اسلام آبادپاڪستان

نيب چيئرمين جي نوڪري جا قاعدا ۽ ضابطا سپريم ڪورٽ جي جج جي برابر

اسلام آباد : قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين جي نوڪري جا قاعدا ۽ ضابطا سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج جي برابر ڪيا ويا. ان حوالي سان قانون ۽ انصاف جي وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ٿيل نوٽيفڪيشن مطابق نيب چيئرمين جي نوڪري جا شرط سپريم ڪورٽ جي جج جي برابر هوندا. ان ڏس ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت ٻڌايو ته وفاقي حڪومت نيب چيئرمين جي نوڪري جي شرطن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button