اسلام آبادپاڪستان

جسٽس امين طرفان معذرت،لارجر بينچ ُٽٽي وئي

اسلام آباد :سُپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بئنچ ۾ شامل جسٽس امين الدين پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ عدالت جي لارجر بئنچ ٽٽي وئي وئي آهي. جڏهن ته اليڪشن التوا ڪيس اڄ ٻيهر شنوائي لا مقرر ڪيو ويو آهي. بي بي سي موجب سپريم ڪورٽ جي عملي ٻڌايو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ عام چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو ڪيس اڄ شنوائي لا مقرر ڪيو ويو آهي، صبح ساڍي 11 وڳي شنوائي ٿيندي. ڪالهه سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينچ جڏهن شنوائي لاءِ آئي ته چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته جسٽس امين الدين خان ڪجهه چوڻ چاهي ٿو. ان موقعي تي جسٽس امين الدين خان ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، هن گذريل ڏينهن جي فيصلي کي نظر ۾ رکندي ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪئي. جسٽس امين الدين خان چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلي کي نظر ۾ رکندي ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪريان ٿو. جسٽس امين الدين خان جي ڳالهائڻ بعد بينچ ڪورٽ روم ۾ هلي وئي. جسٽس امين الدين خان طرفان معذرت ڪرڻ کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ ٽٽي وئي ۽ هاڻي ڪيس لاءِ نئين بينچ جوڙي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button