اسلام آبادپاڪستان

عمران کي وڏو رليف،ڪيس ۾ هڪ مهيني جي ڊگهي تاريخ ملي وئي

اسلام آباد :اسلام آباد جي مقامي عدالت توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي ڪيس ۾ هڪ مهيني جي ڊگهي تاريخ ڏئي ڇڏي. اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان جي خلاف توشا خانا ڪيس جي شنوائي ڪئي. ان دوران عمران خان جي وڪيل پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته اڄ به اسلام آباد بار جي هڙتال آهي جيڪا گذريل ٽن ڏينهن کان جاري آهي. ان تي امجد پرويز چيو ته وڪيلن جي هڙتال ۾ عمران خان ته شامل ناهي، جيڪڏهن جوابدار جو وڪيل هڙتال تي هجي ها ته عمران خان کي عدالتي ڪمري ۾ هئڻ گهرجي ها. ٽرائل جي اسٽيج تي جوابدار جي عدالتي ڪمري حاضري لازمي هوندي آهي. جيڪڏهن سندس وڪيل هڙتال ۾ وڃڻ چاهي ٿو ته عمران خان کي اچڻ گهرجي. ان موقعي تي عمران خان جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي حياتي کي خطرو آهي، حڪومت عمران خان کان سيڪيورٽي واپس وٺي ڇڏي آهي. چيف جسٽس اسلام آباد عمران خان جي سيڪيورٽي واپس وٺڻ جي رپورٽ طلب ڪئي آهي. هو سيڪيورٽي خدشن سبب عدالت ۾ موجود نه آهي، هو وڊيو لنڪ ذريعي به عدالت ۾ پيش ٿي سگهي ٿو، تنهنڪري عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وڃي. جڏهن ته ٻي عدالتي ڪارروائي جاري رکنداسين. وڪيلن جي دليلن تي جج پڇاڻو ڪيو ته گڏيل صلاح مشوري سان عدالتي شنوائي بابت ٻڌايو، ان تي وڪيل فيصل چوڌري چيو ته ڪهڙي تڪڙ آهي؟ رمضان کانپوءِ توشا خانا جي شنوائي رکو. خواجا حارث شنوائي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏني، جنهن تي عدالت ڌرين کي صلاح مشوري جي هدايت ڪندي وڌيڪ شنوائي 29 هين اپريل تائين ملتوي ڪندي عمران خان جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي. ان کانسواءِ عمران خان جي وڪيلن طرفان ڪيس شنوائي جوڳو هجڻ جي درخواست به داخل ڪئي وئي ۽ ايندڙ شنوائي تي توشاخانا ڪيس جي شنوائي جوڳي هجڻ تي دليل ڏنا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button