اسلام آبادپاڪستان

مڃون ٿا ته ڪيتريون ئي مشڪلاتون اسان جون پنهنجون بڻايل آهن:بلاول

اسلام آباد :پرڏيهي وزير پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾قائم ڊپلوميٽڪ ڪور لا پرڏيهي وزارت ۾ ڏنل افطار ڊنر ۾ خطاب ڪندي چيو آهي ته رمضان جو مقدس مهينو هڪ اهڙي مهينو آهي جنهن ۾ پوري دنيا ۾مسلمان روزا رکندا آهن. هڪ مسلمان جي حيثت سان هي مهينو انهن جو احساس ڪرڻ سيکاري ٿو، جن وٽ وسيلا گھٽ آهن، معمول جي کاڌي، آسائشن تائين رسائي ناهي جن مان عام طور تي فائدو حاصل ڪيو ويندو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته سمورن معاشرن ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن فقط پاڪستان ۾ نه جيڪي يقين نه ايندڙ حد تائين مشڪل وقت ڏسي رهيا آهن. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته آئون تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ته ڪيتريون ئي مشڪلاتون اسان جون پنهنجو بڻايل آهن. اجتماعي طور تي گذريل حڪومت پاران اختيار ڪيل اقتصادي پاليسين جو حوالو ڏيندي اسان کي ڪافي فيصلن جا معاشي نتيجا کي منهن ڏئي رهيا آهيون جيڪي اسان جي اختيار ۾ناهن، ماڻهن کي ٻوڏ جي صورت ۾ موسمياتي تباهي جي تباهھ ڪندڙ اثرن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. جنهن ۾انهن جو ڪو به ڪردار ناهي خاص ڪري نوجوان نسل انهن فيصلن کي ڀوڳي رهيو آهي، جيڪي انهن ڪيا ئي ناهن. ڪووڊ جي وبا جيڪري جيڪا معاشي ڌٻڻ پيدا ٿي انهي کي پاڪستان نه پر پوري دنيا منهن ڏئي رهي آهي. دنيا جي جاگرافيءَ سياسي صورتحال به دنيا جي مسئلن ۾واڌارو ڪيو. رمضان جو مهينو اسان کي ياد ڏياريو ويندو آھي ته اهو ممڪن آهي ته اسان جي عملن جا نتيجا انهن کي ڀوڳڻا پوندا جيڪي شايد ايترا اختيار نٿا رکن جيترا اسان وٽ آهن. ان ڪري اسان وٽ موقعو آهي ته اسان انهن جي زندگين تي هاڪاري اثر وجهي سگهون ٿا جيڪي گهٽ خوش قسمت آهن اها اسان جي اجتماعي ڪوشش هجڻ گهرجي. چيئرمين بلال ڀٽو زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيا مري جي ڪاوشن کي ساراهيو. اسان ماڻهن جي گهٽ ٿيندڙ اميدن کي تقويت ڏيڻ لاءِ ڪوڊ 19 جي وبا جي دوران بي آئي ايس پي جي وجود جي نتيجي ۾ پيش ڪيل ناقابل يقين خدمت جو مشاهدو ڪري چڪا آهيون. جڏهن ٻوڏ آئي ته غريب جي مدد ڪرڻ جو موثر ذريعو بي آئي ايس پي هو جيئن ته اسين معاشي بحران مان گذري رهيا آهيون جڏهن ناڻي واري وزارت اڃان تائين آئي ايم ايف سان ڳالهيُون ڪري رهي آهي، ان سان گڏ ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو اهم ڪم اسان جي سامهون آهي. هي حڪومت مسلسل ڪوشش ڪري رهي آهي ته ان وٽ موجود وسيلن جي اندر رهي وڌ ۾ وڌ مدد ڪئي وڃي. پرڏيهي وزير چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ذاتي پيشوراڻي شعبن ملڪ کي فراھم ڪيل حمايت تي عالمي برادري اسان گڏو گڏ اتي موجود سفيرن جا به ٿورا مڃيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button