درياءَ ،ٻيلا، چشما، ريگستان، جبل، سمنڊ، برفاني سمنڊ، انسان، جانور ۽ پکين وارو ديس ڌرتي آهي. ان ڌرتي وارو گرهه هن وقت انساني ترقيءَ واري ڊوڙ ۾ سخت خطري هيٺ اچي چڪو آهي. هونءَ ته هن خوبصورت ڌرتيءَ جي پهرين سج جي ڪرڻن پوڻ واري ملڪ جي ناگا ساڪي ۽ هيرو شيما جي مٿان ايٽم بم جو استعمال به ٿي چڪو آهي ۽ ٻين ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ايٽمي بمن جو وڏو اسٽاڪ پڻ موجود ڪري رکيو ويو آهي. پهرين ۽ ٻي مهاڀاري جنگين جو مرڪز يورپ جا ملڪ رهيا آهن. هن وقت يورپ ۾ نه کٽندڙ يوڪرين ۾ جنگ هلندڙ آهي. انهيءَ جنگ ۾ ايٽمي حملي جي ڏنل چتاءَ کان پوءِ دنيا جي نوبل انعام حاصل ڪندڙ سائنسدانن جي هڪڙي گروپ خطري جي گهنٽي وارو وقت ٻڌائيندڙ سئيءَ جو ڪانٽو 90 سيڪنڊ اڳتي وڌائي ڇڏيو آهي. هن وقت دنيا ۾ سائنسدانن پاران زوردار بحث هلندڙ آهي، ته ڌرتي کي پهتل ۽ ٿيندڙ نقصان وارن ثبوتن کي ٻڌو. ڇو ته ان کان اڳ ۾ اهڙين سمورين نشانين جي باوجود وقت جي حڪمران اهڙيون سچيون ڳالهيون ٻڌيون اڻ ٻڌيون ڪندا رهيا آهن. صنعتي ترقيءَ واري آلودگي ۽ موسمي تبديلي واري پيدا ٿيل طوفان انهيءَ خطري واري گهنٽيءَ ۾ وڌيڪ تيزي آڻي ڇڏي آهي. ڌرتيءَ بابت گهڻي ڳڻتي ڪندڙن وري اهڙي صورتحال کان پوءِ ايندڙ دور جي انسان لاءِ ڪنهن ٻئي سياري تي لڏ پلاڻ جون رٿائون جوڙي ورتيون آهن.
سائنسدانن موجب ڌرتي سولر سسٽم جي 6 سيارن مان هڪڙو سيارو آهي. امريڪي کرب پتي ايلون مسڪ پنهنجي سڄي پونجي جو پنجاهه سيڪڙو مريخ تي لڏ پلاڻ ڪرڻ واري تحقيق ۽ ان لاءِ گهربل ٽيڪنالاجي تي خرچ ڪري رهيو آهي. موجوده ٽيڪنالاجي تحت ستن کان نو مهينا ڌرتيءَ کان مريخ تي پهچڻ جو سفر آهي. ايلون مسڪ ۽ خلائي تحقيق تي ڪم ڪندڙ ناسا ۽ دنيا جي ٻين ادارن جو چوڻ آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 2030 ۾ انسان کي مريخ تي رهائڻ لاءِ پهچايو ويندو ۽ ٻه هزار پنجاهه تائين ڏهه لک ماڻهن کي مريخ تي رهائڻ جو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو.
ڌرتيءَ کي آلودگي کان بچائڻ وارا اپاءَ
ڌرتي کي ما چيو ويندو آهي. مذهبي ڪتابن موجب انسان مٽي مان ٺهيل آهي. گهڻن مذهبن ۾ مرڻ کان پو انسان مٽي ۾ دفن ٿئي ٿو. سياستدانن وٽ ڌرتي بابت حب وطني وارو خيال رهيو آهي. هاري وٽ وري ڌرتي مان رزق ملڻ وارو خيال آهي. شاعرن جو ڌرتيءَ بابت هميشه خوبصورت خيال رهيو آهي. شاعرن ان کي مٽي منهنجي ما به سڏيو آهي ۽ مٽي اول، مٽي آخر، مٽي زنده باد پڻ سڏيو آهي. هوڏانهن سائنسدانن وري مٽي جي سائنس کي اهم قرار ڏنو آهي. ان کي هڪ جيئرو جاڳندو، بايوڊورسٽي سڏيو آهي. جنهن ۾ هوا، پاڻي، واري، ڀٿريلي مٽي، چيڪي مٽي، ريٽ ۽ سانپن جو گڏيل جهان سڏيو آهي.
1930 ۾ پهريون دفعو آمريڪا ۾ فصلن کي ڪيڙن کان بچائڻ لاءِ زهريلي دوائن جو استعمال ٿيو ۽ پوءِ سڄي دنيا جي ملڪن ۾ زرعي فصلن کي بچائڻ جي نالي ۾ زهريلي دوائن جو استعمال تيزي سان وڌيو. ڊبليو ايڇ او موجب هن وقت هڪ هزار کان وڌيڪ قسم واريون زهريلي دوائون موجود آهن. جن جو کاپو 2020 ۾ 2 پوائنٽ 66 ارب ڪلو گرام هو. ان ڪري دنيا ۾ ايڏي گهڻي زهريلي دوائن جي استعمال جي نتيجي ۾ زمين، جر جو پاڻي ۽ زرعي فصلن ۾ ڪيميائي زهر وڏي انگ ۾ وڌي ويو آهي. ان ڪري دنيا جي ڏاهن پاران نعرو هنيو ويو آهي ته گذريل صدي ڪيميائي صدي هئي ۽ هيءَ صدي حياتياتي صدي هوندي.
موسمي تبديلي
ڌرتي جي گولي تي وڌي ويل گرمي کان پو دنيا ۾ وڏي پيماني تي موسمي تبديليون اچڻ شروع ٿيون آهن. گرمي وڌڻ بابت تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته دنيا جا اهي ملڪ جتي گرمي پد پنجاهه ڊگري يا ان کان وڌ رهي ٿو. اتي 1980 کان 2009 تائين 14 شديد گرمي وارو ڏينهن رهندو آيو آهي. پر 2010 کان 2019 تائين ڪيل تحقيق موجب 26 شديد گرمي وارن ڏينهن تائين پهچي چڪا آهن. موسمي تبديلين سبب ڏڪار، ٻوڏون،زلزلا، جبلن مان لاوا نڪرڻ ۽ سامونڊي طوفان شامل آهن. سائنسدان چون ٿا ته انسان زراعت، ڪارخانن، جهازن جي اڏام، بمن جي تجربن جي ذريعي گرين هائوس گيس فضا ۾ داخل ڪري ٿو. قدرتي ٻيلا ٻارڻ طور استعمال ڪرڻ سان هڪ طرف وڻن جي وڍجڻ سان نقصان ٿيو، وڻن کي ٻارڻ طور ساڙڻ جي نتيجي ۾ ڪاربان گئس ۾ اضافو ٿيو آهي. ڏڪاري حالتن سبب دريائن جا وهڪرا گهٽجي رهيا آهن. ان سان خوراڪ جي ڪمي ۾ اضافو ٿيڻ لڳو آهي. سڀ کان وڏو معاملو پيئڻ جو پاڻي بڻجي ويل آهي. يونيسيف موجب دنيا ۾ ٻه ارب ماڻهو اهڙن ملڪن ۾ رهن ٿا، جتي پاڻي جي فراهمي ناڪافي آهي. 2025 ۾ دنيا جي اڌ آباديءَ کي پاڻيءَ جي کوٽ مان گذرڻو پوندو.
گم ٿي ويل درياءَ
موسمي تبديلي کان پو ٻوڏون ۽ ڏڪاري موسمون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن. ان جو وڏو اثر دنيا جي دريائن تي پوڻ لڳو آهي. دريائن جا وهڪرا تبديل ٿي وڃن ٿا ۽ ڪي دريا سڪي مورهيون ئي گم ٿي وڃن ٿا. گم ٿي ويل دريائن کي سائنسي اصطلاح ۾ چوري ٿي ويل دريا چئجي ٿو. سنڌ ۾ هاڪڙو دريا، پراڻ دريا، سرسوتي ندي جو گم ٿيڻ اسان جي تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي. سنڌ دريائن جي ڇوڙ وارو هنڌ هئڻ ڪري، سنڌ پراڻن دريائن جي ڍورن جو وڏو جهان پاڻ وٽ رکي ويٺل آهي. هر هنڌ پراڻا دريائي وهڪرن وارا ڍورا نظر اچن ٿا. ڏڪاري صورتحال سبب دريا سڪي وڃن ٿا، ته ان جو وڏو اثر زراعت تي پوي ٿو. ان ڪري ڌرتي جي گولي تي رهندڙ 8 ارب 45 لک انسانن جي خوراڪ جو مسئلو سامهون اچڻو آهي.
ڌرتي جي گولي کي خطرا
دنيا ۾ ڌرتي جي گولي کي اڄ جهڙي ريت خطرو دپيش آهي، اهڙو خطرو اڳ ۾ ڪڏهن به پيش نه ٿيو آهي. اهوئي سبب جو ان جي حساسيت کي محسوس ڪندي دنيا جا سائنسدان ڌرتي کي درپيش چيلينجن کي منهن ڏيڻ لا پهريون دفعو روڊن تي نڪري آيا. جڏهن اڳوڻي امريڪي صدر ٽرمپ ڪلائيميٽ چينج واري ڳالهه کي سائنسدانن جو خيال خيالي پلا ۽ شوشو سڏيو هو. امريڪا جي بجيٽ ۾ تحفظ ماحوليات جي خرچ جو 31 سيڪڙو گهٽائي ڇڏيو هو. سائنسدانن جي حمايت ۾ دنيا ۾ پهريون دفعو، آمريڪا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ لکين ماڻهو گڏ ٿي ويا هئا ۽ روڊن تي نعرا هڻڻ لڳا ته “ثبوت کي ٻڌو.” جنهن جي موٽ ۾ سوشل ميڊيا تي پڻ انهن سائنسدانن کي 10 لک ماڻهن جي حمايت حاصل ٿي. انهي تحريڪ جي نتيجي ۾ دنيا جي 69 ملڪن ۾ ريليون ڪڍيون ويون هيون. ماحوليات تي ڪم ڪندڙ دنيا جي 170 تنظيمن پاران انهي تحريڪ جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو هو.
پيرس معاهدي ۾ 200 ملڪن موجوده ڪاربان گهٽائڻ لاءِ آمريڪا تي پڻ دٻا وڌو هو.
اهوئي سبب هو جو دنيا جي سائنسدانن ڌرتي جي اهميت ڏانهن توجهه ڏيارڻ جي نتيجي ۾ اقوام متحده پاران 1970 ۾ ڌرتي جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو. هن وقت سرڪاري سطح تي 192 ملڪن ۾ ڌرتي جو عالمي ڏينهن ملهائجي ٿو.