سنڌ

آئي بي اي ٽيسٽ جو نتيجو پڌرو، ساڍا 78 هزار اميدوار ڪامياب قرار، هڪ لک 53 هزار فيل ٿي ويا

آ بي اي سکر جي اداري ايس ٽي ايس 5 کان 15 هين گريڊ تائين نوڪرين لاءِ گريجوئيشن ڪئٽيگري ۾ ورتل لکت واري ٽيسٽ جو نتيجو پڌرو ڪري ڇڏيو، جنهن جا تفصيل ايس ٽي ايس جي ويب سائيٽ تي به جاري ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل نتيجي مطابق ٽيسٽ ڏيندڙ 2 لک 31 هزار 986 اميدوارن مان مجموعي طور 78 هزار 592 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا، جن گهٽ ۾ گهٽ 40 سيڪڙو مارڪون حاصل ڪيون آهن. ايس ٽي ايس مطابق گريجوئيٽ ڪئٽيگري جي ٽيسٽ ۾ هڪ لک 53 هزار 123 اميدوار فيل ٿيا آهن. ٽيسٽ ۾ پاس ٿيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 40 سيڪڙو مارڪون کڻڻ لازمي قرار ڏنو ويو هو. 21 جنوري 2023ع تي مختلف سينٽرن تي ورتل ٽيسٽ ۾ 133 اميدوارن بدران ٻين ماڻهن کي امتحان ڏيندي پڪڙيو ويو، جن کي بليڪ لسٽ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽيسٽ دوران 138 اميدوارن کي ڪاپي ڪندي پڪڙيو ويو. ايس ٽي ايس مطابق ميٽرڪ ۽ انٽر پاس اميدوارن کان ٽيسٽ مئي جي آخر يا جون جي شروعات ۾ ورتي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button