۽ اشتراڪيت جي تعليم حاصل ڪئي. 1900 ۾ کيس ملڪ بدر ڪري نووگورود موڪليو ويو، 1905 ۾ انقلاب روس جي تحريڪ شروع ٿي ته کيس گرفتار ڪيو ويو، پر يورپ سميیت سڄي دنيا جي ناراضگي سبب گورڪي کي آزاد ڪيو ويو. ان کان پوءِ گورڪي آمريڪا ھليو ويو، ان کان پوءِ اٽلي ويو، سندس تصنيفن ۾ چلڪاس (1895)، ھم سفر (1896)، مالوا (1897)، ماءُ (1907) وغيره شامل آهن.

انتهائي غربت ۾ هجڻ ڪري ميڪسم کي 11 سالن جي عمر کان سخت محنت مزدوري ڪرڻي پئي، ننڍپڻ کان ئي ميڪسم جي زندگي ڏاڍي تلخ هئي جنهن جي ڪري هن پنهنجو تخلص ميڪسم گورکي رکي ڇڏيو هو روسي ٻولي ۾ لفظ گورکي جو مطلب تلخ آهي جڏهن ميڪسم سندس والد جو نالو هو.
ميڪسم گورڪي ادبي سرگرميون جلد شروعاتي دور ۾ ڪري ڇڏيون هنيون، نوجواني ۾ اُن پنهنجي زندگي جي باري ۾ ٽن حصن تي مشتمل لکڻيون لکيون هيون جنهن جا عنوان هي هيا، ننڍپڻ، ماڻهن جي وچ ۾ ۽ منهنجون يونيورسٽيون. اصل ۾ گورڪي ڪنهن به يونيورسٽي مان تعليم حاصل نه ڪئي هئي ميڪسم يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ لا ڪوششون ڪيون هيون پر انقلابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ڪري کيس ڪيترائي دفعا گرفتار ڪيو ويو هو ۽ پوليس سندس هر وقت نگراني ڪرڻ لڳي هئي جنهن ڪري هو يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. اُن ئي زماني ۾ گورڪي مختصر ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون سندس ڪوشش انتهائي ڪامياب ثابت ٿي، پنهجي ناولن ۽ ڊرامن ۾ ميڪسم گورڪي روس جي تاريخ ۽ اُن دور جي ڏکين حالتن ۽ نئين سماج جي وجود ۾ اچڻ جي باري ۾ تمام گهڻو تفصيل سان لکيو آهي اُنهن لکڻين جي ذريعي ميڪسم کي وڏي شهرت حاصل ٿي اُن جو مشهور ترين لکيل ناول ما آهي جنهن ۾ اُن نئين قسم جا ڪردار اُجاڳر ڪيا. عالمي سطح جي اديب جي حيثيت ۾ گورڪي ڪيترائي رزميه داستان لکيا. اُن کان علاوه ڪيترائي ڊراما جيڪي اڄ قابل توجهه آهن.
گورڪي اشتراڪي اصلاحن جو حامي هو هڪ فنڪار جي طور تي هو ملڪ جي نئين حاڪمن جي پاليسين کي تنقيد جي نگاهه سان ڏسندو هو هو ڊگهي عرصي تائين ٻين ملڪن ۾ ايندو ويندو هو، اُن ڪري اُنهن مختلف ملڪن ۾ ٿيڻ واري سماجي اُٿل پٿل جو جائزو وٺڻ جو موقعو مليو هو. جنهن ڪري هن جي ذهن ۾ هو ته روس جا نوان حڪمران ڪيتريون ئي غلطيون ڪري رهيا آهن، اُن باوجود ته حڪومت اُن کي پنهنجي تصورن جو ترجمان بنائڻ لا ڪوشان هئي پر پو به گورڪي حڪومت جا ڳڻ ڳائڻ ۾ ڪا به جلد بازي نه ڪئي.
ميڪسم گورڪي هڪ عظيم شخص هو، هو اخلاقي اصولن جو وڏو قدر ڪندو هو. هڪ غريب شخص مان وڏي اديب ۾ تبديل ٿيڻ باوجود اُن جي ماڻهن سان همدردي گهٽ نه ٿي، گورڪي عوام جي لا گهڻو ڪجهھ ڪيو هن کي ڪيترن ئي ماڻهن مالي ۽ نفسياتي مدد جون درخواستون ڪيون هن جو جيترو وس هلندو هو، اُنهن سڀني جي مدد ڪندو هو.
ميڪسم گورڪي جو نالو جيتوڻيڪ سنڌ ۾ نئون ناهي سندس لکڻين کي اڄ به سنڌ ۾ تمام گهڻو پڙهيو ۽ پسند ڪيو وڃي ٿو. ميڪسم گورڪي جي لکڻين جو سنڌي ٻولي سميت ننڍي کنڊ توڙي دنيا جي بي شمار غير ملڪي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. هن مشهور اديب جي ياد دنيا جي مظلوم قومن توڙي ملڪن ۾ اڄ به زنده آهي. مثال طور انڊيا جي شهر ڪلڪتا ۾ ميڪسم گورڪي جي نالي سان هڪ روڊ منسوب ڪيو ويو آهي. ڪيترن ئي ڪلبن کي ميڪسم گورڪي جو نالو ڏنو ويو آهي روس ۾ ڪيترائي روڊ، جهاز ۽ ٿيٽر وغيره گورڪي جي نالي سان منسوب ڪيا ويا آهن ۽ ڪيترن ئي شهرن ۾ سندس مجسما لڳايا ويا آهن.
ميڪسم گورڪي جو مشهور قول آھي ته انسان چَوَرائڻ لائق صرف اُھي ماڻهو آھن جن پنهنجي زندگي انساني ذھنن کي غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي هجي. ميڪسم گورڪي چوي ٿو ته دُنيِا ۾ چورن جا ٽي قسم ٿيندا آهن. عام چور، سياسي چور ۽ مذهبي چور. عام چور اُھو جيڪو پنھنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ رقم، سون، چوپايو مال، گھريلو سامان، گھڙيون، موبائيل فون وغيره چوري ڪندو آهي.
سياسي چور اُھو جيڪو توھان جو مُستقبل، خواب، خواهشون، زندگيءَ، حق، تعليم، اُجورو، قابليت، ساک، وقار، قوميءَ سرمايو ايتري قدر توھان جو ٽيڪس به چوري ڪندو آهي. ۽ توھان کي جھالت، اونداهيءَ ۽ اذيت ڏانهن ڌڪڻ جي پوريءَ ڪوشش ڪندو آھي.
مذھبي چور اھو آھي جيڪو توهان کي خُوبصورت دُنيا ۽ خوشيءَ، توھان کي ھمت ۽ طاقت، توھان کي سائنس ۽ علم، عقل ۽ دانش، صحت، مال ۽ ملڪيت جھڙين شين کان محروم ڪندو آهي. بدلي ۾ توھان کي وھم، لاعلمي، خوف، ذھني پريشاني، غُربت ۽ بدحالي، زندگيءَ کان بيزاريءَ ڏيئي اُن کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. اِنھن چورن جي ٽنھيءَ قسمن ۾ دلچسپ فرق اِھو آھي ته عام چور…. اوھان جو انتخاب ڪندا آهن. سياسي چور…. جو انتخاب اوھين ڪندا آھيو. مذھبي چور جي چُونڊ اوھان جي لاعلمي ۽ خوف ڪندو آهي. آخريءَ ۽ وڏو فرق اِھو آھي ته
عام چور جو قانون پوليس ذريعي پيڇو ڪندو آهي. گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي، ھٿڪڙيون ھٿ ۾ وجھي جيل ۾ وڌو ويندو آهي، سزا ڏني ويندي آهي.
پر سياسي ۽ مذھبي چور!! ٻئي قانون، رياست ۽ پوليس ذريعي محفوظ رھندا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button