رانديون

آذربائيجان جهنڊو سڙڻ بعد آرمينيا مان ايٿليٽس سڏائي ورتا

آذربائيجان جي حڪومت ملڪ جو قومي جهنڊو سڙڻ جي واقعي بعد آرمينيا مان پنهنجي ايٿليٽس کي واپس ڏيهه سڏائي ورتو آهي. ميڊيا مطابق آرمينيا جي ميزباني ۾ هلندڙ يورپي ويٽ لفٽنگ مقابلن دوران هڪ شخص آذربائيجان جو جهنڊو ساڙيو، جنهن جي وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي آهي، اهڙي واقعي بعد آّذربايجان شديد احتجاج ڪندي چيمپيئن شپ ۾ شريڪ پنهنجا ويٽ لفٽر واپس سڏائي ورتا. آذربائيجان جي اختيارين جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي تھ هن قسم جي واقعي بعد چيمپيئن شپ ۾ رهڻ هاڻ ممڪن ناهي، ايٿليٽس واپس روانا ٿي ويا آهن. هوڏانهن آرمينيا آذربائيجان جي قدم کي رد ڪندي چيو آهي تھ واقعي کي فوري طور حل ڪيو ويو هو، چيمپيئن شپ مان نڪرڻ درست ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button