اسلام آبادپاڪستان

12 يا 16 آگسٽ کان پوءِ اسان جي حڪومت نه هوندي:راڻا ثناءُالله

اسلام آباد :وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 12 يا 16 آگسٽ کانپوءِ اسان جي حڪومت نه هوندي. 16 آگسٽ تي عبوري حڪومت اچي ويندي، اليڪشن ڪرائڻ ان جو ڪم آهي. ملڪ هن وقت ڏڦيڙ ڏانهن وڃي رهيو آهي، ان لاءِ عمران خان جي 10 سالن جي محنت آهي. ڪالهه ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُالله چيو ته ملڪ ۾ سياسي پارو گهٽ ٿيڻ گهرجي، ماڻهن کي معاملن جي حل ڪرڻ لاءِ مشاورت مان ڪم وٺڻ گهرجي. راڻا ثناءُالله چيو ته معاملا حل ڪرڻ لاءِ گريٽر ڊائلاگ جي ضرورت آهي، هڪ بيان ڏيڻ سان هي معاملو حل نه ٿيندو. ڊائلاگ ئي بهتر رستو آهي پر ان لاءِ درست لائحه عمل جوڙيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردي آئوٽ آف ڪنٽرول ناهي ٿي ۽ نه ئي ٿيندي. دهشتگردي موجود آهي، دهشتگرد پنهنجون ڪارروايون ڪري رهيا آهن، انهن کي چٿڻ لاءِ اسان جي فوج ۽ وزارت پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي. دهشتگردي کي ملڪ مان ختم ڪيو ويندو. هن چيو ته هڪ ڌر 10 سالن کان پنهنجي مخالفن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اهو شخص حڪومت ۾ هجي يا اپوزيشن ۾ مخالفن سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار نه آهي. جيڪڏهن اليڪشن جي تاريخ ڏني وڃي ۽ اسان اليڪشن ۾هليا وڃون ته گڏجي ويهي ڪهڙيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن؟ ويهي پهريان ڳالهه ٿيندي، سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو ڪندي ان جو احترام ڪيو ويندو. گهرو وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورين ڳالهين کي نظر ۾ رکي فيصلو ڪيو آهي، فيصلو آئيني ۽ قانوني طور تي درست آهي. هن چيو ته عمران خان جو هي قدم ملڪ لاءِ سٺو نه آهي، ان سان ملڪ ۾ بگاڙ پيدا ٿيندو، 8 آڪٽوبر تي جنرل اليڪشن ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button