رانديون

رونالڊو جي النصر کي الهلال هٿان 2 گولن تان شڪست

سعودي پريميئر ليگ جي جاري مقابلن ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو جي ٽيم النصر ڪلب کي الهلال ڪلب جي ٽيم ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق الهلال جي رانديگر اوڊين اگالو 42 ۽ 62 منٽ دوران جارحاڻي راند کيڏندي 2 گول ڪري ٽيم کي ڪاميابي ڏياري آهي. جڏهن تھ ڪرسٽيانو رونالڊو جي ٽي النصر جا رونالڊو سميت سمورا رانديگر ڪوشش ڪرڻ باوجود گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. ياد رهي تھ هن ميچ ۾ رونالڊو پاران مخالف رانديگر کي ڌڪو ڏيڻ تي ڦڪو ڪارڊ پڻ ڏيکاريو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button