آمريڪا ۾ مقامي صحافت جي ڪيتري اهميت آهي، ان بابت اتان جا وڏا وڏا پروفيسر ۽ صحافي جڏهن ڳالهائين ٿا تڏهن اندازو ٿئي ٿو ته هتي ڪهڙن ڪهڙن مسئلن تي مقامي صحافت ڪئي وڃي ٿي ۽ ان جي اهميت کان انڪار ڪرڻ جو مطلب اتي آباد مقامي آباديءَ جي مسئلن کان منهن موڙڻ آهي.
مقامي صحافت جي حوالي سان هڪ سيشن ڊاڪٽر مارگاٽ سسڪا ورتو هو. مارگاٽ سسڪا اسڪول آف ڪميونيڪيشن ائٽ آمريڪا ۾ جرنلزم، اڪائونٽيبلٽي ۽ جمهوريت جي اسسٽنٽ پروفيسر آهي. هوءَ ميڊيا جرنلزم، خاص طور ڪارپوريٽ ميڊيا اونرشپ ۽ ان جا جمهوريت تي اثر، جي ماهر ليکي ويندي آهي. ڊاڪٽر سسڪا جي ڪم مان پتو پوي ٿو ته هوءَ اسڪالر ۽ استاد آهي. هن هڪ رپورٽر طور ڪنيڪٽيڪ، ميساچوسيٽس ۽ فلوريڊا ۾ ڪم ڪيو آهي، جتي هن تحقيقاتي جرنلزم ۾ سوسائٽي آف پروفيشنل جرنلسٽ لاءِ پروگرام ترتيب ڏنو. آمريڪا يونيورسٽيءَ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ ڊاڪٽر سسڪا فلوريڊا اي ائنڊ ايم يونيورسٽي ۽ فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ ۾ فيلڪٽي ميمبر طور پڙهايو آهي. جتي هن ماس ڪميونيڪيشن ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي. هاڻ هوءَ رپورٽنگ، ماس ميڊيا سماج ۽ تحقيقي، سينسرشپ ۽ جرنلزم جي اخلاقيات بابت پڙهائي ٿي.
سندس پڙهائي ۽ تحقيق کان سواءِ ڊاڪٽر سسڪا يونيورسٽيءَ کان ٻاهر به پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندي رهي آهي. هوءَ آمريڪن يونيورسٽيءَ جي هفتيوار جرنلزم ۽ ڊجيٽل اسٽوري ٽيلنگ ماسٽرز پروگرام 2015 کان 2020ع تائين هلائيندي رهي آهي. 2016ع کان هوءَ تحقيقاتي رپورٽنگ ورڪشاپ لاءِ ايڊيٽر طور ڪم ڪندي رهي آهي، جيڪو آمريڪا يونيورسٽيءَ ۾ هڪ نان پرافٽ نيوز روم آهي. هڪ ڪميونيڪشن ماهر طور ڊاڪٽر سسڪا اسيسر طور عالمي فيڪٽ چيڪ نيٽ ورڪ سان ڪم ڪيو آهي.
آمريڪن يونيورسٽي اسڪول آف ڪميونيڪيشن واشنگٽن ڊي سي ۾ واحد ادارو آهي، جيڪو صحافت، فلم ۽ پبلڪ رليشن جي حوالي سان عالمي معيار ۽ ڊجيٽل، انٽرايڪٽو ۽ سوشل ميڊيا تي ڪم ڪري ٿو. هي اسڪول ايم ايف اي، ايم اي ۽ بي اي جون ڊگريون، فلم ۽ ميڊيا آرٽس، انٽرنيشنل ميڊيا ۽ جرنلزم ۽ پبلڪ ڪميونيڪيشن ۾ ڪرائي ٿو.
ڊاڪٽر سسڪا جو چوڻ هو ته جڏهن اسين مقامي صحافت جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان جو مطلب اهو آهي ته ڪنهن به ضلعي يا شهر ۾ آباد ماڻهن جا ننڍي سطح تي ڪهڙا ڪهڙا مسئلا آهن ۽ انهن جا حل ڪهڙا آهن. جيستائين انهن مسئلن کي حل نٿو ڪيو وڃي يا انهن ڏانهن ڌيان نٿو ڏنو وڃي ته آمريڪا ۾ موجود جمهوري عمل به اڻپورو آهي. هن نه رڳو پنهنجي پريزينٽيشن وسيلي انهن مقامي مسئلن کي بيان ڪيو پر صحافت جي انهن پاسن کي به اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن تي ڳالهائڻ ضروري آهي.
مثال طور جڏهن ڪابه آبادي اهو محسوس ڪري ٿي ته ان جو ڪو چونڊيل نمائندو مسئلا حل نه ڪري رهيو آهي ته اهي مسئلا جڏهن اتان جي مقامي اخبارن، ريڊيو يا ٽي وي تي ظاهر ٿين ٿا ته انهن جي اهميت وڌي وڃي ٿي. آمريڪي صحافي آزاد صحافت کي آزاد جمهوريت سان ڳنڍيندا آهن. مقامي صحافت لاءِ ڊاڪٽر سسڪا جو چوڻ هو ته اها هاڻي ختم ٿي رهي آهي پر ٻئي پاسي سٺي ڳالهه اها آهي ته ڪي ماڻهو آهن جيڪي ان کي جيارڻ لاءِ ڪوششون ڪن پيا ۽ نوان ادارا قائم پيا ڪن. اهي نوان ادارا انهن ماڻهن جو آواز آهن، جن کي مين اسٽريم ميڊيا ۾ جاءِ نٿي ملي يا وري سندن مسئلن کي اهميت نٿي ڏني وڃي. سندس چوڻ هو ته صحافت جي وڏن وڏن اشوز ۾ مقامي ماڻهن جا مسئلا ظاهر نٿا ٿين جنهن سان آمريڪا جي جمهوري نظام تي وڏو اثر پوي ٿو.
ڪووڊ جي اچڻ کان پوءِ آمريڪا جا ڪيترائي صحافتي ادارا سخت متاثر ٿيا آهن. انهن مان ڪيترائي بند ٿي چڪا آهن. پر اهو رڳو ڪووڊ جو اثر ڪونه هو. ان کان اڳ به ڪيتريون ئي اخبارون جيڪي وڏي انگ ۾ ڇپجي پڌريون ٿينديون هيون. آهستي آهستي اهي سسي ننڍيون ٿي ويون ۽ ان کان پوءِ اهي بند ٿي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ صحافي بيروزگار ٿيا ۽ ان کان پوءِ اهي معاملا جيڪي اتان جون مقامي اخبارون رپورٽ ڪنديون هيون، سي به عوام تائين پهچڻ کان رهجي ويا.
تنهنڪري وڏين اخبارن لاءِ اهي معاملا بنهه غير اهم ٿي ويا آهن، جيڪي مقامي ماڻهن لاءِ وڏي اهميت وارا آهن يا وري انهن ڏانهن ڌيان ڏيڻ لازمي آهي. آمريڪا ۾ جمهوريت يا جمهوري حقن کي ان ڪري به اهم سمجهيو ويندو آهي جو اتي اظهار جي آزاديءَ جي وڏي اهميت آهي. تنهنڪري اتان جا ماهر ان تي ويساهه رکن ٿا ته جڏهن صحافت لاءِ رستا سوڙها ڪيا وڃن ٿا ۽ اهي ذريعا جيڪي خبر پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، جڏهن انهن جي نڙيءَ تي ننهن ڏنو وڃي ٿو ته پوءِ ڪئين معاملا آهن، جيڪي ايوانن تائين پهچڻ کان رهجي ويندا آهن. تنهنڪري مقامي سطح تي ٿيندڙ صحافت لاءِ وڌيڪ جاءِ پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کي ائين ننڌڻڪو نٿو ڇڏي سگهجي. پر مسئلو اهو آهي ته اهي ادارا پنهنجو پاڻ بچاءُ نٿا ڪري سگهن. انهن وٽ مالي وسيلن کي کوٽ هوندي آهي. تنهنڪري مقامي سطح تي ٿيندڙ صحافت جيتري ڪمزور هوندي آهي، عوام جا چونڊيل نمائندا اوترو ئي ماڻهن جي حقيقي مسئلن کان بي خبر هوندا.
آمريڪا ۾ هاڻوڪن ڏينهن ۾ صحافتي ادارن جي حالت ماضي جي ڀيٽ ۾ اڄ ڪجهه وڌيڪ ڪمزور نظر اچي ٿي. ان جا سبب سوشل ميڊيا ۽ ڊجيٽل ميڊيا آهن. جيڪي اخبار جي هارڊ ڪاپي کي گم ڪري رهيون آهن. هاڻ ماڻهن کي پل پل جي خبر بريڪنگ نيوز ٿي ملي ٿي. ان ڪري انهن لاءِ اها ڳالهه اهميت ڪونه ٿي رکي ته سندن نيرن مهل ڪافي يا چانهه سان گڏ اخبار ناهي ته ڪا ڳالهه ناهي. پر سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي خبرن جي جهان ۾ سچ کي ڳولڻ اڄ به مسئلو آهي. ڇاڪاڻ ته اتي ڪوڙ ايترا ڀيرا ورجايو ٿو وڃي جو ماڻهن کي اهو سچ لڳڻ لڳي ٿو ۽ اهي ان بابت تصديق ڪرڻ لاءِ به تيار نه هوندا آهن.
تنهنڪري مقامي سطح جا مسئلا رپورٽنگ وسيلي پيش ڪرڻ يا ماڻهن جي زندگيءَ سان واڳيل مسئلن کي اخباري صفحن تي جاءِ ان ڪري به ضروري آهي ته جيئن انهن جي زندگين جي معاملن کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي سگهي.
اسان جي ملڪ ۾ سنڌي ميڊيا کي مقامي صحافت چئي غير اهم سمجهيو ويندو آهي پر سنڌي ميڊيا هر ننڍي وڏي مسئلي کي بهتر نموني پيش ڪري ٿي. جڏهن ته اردو ميڊيا نه رڳو سنڌ جي اشوز کي تڪراري بڻائيندي رهندي آهي پر اها ڪوريج جي معاملي ۾ به پنهنجون ذميواريون ايمانداريءَ سان نڀائڻ لاءِ تيار ڪونهي. ڊاڪٽر سسڪا آمريڪا ۾ ٿيندڙ مقامي صحافت بابت ڳڻتي ۾ نظر اچي ٿي.
مون کانئس پڇيو ته ايندڙ وقت ۾ مقامي سطح تي ٿيندڙ صحافت جو ڪهڙو مستقبل آهي، ان جي اوج کي ڪيئن واپس ورائي سگهجي ٿو؟ هن وڏي اعتماد سان چيو، ان سوال جي جواب جي ڳولا آئون به ڪريان پئي پر في الحال ان جو ڪو جواب ناهي.