پاڪستانسنڌ

ڪوٽڏيجي ڀرسان ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندي گولي لڳڻ ڪري نوجوان فوت

خیيرپور: ڪوٽڏيجي ڀرسان ڇوڏاهو ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاھيندي گولي لڳڻ سبب نوجوان فوت، گھر ۾ ڪھرام. خبر موجب ڪوٽڏيجي ڀرسان ڇوڏاھو ۾ 30 سالا نوجوان ظفر سومرو اوطاق تي پسٽل صاف ڪرڻ دوران ٽڪ ٽاڪ ٺاھي رھيو ھو ته گولي ڇٽڻ سبب فوت ٿي پيو. اطلاع تي پوليس ۽ وارثن لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته نوجوان جو مڙھه گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. نوجوان جي جنازي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ مٽن مائٽن شرڪت ڪئي، جنهن بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button