پاڪستانسنڌ

دادو ۾ ڌار ڌار حادثا، معصوم نينگر فوت، 5 ماڻهو زخمي

دادو: دادو ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ نينگر فوت ۽ 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا. انڊس هائي وي تي تيز رفتار ڊاٽسن جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳي پيو، جنهن سبب جوهي واسي نينگر محمد صفر عرف پپو پٽ رجب علي ٿهيم ٿڏي تي فوت ٿي ويو، سندس گڏ سوار محمد نواز ۽ واجد ٿهيم زخمي ٿي پيا، اطلاع تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو، نينگر جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارث اباڻي شهر جوهي کڻائي ويا. وارثن موجب نينگر جوهي کان سيوهڻ قلندر لال شهباز جي درگاهه تي وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو. ٻئي پاسي سيتا واسي موٽرسائيڪل سوار 3 نوجوان گورک هل اسٽيشن تي گهمڻ ويندي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿي پيا، زخمي عامر پنهور، ڪامران پنهور ۽ ديدار پنهور کي ڳڻتي سول اسپتال دادو آندو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button