لاهور: احسان الله جي خطرناڪ بالنگ شعيب اختر جون يادون تازيون ڪري ڇڏيون. شارجه ۾ کيڏيل ٽئين ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ هدف جي تعاقب ۾ بيٽنگ ڪندي افغان بيٽسمين نجيب الله زدران پاڪستاني پيسر احسان الله جي تيز باؤنسر جي ڪري زخمي ٿي پيو ۽ 11 هين اوور ۾ خطرناڪ بال تيزيءَ سان هيلمٽ جي اندران نڪري آيو ۽ ڪري پيو. ڪرڪيٽ جي مداحن کي اڳوڻي پاڪستاني بالر شعيب اختر ياد اچي وئي. ميچ کانپوءِ احسان الله زخمي ٿيل نجيب سان به ملاقات ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close