رانديون

نيشنل هاڪي اسٽيڊيم ۾ نئون سنٿيٽڪ وڇائڻ جو ڪم شروع ٿي ويو

لاهور جي نيشنل هاڪي اسٽيڊيم ۾ نئون سنٿيٽڪ وڇائڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق نگران وڏي وزير جي راندين بابت خاص صلاحڪار وهاب رياض اسٽيڊيم ۾ نئين سنٿيٽڪ وڇائڻ واري ڪم جو افتتاح ڪيو آهي. وهاب رياض ڳالهائيندي ٻڌايو تھ اسان هاڪي جي بحالي جي حوالي سان پهريون قدم کڻي ورتو آهي. هن چيو تھ هاڪي اسٽيڊيم ۾ سنٿيٽڪ وڇائڻ واري منصوبي تي 16 ڪروڙ رپيا خر ايندا. هن جو چوڻ هو تھ رانديگرن کي عالمي معيار جون سهولتون ڏئي هاڪي جي اوج کي واپس آندو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button