اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ هجي يا فل بئنچ، اسان وقت تي چونڊون چاهيون ٿا:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب ۽ پختونخوا ۾ 90 ڏينهن جي آئيني مدي اندر ٻيهر چونڊون ڪرائڻ وارو مطالبو ورجائيندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ ٺهي يا فل بئنچ، ان سان اسان کي ڪو فرق نٿو پئي، اسان رڳو اهو ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته چونڊون آئيني مدي (90 ڏينهن) اندر ٿي رهيون آهن يا نه. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران خان چيو ته اسان پنجاب ۽ خيبر پختونخوا اسيمبليون ٽوڙڻ کان اڳ پنهنجي آئيني ماهرن سان صلاح مشورو ڪيو هو، جن جي گڏيل را اها هئي ته 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ڪرائڻ واري آئيني شق جي ڀڃڪڙي يا ان کي پٺي نٿي ڏئي سگهجي پر هاڻي ڏوهاري ماڻهن تي ٻڌل امپورٽيڊ حڪومت، سندن سرپرستن ۽ انتهائي تڪراري بڻجي ويل اليڪشن ڪميشن آئين کي مذاق بڻائي ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته آئين جي مختلف شقن کي پنهنجي لا عمل جوڳو ۽ ٻين لا ناقابل عمل قرار ڏيندڙ هي گروهه اصل ۾ پاڪستان جي بنياد تي حملو ڪري رهيا آهي، جيڪو آئين ۽ قانون جي حڪمراني تي بيٺل آهي، هي ماڻهو اليڪشن کان ان حد تائين ڊنل آهن ۽ پنهنجي سزا ٻڌايل ليڊرن کي بچائڻ لا ايترو بيچين آهن جو دستور ۽ قانون جي حڪمران جي آخري علامت کي به مٽائڻ لاءِ تيار آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button