پاڪستانسنڌ

آخري خواهش آهي ته بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم ٿئي: آصف زرداري

نوابشاهه: اڳوڻي صدر زرداري ھائوس نوابشاهھ ۾ زرداري برادري سميت مختلف وفدن کي خطاب ڪندي چيو ته سندس آخري خواھش آھي ته بلاول ملڪ جو وزيراعظم ٿئي، جئين والد حاڪم علي بعد اوھان منھنجو ساٿ ڏنو، ائين بلاول ڀٽو ۽ آصفه ڀٽو جو ساٿ ڏجو، اسان کي حڪومت ملي ته نوجوانن کي روزگار ڏينداسين. ھن وڌيڪ چيو ته اسان حڪومت جو حصو آھيون پر اھم وزارتون جھڙوڪر ناڻي وزارت اسان وٽ ناھي، نوابشاهھ ۾ گھڻا ترقياتي ڪم ڪرايا آھن، اھو سلسلو جاري رھندو، ملڪ بچائڻ لا عمران خان کي ڪڍيو، مھانگائي وڏو چئلينج آھي. ھن زرداري برادري تي زور ڀريو ته اھي پاڻ ۾ ٻڌي قائم ڪن ۽ پنھنجي ايندڙ نسل لا سوچين. ھن چيو ته دل چوي ٿي ته سڀني سان ملان، پر ڪافي مسئلا آھن، ان لا اوھان کي پاڻ وٽ گھرايو آھي. ٻئي پاسي پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري عيد نماز زرداري ھائوس ۾ ادا ڪئي، نماز بعد عيد ملڻ لا آيل مختلف وفدن سان ملاقاتون ڪيون. نوابشاهھ ۾ قيام دوران گھڻو وقت پنھنجي وڏي نياڻي بختاور، ناٺي محمود چوڌري ۽ سندس ٻارن سان گڏ گذاريو، ان کان علاوه ھن پنھنجي والدين جي قبرن تي گلن جون چادرون چاڙھيون ۽ فاتح پڙھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button