اسلام آبادپاڪستان

جسٽس فائز خلاف ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف سُپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيوريٽيو ريويو ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. حڪومت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس جي پيروي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم قانون واري وزير کي ڪيوريٽيو ريويو ريفرنس واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ريفرنس جي نالي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهرڀاتين کي هراسان ۽ بدنام ڪيو ويو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس ڪو ريفرنس نه هو، اِهو هڪ انصاف پسند جج خلاف بغض رکندڙ عمران نيازي جي انتقامي ڪارروائي هئي. هن چيو ته اِهو ريفرنس عدليا جي آزادي تي راتاهو ۽ ورهاست ڪرڻ جي ڪِريل سازش هئي. نون ليگ ۽ اتحادي جماعتن اپوزيشن دور ۾ به اهڙي عمل جي مذمت ڪئي هئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عمران نيازي صدر جي آئيني منصب جو ان مجرماڻي عمل لاءِ ناجائز استعمال ڪيو. صدر عدليا تي حملي جي ڏوهه هٿيار ۽ ڪوڙ جو ڀائيوار بڻيو، پاڪستان بار ڪائونسل سميت وڪيل تنظيمن به ريفرنس جي مخالفت ڪئي هئي. ريفرنس بابت پاڪستان بار ڪائونسل سميت وڪيل تنظيمن جي راءِ جي قدر ڪريون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button