اسلام آبادپاڪستان

تمام گهڻي مهانگائي آهي،اسٽيٽ بئنڪ کي رياست اندر رياست بڻايو ويو:ڊار

اسلام آباد : ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار مُلڪ ۾ تمام گهڻي مهانگائي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا هن سال 13 ارب ڊالرن تائين وڌائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. پاڪستان جو پرڏيهي قرض گهٽجي ويو آهي، ڪوشش آهي ته ذخيرن ۾ بهتري آندي وڃي. پهريان به چيو ويو آهي ته معيشيت تي سياست نه ڪئي وڃي، چارٽر آف اڪانومي تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. سينيٽ ۾ ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته چين کي جيڪي ٻه ارب ڊالر واپس ڪيا اُهي ٻئي واپس اچي ويا ۽ وڌيڪ ڪجهه اچي رهيا آهن. جڏهن آءِ ايم ايف سان ٽيڪنيڪل ڳالهيون مڪمل ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته موجودا حڪومت هڪ ڏينهن لاءِ به پرڏيهي ادائگيون بند نه ڪيون آهن، سندن ڪوشش آهي ته هلندڙ سال اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 13 ارب ڊالرن تائين پهچي وڃن. سندس چوڻ هو ته 2017ع ۾ پاڪستان جي معيشت 24 هين نمبر تي هئي جيڪا 2024ع ۾ 47 هين نمبر تي اچي وئي، اِهو پنج سالن دوران ٿيو آهي جو معيشت ايترو هيٺ هلي وئي. اسان نااهلي ۽ غلط پاليسي جي ڪري اهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهيون. اسان گذريل حڪومت جي معاهدي کي ريورس ڪيو جنهن جي اسان وڏي قيمت ادا ڪري رهيا آهيون، انهن معيشت تباهه ڪري ڇڏي، کين معيشت تي سياست بند ڪرڻ کپي ۽ معاشي روڊ ميپ ٺاهڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ايوان اسٽيٽ بئنڪ ۾ ترميم ڪئي، اسٽيٽ بئنڪ کي رياست اندر رياست بڻايو ويو آهي. ناڻي واري وزارت ان کان بلڪل ڌار ٿي چڪي آهي. مانيٽري پاليسي مڪمل آهي، هو پنهنجي مرضي سان ريٽ فڪس ڪن ٿا، ناڻي واري وزارت جو ڪو به عمل دخل ناهي. اسحاق ڊار چيو ته چونڊن جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي، جيڪڏهن هاڻي چونڊون ٿيون ته پراڻين تڪبندين تي ئي ٿينديون. هاڻي جيڪڏهن ٻه حڪومتون ٺهي وڃن ته ڇا آڪٽوبر ۾ شفاف چونڊون ٿينديون؟ هن چيو ته آدمشماري 71 جهڙي ڪئي پئي وڃي، آدمشماري جيڪا 2017ع ۾ ڪئي وئي ايترا پيسا خرچ ٿيا ۽ ان تي اعتراض به هئا. هن آدمشماري ۾ به ترميم ڪرڻ لاءِ چيو ويو ۽ ترميم ڪئي وئي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته 2017ع ۾ به ترميمون آيون هيون، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ چونڊون پراڻي آدمشماري تي ٿينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button