بلاگسنڌ

بڪيراشريف ۾ حادثي ۾ زخمي نوجوان تي مبينا حملو، قتل، ڪيس داخل

بڪيراشريف/ شيخ ڀرڪيو: بڪيرا شريف ۾ روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان تي مبينا حملو ڪيو ويو، جنهن سبب نوجوان دم ڏنو، پوليس 13 ماڻهن خلاف قتل ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. بڪيرا شريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمعون ڪاتيار ويجهو مين شيخ ڀرڪيو-ٽنڊوالهيار روڊ تي صحافي غلام مصطفى ڪاتيار جو سئوٽ نوجوان راجا امجد ڪاتيار ويٺو هو ته مٿس تيز رفتار موٽرسائيڪل چڙهي وئي، جنهن سبب نوجوان زخمي ٿي پيو، حادثي بعد موٽرسائيڪل سوار شان ڪوري ۽ ڪاتيار ڌر جي ماڻهن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد زخمي کي ٽنڊوالهيار سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان وارث کيس حيدرآباد سول اسپتال کڻائي پهتا، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ٻئي پاسي مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جو نوجوان گهر ڀرسان روڊ ڪناري ويٺل هو ته شان ولد غازي ڪوري مٿس حملو ڪري موٽرسائيڪل مٿان چاڙهي ڇڏي، زخمي نوجوان کي مير کوکر (ڪوري)، شهمير (کوکر) ڪوري، گل (کوکر) ڪوري، وقار (کوکر) ڪوري، علي احمد کوکر (ڪوري) ۽ ٻين حادثي بعد وحشياڻو تشدد ڪيو، بعد ۾ فرار ٿي ويا، اسان زخمي نوجوان کي حيدرآباد سول اسپتال کڻائي پهتاسين، جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي موت جي تصديق ڪئي. هنن ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيار کان مطالبو ڪيو ته قاتلن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو. هوڏانهن نوجوان جي جنازي نماز درگاهه مڪان شريف تي ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ معززن، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين سميت وڏي انگ ۾ ماڻھن شرڪت ڪئي، نوجوان کي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ما حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن بڪيرا شريف ٿاڻي تي شير کوکر، مير محمد کوکر، گل حسن کوکر، رسول بخش کوکر، طارق کوکر، بابر علي کوکر، وقار، علي حسن، کوکر، ساجن کوکر، دلدار کوکر، گل محمد کوکر ۽ رجب کوکر خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button